
بي وس وارث
ھوش ڀٽي
شهر جي اوچين اوچين عمارتن کان گهڻو پري هن جو آشيانو هو، شهر جي سڀني جاين جي بناوت سيمينٽ جي گاري سان ڪئي وئي هئي پر هن جو گهرڙو ته ڪچي مٽي جي گاري جو به ٺهيل نه هو !! انگريزي ٻٻرن جي جهرمٽ ۾ پٿرن، ڀڳل ٽٽل سرن ۽ ٽوٽن کي گڏ ڪري بغير ڪنهن اوساريءَ جي ائين رکي ڀتون ٺاهي ڇڏيون هئائين. جنهن جو ڪو بنياد نه هو، ڇت؟؟ اها ته وڻ جون ٽاريون هيون، جنهن مان اڪثر مينهن وسڻ ڪري، آزار ۾ اچي ويندا هئا. وري جو سيارو هجي ته سندس لاءِ ٻيڻي مصيبت ٿي پوندي هئي ان قيامت کي منهن ڏيڻ جي لئه شهر جي گهٽين مان وڏن ماڻهن پاران چوڙئي اڇلايل قالينون، پلاسٽڪ ۽ تڏن جا ٽڪرا کڻي پنهنجي اجهي جي ڇت جوڙي هئي. شهر جي رستن جي پيٽ تي هلندڙ مشين ۽ مشيني ماڻهن وانگر هو ٻئي به مشين بڻجي ويا هئا. پاٺن ميڙڻ واري مشين!! جهڙي طرح شهر جي ماڻهن کي هنن جي پرواهه نه هئي، اهڙي طرح هو ٻئي به ماحول جي سمورين حرڪتن کان بي خبر شهر جي هر هڪ گهٽيءَ جي رستي تي پنهنجي پيرن جي ڇاپ هڻي، هٿن جي آکرين سان ليڪا پائيندي سڀ جا سڀ ردي پاٺا ميڙي پنهنجي ٻاچڪي ۾ وجهندا ويندا هئا. ۽ جڏهن سندس ٻاچڪو کڻڻ کان وڌي ويندو هو ته ڪٻاڙي کي پاٺا کپائي وري ٻئي ٻاچڪي ڀرڻ جي چڪر ۾ سڄو ڏينهن شهر لتاڙي ويندا هئا.
ڪٻاڙي کين هڪ ٻاچڪي جا ڏهه رپين ڏيندو هئين، وڏي محنت مشقت ڪري ٻه ٽي ٻاچڪا ميڙي سگهندا هئا. جيئن پيٽ جي خالي حصي کي ڀرڻ لاءِ ماني ڳڀو وٺندا هئا. پر ڪڏهن ڪڏهن هڪ ٻاچڪو مس ڀري سگهندا هئا. جيڪڏهن ڪٻاڙي اها به رخت ڪرائي ڇڏي ته اها رات بک وگهي موت جي منهن ۾ هجڻ برابر گذرندي هئي.
شام جو گڏجڻ جو ماڳ سندس ڪٻاڙي جو اهو ڪٻاڙ خانو هوندو هو. جتي هو ٻئي گڏبا هئا، ۽ اتان ٻه ڏوڪڙ حاصل ڪري گهر ڀيڙا ٿيندا هئا. ڪنهن ڏينهن اڳي پوءِ به ٿي ويندا هئا. ته هڪ ٻئي جو اوسيئڙو ان جهوپڙي تي ڪندا هئا. جيڪو سندس لاءِ اجهو ۽ آشيانو هو. هن جهان ۾ جتي ڪوئي ڪنهن جي ڏک درد سمجهڻ وارو نه آهي ان ئي جهان ۾ هو ٻئي به هڪ ٻئي کي ملي ويا هئا. انهن انهن رستن تي رولاڪيون ڪيون ڳڀي ٽڪر جي لاءِ ڏينهن کي رات ڪندي، هدايتان به ائين ئي ملي وئي هن کي … پاڻ ته سڄو سمو پيو پاٺا ميڙي پيٽ کي پاڻي ڏيندو هو. ۽ سٺي ڏينهن جي رولاڪي کانپوءِ اچي انهن انگريزي ٻٻرن جي جهرمٽ ۾ ڦان ٿيندو هو.
ان نالي ماتر گهر کي ٿورو گهڻو جيڪو ٺاهيو هو، اها به هدايتان جي ئي ڪار ساز هئي. هو ته رڳو هن جي سڏ ۾ سڏ ڏيندو هو. اڄ به جيئن هو آيو ته هدايتان کيس نظر نه آئي هئي ۽ هو چپڙي ڪري ويهي رهيو هو اندر ۾ الڪو ٿي پيس ته هدايتان ڇو نه موٽي آهي اڃا تائين!! شهر جي بي رحمين جو عڪس خيالن ۾ تري آيو هئس ته ڪٿي!؟ آهر جي ڏامر لڳل رستن ٿي گولين جيان هلندڙ گاڏين جو شڪار ته نه ٿي وئي!؟ يا پيٽ ۾ ٻار هجڻ ڪري نه اچي رهي هئي ۽ هو ٻاهر نڪري هوڏانهن هوڏانهن چڪر هڻي ڳولي به آيو پر هوءِ هجي ته نظر اچي، جيئن جيئن ويلو پنهنجا پيرڙا سوريندو ٿي ويو ته هن جي بي چيني وڌندي وئي، ۽ هن کي هدايتان جي ڏنل محبت ۽ ٽهل ٽڪور يادن جو مينهن بڻجي مٿس وسڻ لڳي. هو جڏهن به هيڻو ٿيندو يا تپ ٿيندو هئس ته هوءِ سڄو ڏينهن پاٺا ميڙي ٿڪل ٿڪل هجڻ جي باوجود دوا کارائڻ کان ويندي دير تائين جاڳي جاڳي سندس خدمت ڪندي رهندي هئي. هن دنيا ۾ سندس اهائي هڪ همدرد ۽ ڏک ڀائي هئي. گدلن لٽن سان منهن مونن ۾ وجهي هو انهن ئي سوچن م غرق هو ته ٻاهران ڪنهن جي اچڻ جو آواز ڪنن ۾ پيس ته هو ڇرڪي پيو، ۽ هدايتان چنگهندي ڳليءَ جو پردو هٽائيندي اچي ڀر ۾ ويهي رهيس …
” تڪليف اٿيئي؟“ هن يڪدم پڇي ورتس. ” مون کي خبر آهي توکي ايندي اويل ڇو ٿي.”
“ نه مان ٿورئي ٿڪي آهيان” هدايتان هٿ ۾ ڀڪوڙيل ڏهين جو نوٽ اڳيان ڪندي جواب ڏنس.
“توکي ڪلهه ڪيڏو چيو هئم ته بس تون هاڻي نه ويندي ڪر ٻاهر”
هاڻ تون جهڪڻ ۽ بار کڻڻ جهڙي نه آهين، ڏينهون ڏينهون توکي احتياط ڪرڻ گهرجي نه ڪي پاٺا ميڙڻ لئه گهٽي گهٽي وڃڻ گهرجي” هن ٿورو خار مان چيس.
ڏس تون اڪيلي سر ڪيئن پوري ڪندين؟” هدايتان ساهه جائتو ڪندي چئي وئي.
“ڇا به ٿئي، مان گهڻي محنت ڪندم، پر تون نه ويندي ڪر، الله جو واسطو اٿئي.”
پوءِ اسان کي پنهنجي ٻچي لاءِ به ته لٽن جو بندوبست ڪرڻو آهي، اسان ته انهن پراڻن ليڙن مان گذارو ڪري وينداسين، پر اهو ننڍڙو وجود ڪيئن گرمي سردي برداشت ڪندو؟ ”هدايتان پريشان ٿيندي چئي ٿي.
مالڪ سٺائي ڪندو، تون الڪو نه ڪر، سڀ انهيءَ جي وس ۾ آهي ، مان دال ماني آندي آهي، اچ ته کائون ٿا، ۽ هن اخبار جي ٽڪري ۾ ويرهيل هڪ ماني ۽ پلاسٽڪ جي ٿيلهي ۾ پيل دال جو ڌاڳو کولي پنهنجي ۽ ان جي وچ تي رکيو. ٻنهي کائڻ شروع ڪيو.
هو ڏسي رهيو هو ته هدايتان پريشان هئي، چاهيندي به کيس آٿت نه ڏئي سگهيس، هاسڪاري ماني ٿوري ٿوري پئي کاڌائين ته جيئن هدايتان ڍو ڪري کائي، ڇو جو هوءِ پيٽ سان هئي. ماني کائڻ کان پوءِ هدايتان گهڻو ٿڪل هئي تنهن ڪري هو جلد ئي ننڊ جي ڀاڪرن ۾ هلي وئي. پر هن کي ننڊ اڃا وٺڻ نه آئي، سمهڻ جو سٺو سمو هو اهو ئي سوچيندو رهيو ته هو ڪيئن ڪندو هدايتان جو ويم به ويجهو ايندو پيو وڃي. ان لاءِ دائيءَ کي ڏيڻ لاءِ ڏوڪڙ ڪٿان ايندا، جيڪو ٿورو ٿڪو پاٺن وڪڻن مان ٿئي ٿو، اهو سڀ ته پيٽ جي باهه وسائڻ ۾ سڙيو وڃي، سمجهه ۾ نه آيو هئس ” هو ڇا ڪري؟” بس ايترو ڪيائين ته هدايتان جي ويم ۽ پنهنجي ٻچڙي لئه ڏوڪڙ گڏ ڪندو ۽ گهڻي کان گهڻا پاٺا ميڙي وڪڻندو!!
سج اڀري، هدايتان اڃا ننڊ ۾ هئي ته هو ٻاچڪو کنيو هليو ويو، کيس اهو اونو هيو ته سندس سان اها ڪرت ڪيستائين رهندي؟ ڇا هن جي گهر ۾ ڪڏهن به سڀاڳ جا ٽانڊا نه ٻرندا؟ هو ڪڏهن به ڀلا لٽا ۽ لذيذ کاڌو نه کائي سگهندو، سڀ کان وڌ جيڪا ڳالهه هن کي کائي ويندي هئي اها هئي هن جي ايندڙ ٻچڙي جي! هو انهي لئه سوچن ۾ غرق پاٺا ميڙي رهيو ته اوچتو گاڏي سان ٽڪر ٿيندي بچي ويو گاڏي جي بريڪ لڳڻ سان ڦيٿن جي زور سا ڏامر رستي لڳڻ ڪري چيڪاٽ جا آواز چوڏس ڦهلجي ويا! ته تڪڙ ۾ ڪار مان پينٽ شرٽ واري همراهه اکين تان عينڪ لاهي اچي اٿاريس …. بابا توکي ڌڪ ته نه لڳو؟”
“ نه سائين ڪهڙا ڌڪ، بس خير آهي، توهان وڃو توهان کي دير ٿيندي هوندي هن پنهنجو ٻاچڪو کڻندي وڏي ماڻهو کي چيو.
۽ هن پينٽ جي کيسي ۾ هٿ هڻي کيس اڳتي وڌايو جنهن م سڄ سارو سو رپين جو جرڪندڙ ۽ کڙڪندڙ نوٽ هيو. هي بابا وٺ تنهنجي ڪم ايندو!”
“ نه .. نه .. سائين !”
“ مون کي تون بيهڪ مان هيروئني نه پر غربت جو ماريل ٿو لڳين هي وٺ ۽ هي منهنجو ڪارڊ اٿئي مان ڪريم خان آهيان سڀاڻي اچ ته متان مان تنهنجي ڪا مدد ڪريان”
هو سندس پيرن تي ڪري پيو، هن کيس مٿي اٿاريو ۽ پئسا وٺڻ بعد هو گاڏي ۾ چڙهي هليو ويو. وڏي ماڻهو ڪريم خان جي وڃڻ جي بعد هن کي پنهنجا سڀ سپنا پورا ٿيندي نظر پئي آيا ۽ خوشي ۽ غم جي گاڏڙ ڪيفيت ۾ روئندو ۽ کلندو گهر روانو ٿيو ته هن جي کيسي ۾ پيل سو رپين مان هدايتان جو ويم به ٿي ويندو ۽ ٻچڙي لئه ڪپڙا به وٺي ايندس، اهي ڳالهيون اتاولي من سان هدايتان کي ٻڌائڻ لئه پنهنجي جهوپي ڏانهن پئي آيو ته ڏٺائين ته پوليس ۽ رينجرس جون موبائلون لاتعداد پوليس ۽ رينجرس اهلڪار ڏنڊا ۽ لوجهيون ٽوپيون پائي بيٺل هئا ۽ ڪن کي ڳوڙها گيس فائر به هئا. وڏا وڏا بلڊوزر ڪچي آبادي ڳوٺ کي ڊاهي پٽ پڌر ڪري رهيا هئا ۽ اهو حڪم کين مٿان کان مليل آهي.
ننڍڙن ٻارن ٻڍڙن عورتن جو آهون دانهون ۽ ڪيڪون آسمان ڦاڙهي رهيو هيون سڀ رڙيون وڏي واڪي ائين چئي رهيا هئا ته اسان سالن کان هتي آباد آهيون اسان ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو اسان جي اجهن کي ڊاهي رهيا آهيو گهر نه ڇڏڻ تي پوليس لاٺي چارج ڪري پوڙهن ۽ عورتن جا مٿا ڦاڙي ڇڏيا، هو وائڙي وانگر پنهنجي جهوپي ڏانهن ڊڪي ٿو ته اهو به پٽ لڳو پيو آهي پر هدايتان به غائب آهي. ماڻهن کي زوري گهران ڪڍي سندس گهرن کي پٽ ڪيو پئي ڏاڍي آساني سان ۽ موچڙا به انهن تي وسي رهيا هئا جيڪي ڌرتيءَ جا اصلي وارث هئا… هدايتان ٿورو اڳتي ماڻهن جي پيرن م کيس بي هوش پيل نظر آئي ته ڊوڙي پهتس پر هو آخري ساهه پساهن ۾ هئي ته اوچتو هن کي به لوندڙي واري لٺ لڳي ٿي ۽ رت وهندو سندس منهن ڳاڙهو ڪندو وڃي ٿو ۽ هو به پاڻ ڪري ٿو گهڻو ئي سنڀالڻ جي ڪري ٿو…. بلڊوزرن جي تيز انجڻ جا گڙگاٽ هيانُ ڏاريندر آواز … رڙيون … ڪيهون …. باهيون … لٺيون … رت…. لاش … بيوسي ….