خميس , اپريل 3 2025
sd

” تاريخ ڇا آهي ؟ “

سنڌيڪار ؛ محسن ميمڻ
تاريخ جي متعلق هي به نظريو آهي ته هيءَ هڪ سائنس آهي جيڪو حال جي ئي پيداوار آهي .پر تاريخ جو اهو خيال ته اهو گذريل واقعن جو رڪارڊ آهي ۽ ايترو پراڻو آهي جيترو تحرير جو فن پراڻو آهي . تاريخ نڪته چينيءَ جو علم آهي اهڙي نڪته چيني جيڪا اسان کي انهيءَ قابل بڻائي ته اسان هي چئ سگهون ته مخصوص حالتن ۾ هڪجهڙا واقعا هڪڙيءَ طرح اثرپذير ٿيندا آهن . فرعونن جي مصر ۽ بوربونين جي فرانس ۾ هزارين سال وچ ۾ آهن پر هڪ مورخ وٽ مصر ۽ فرانس جي جاگيردار نظامن ٻنهي ملڪن ۾ هڪ جهڙا نتيجا پيدا ڪيا .جتي واقع نگار کي واقعن جي سببن ۽ نتيجن سان ڪو به مطلب ڪونهي اتي مورخ هڪ مخصوص دور جي واقعن جا سبب ۽ اثر بيان پيش ڪري ٿو . مورخ جي لاءِ ضروري ناهي ته اهو واقع نگار به هجي ليڪن واقع نگاري جي تحريرن کان سواءِ اهو پنهنجو تجزيو پيش ڪندو آهي . سوانح نگار جتي وڏن ماڻهن جي ڪاميابين ۽ ڪامرانين کي پيش ڪندو آهي اتي مورخ انهن وڏن ماڻهن جي ڪارنامن جي سببن ۽ نتيجن تي بحث ڪندو آهي . ليوناڊولف جي لفظن ” ڪيترائي ماڻهو جن ۾ بعض مشهور مورخ به شامل آهن نوع انسان جي ماضي ۾ صرف بعض فردن تي پنهنجي دلچسپيءَ کي مرڪوز ڪندا آهن . انهن وٽ يونان جي تاريخ عبارت آهي پرڪليز جي تقريرن ، سقراط جي سيرت ۽ سڪندر جي رومان پسندي سان . اهي ماڻهو جڏهن به تاريخ لکن ٿا ته انهن جي سامهون نوع انسان جي اجتماعي صورت ناهي هوندي بلڪه انهن جي دلچسپي انساني دل جي اسرار سان هوندي آهي . اهي ماڻهو جڏهن به ڪنهن دور يا ڪنهن قوم جي تاريخ لکن ٿا ته انهن جو موضوع بظاهر جنهن انساني معاشري جي ماضي هوندو آهي ليڪن هتي به اهي معاشري تي فردن جي اثرن کي اجاڳر ڪندا آهن . ان قسم جي سوانح نگارن ۽ نفسيات جي ماهرن عام طور تي تمام وڏا آرٽسٽ هوندا آهن . انهن جو ڪلام لک ڀيرا مفيد سهي پر انهن جو موضوع اهو ناهي جنهن کي مان تاريخ چوان ٿو “ .
ابن خلدون (1332_1406) کان پهريان يونانين ، رومين ۽ عربن وٽ واقع نويسي ۽ تاريخ نگاريءَ جا بلند پائي جا مثال ملن ٿا . ليڪن ان جو ڪمال اهو آهي ته اهو معاشري جي محرڪن کي نطر اڳيان رکي ٿو . ” ابن خلدون اهو تسليم نه ٿو ڪري ته واقعا ، سواءِ نظم ۽ ترتيب جي محض بخت ۽ اتفاق سان پيش ٿيندا رهيا آهن بلڪه اهو هي ثابت ڪندو آهي ته چند قانون اجتماعي حرڪت جا چوريندڙ هوندا آهن ۽ انهن قانونن تي بحث ڪرڻ لاءِ اجتماع جو مطالعو مطالعو ضروري آهي . اهو پنهنجي تاريخ جي مقدمي ۾ لکي ٿو ته تاريخ ظاهر ۾ زمانن ۽ سلطنتن جي روايتن کان اڌيڪ ڪا به حقيقت نه ٿي رکي . ليڪن باطن ۾ اها نالو آهي نطر ۽ تحقيق جو ، مخلوق ۽ ان جي اصول جي باريڪ تعليل (سبب) جو ، ان گهري علم جو تعلق واقعن جي ڪيفيتن ۽ ان جي سببن سان آهي . ان حيثيت سان ان جي رڳ ۽ ريشا حڪمت جي فن سان وابسته آهن ۽ تاريخ ان جي مستحق آهي ته ان جو شمار حڪمت جي علمن ۾ ڪيو وڃي “ .
نشات ثانيه جي تحريڪ اٽليءَ ۾ اهڙا مورخ پيدا ڪيا جن يورپ جي وچئين دور کي جهالت ۽ تاريڪيءَ جو دور سڏيو . انهن مورخن تاريخ کي داستان کان الڳ ڪيو ۽ ليکارين ۾ هڪ تنقيدي روح پيدا ڪيو . انهن تاريخ کي ڪليسائي پڪڙ کان ڇوٽڪارو ڏياريو . انهن اطالوي مورخن جو اثر يورپي ملڪن تي به پيو . تاريخ جو جائزو وسيع ٿيندو پئي ويو ته اڻويهين صديءَ جي ٻئين ڏهاڪي ۾ ادب جي رومانوي تحريڪ تاريخ نگارن کي به متاثر ڪيو . وچئين دور جي ڪليسائي زندگي خوش نما رنگن ۾ پيش ٿيڻ لڳي ، هر انهيءَ شئي کان نفرت سيکاري وئي جنهن کي فرانس جي انقلاب پيدا ڪيو هو . تاريخ نگاريءَ جي ان رومانوي تحريڪ ما ايترو فائدو ضرور پهتو ته وچئين دور جي يورپ جي تاريخ جا ڪيئي لڪل پاسا ظاهر ٿيا . جڏهن رومان پسند مورخ وچئين دور جا راڳ آلاپي رهيا هئا ته مورخن جي هڪ ننڍڙي جماعت تاريخ جي ماخذن جي ترتيب ۽ تدوين تي غور ڪري رهي هئي . اڻويهين صديءَ جي معاشي ، سياسي ۽ دستوري تحريڪن عوام کي تاريخ جو موضوع بڻايو . ان دور جو هر ناليوارو فلسفي يا مورخ ڪنهن نه ڪنهن طرح ارتقا جي نظريي کان متاثر لڳندو هو . هيگل انهيءَ نظريي کي دنيا جي چاٻي قرار ڏنو . هيگل جي ويجھهڙائيءَ واري خيال مطابق هر دور جي هڪ غالب تصور (دعوا) کي پنهنجي مخالف تصور (تضاد) سان ٽڪرائڻو پوندو آهي ۽ ان ٽڪراءَ ما هڪ نئون تصور (ترڪيب) پيدا ٿيندو آهي . هڪ عرصي کان پوءِ اهو نئون تصور غالب تصور جي صورت ڌاري پنهنجي مخالف تصور سان ٽڪرائجندو آهي . هيگل جي نزديڪي خيال موجب ٽڪراءَ جو اهو سلسلو ارتقائي آهي . هيگل جي هن فلسفياڻي سسٽم کي جدليات چئبو آهي . ڪارل مارکس ، جدليات کي هڪ فلسفياڻي سچائي ته مڃي ٿو پر هو اهو نه ٿو مڃي ته ٽڪرائجندڙ قوتن جو وجود صرف انساني ذهن ۾ هوندو آهي ڇو ته ان جي نزديڪي خيال موجب خارجي شين جو وجود ٻاهران پيدا ٿيندو آهي ۽ تصورَ ان بيروني مظهر جو عڪس هوندا آهن . هيگل جو تصوريت ، وجوديت ۾ بدلجي وڃي ٿي . مارڪس انساني معاشري جي تاريخ تي جدليات جو اطلاق ڪري جدلياتي (تاريخي )ماديت جو فلسفو پيش ڪري ٿو . تاريخي ماديت کي تاريخ جو معاشي نظريو به چوندا آهن . ان نطريي جي روءِ سان تاريخ هڪ معاشي عمل جو ناولو آهي جنهن ۾ پيدائش جي ذريعن جي تبديلي معاشري جي مجلسي تعلقات کي بدلائيندي آهي . پيدائشي ذريعن يعني معاشي عنصرن کي تاريخ جي تسلسل ۾ غلبو حاصل ٿيندو آهي .
آسولڊ شپنگلر انساني تاريخ کي تمدنن جي مختلف دورن سان تعبير ڪيو آهي . ان وٽ ” هر تمدن کي هڪجهڙين خارجي حالتن ۽ هڪجهڙن نتيجن سان منهن ڏسڻو پوي ٿو . هر تمدن جي شروعات مذهب ۽ سائنس جي انجام تي ٿيندي آهي “ . اهو ڪيترين صدين جي تاريخ کي هڪ جملي ۾ ختم ڪري ڇڏي ٿو . ” يوناني حدوديت جا ۽ مغربي يورپ جا رهواسي لامحدوديت جا قائل آهن سو يوناني تاجرن جا جهاز پري پري ڪنارن تائين ن پهچي سگهيا . پر مغربي يورپ جي رهواسين پنهنجين ٻيڙين جا رخ لامحدوديت ۾ ڦهلائي ڇڏيا“ .
ان باب جي عنوان جي جواب ۾ فلسفي ، سائنسدان ، مورخ ۽ تاريخ جو شاگرد تاريخ کي سائنس سمجهي يا آرٽ ، ان کي افسانو چوي يا حقيقت ان امر کي تسليم ڪرڻو پوي ٿو ته مورخ صحت جو معيار بلند هئڻ گهرجي ۽ ان کي انهن عنصرن کي نطر آڏو رکڻ گهرجي جيڪي واقعن جي باهمي لاڳاپن تي اثر انداز ٿيندا رهندا آهن . ڇو جو تاريخ (عمرانيات ، نسلن ، ) جي ئي هڪ شاخ آهي ان لاءِ واقعن جي سببن ۽ نتيجن جو تجزيو ڪرڻ وقت عمرانيات جي ٻين شاخن جو مطالعو تاريخ نگاريءَ کي نه صرف دلچسپ بڻائي ٿو بلڪه ان کي آفاقي رنگ پڻ بخشي ٿو . ڪنهن ملڪ يا قوم جي تاريخ کي ٻين ملڪن ۽ ٻين قومن جي تاريخ سان الڳ نه ٿو ڪري سگهجي . ڪنهن ملڪ يا ڪنهن قوم جي تاريخ اوچتو شروع ناهي ٿيندي . تاريخي واقعن ۾ باهمي ڳانڍاپو هوندو آهي . ان ڳانڍاپي کي اجاگر ڪندو رهڻ مورخ جي فرضن ۾ داخل آهي . تاريخي ادب جي مطالعي مان معلوم ٿي ٿو ته مورخن جي هڪ جماعت مخصوص طبقي جي حڪمرانيءَ جي جواز ۽ مفاد کي نطر اڳيان رکندي آهي . انهن مورخن هر ان تحريڪ ۽هر ان جماعت کي جيڪا انساني فلاح لاءِ متحرڪ هوندي آهي ، طرح طرح جا نالا ڏئي بدنام ڪيو .پاپين جي ڪري ڌڏکارن جي حقن تي به پڙدو وڌائون . تاريخي ادب جي انبار منجهان اهڙن ڪتابن جي به گهٽتائي نه آهي جنهن جي لکندڙن محڪوم ۽ مجبور قومن جي اسيريءَ ۽ بي وسيءَ کي اهڙي انداز ۾ پيش ڪيو جو آزاد ماڻهن کي به غلامن تي ريس اچڻ لڳي . غلامي۽ جي مصيبتن کي آزاديءَ جي غمن تي ترجيح ڏني وئي . عصمت فروشن کي آزادي ۽ جمهويريت جو پرچارڪ سڏيو ويو . ان جي بر عڪس محڪوم ملڪن جي مورخن جي تعداد ۾ اهڙن ماڻهن جي ڪمي ناهي جيڪي حڪمران طبقي جي ڪاميابيءَ کي ان جي مدبرن ۽ جرنيلن ۽ سياست دانن جي بهتر صلاحيتن تي محمول ڪندا آهن . مورخن جي اها جماعت تاريخ جي مجموعي حرڪت کي چند فردن جي ذهني صلاحيتن جي احاطي ۾ بند ڪندي لکين محنت ڪشن جي مجلسي هيئت جي رفتار کي نظر انداز ڪري ٿي جيڪا صدين کان جاري آهي . اهڙا مورخ به موجود آهن جيڪي ماضيءَ جي تاريخ جو ان لاءِ مطالعو ڪندا آهن ته چند اهڙان نعرا تلاشن جيڪي کين مخصوص مفاد جي ڪم اچن . تاريخ کي مخصوص مقصدن جي لاءِ استعمال ڪرڻ هڪ اهڙي ڪوشش آهي جنهن جا نتيجا دير تائين لڪي نه ٿا سگهن . انهيءَ قسم جي ڪوشش فلسفي ۽ تاريخ جي هن مطالبي مان جان نه ٿي ڇڏائي سگهي ته صدين کان انسان جي مجلسي ارتقا ۾ ڪهڙا محرڪ ڪم ڪندڙ آهن ؟بادشاهن ۽ انهن جي حوارين جي زندگين ، ڪاميابين ۽ نامرادين کي انهن محرڪن جو نالو ڏيڻ انساني معاشري جي تشڪيل س۽ ان جي ارتقا جي اصولن سان مذاق ڪرڻ آهي . انسانن جي مجلسي تعلقن جي لاءِ وڏن وڏن بادشاه جي طاقت ان دور جي پيدايش جي اوزارن ۾ تبديلي کان وڌيڪ موثر نه آهي ، پر ان تي به ڪجھ مورخ ” بحر ۽ بر جي سلطان “ جا افعال ۽ احڪام کي ئي معاشري جو بنياد قرار ڏيڻ کان نه ٿا شرمائن انسان جي تاريخ ان وقت تائين اڌوري رهندي جيستائين انهن محرڪن کي اجاڳر نه ٿو ڪيو وڃي جيڪي اانساني تاريخ جي مختلف دورن ۾ انسانن جي مجلسي تعلقن جي تشڪيل ۽ انساني معاشري کي هڪ دور کان ٻئي دور ۾ منتقل ڪندا رهن ٿا . قديم آثارن جي دريافت تاريخي معلومات جي ذخيري ۾ نمايان اضافو ڪيو آهي . اثريات جي ماهرن جو بيلچو ماضيءَ جي حدن کي صديون پوئتي ڌڪي رهيو آهي . آثار جي دريافت مصر جي پراڻي تهذيب کي اسان جي سامهون وکيري ڇڏيو آهي . اهي آثار مصري پروهتن ، بادشاهن ، هارين ۽ ماڇين جي زندگين جون ڳالھايئندڙ تصويرون آهن . اثريات جي ماهرن جي همت سان خاڪ هيٺان لڪل تهذبون ظاهر ٿي رهيون آهن . انهن ئي ماهرن جي ڪوششن سان سميرين ، حطين ، بابلين ۽ اشورين جا متعلق معلومات ۾ اضافو ٿيو آهي . اثريات جي ڪاميابين جي فهرست تمام ڊگهي آهي . ان فهرست ۾ هر ايندڙ ڏينهن اضافو ٿيندو رهندو . ڇا انهن قديم آثارن جي دريافت ان انسان لاءِ عبرتناڪ ناهي جيڪي ملڪ گيريءَ ۽ تباهيءَ جي لاءِ ايٽمي قوت جو سهارو وٺيون ويٺا آهن ؟ اٽمي قوت لک ڀيرا طاقت ور هجي پر عوام جي طاقت ان کان به وڌيڪ آهي . اهي ايٽمي طاقت کي پنهنجي ڀلائيءَ تي خرچ ڪرڻ جو رستو ڪڍي وٺندا . ايٽمي طاقت جي دريافت کان پوءِ انساني تهذيب جو قافلو هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي رهيو آهي .

ھي بہ ڏسو

وڻ

عبدالڪريم چنا نصيحتي ادب didactic literature جو قديم ترين مثال ايسوپ جي آکاڻين منجهان ملي …