اڄ محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته سنڌ وري پنجاهه سال پوئتي رهجي وئي آهي. سنڌ جي واحد بهترين ليڊر جي شهادت ائين محسوس ڪرائي ٿي ته اسان سنڌين جي شعوري ترقي تمام پوئتي ڌڪجي وئي آهي ۽ اسان هڪ ٻئي جون ٽنگون ڪڍڻ ۾ پورا هوندا سين ۽ مخالف اسان کي تباهه ڪري ويندا ۽ اسان اهي جا اهي رهجي ويندا سين.غدارن کي پناهه ڏيڻ ڪڏهن بند ڪندا سين؟پنهنجي ڌرتي ۽ ٻولي سان سچا ڪڏهن ٿينداسين؟سنڌي پاڻ کي آخر ڪڏهن بچائڻ جي ڪوشش ڪندا سين؟پنهنجي تاريخ ۽ ثقافت جو قدر ڪڏهن ڪنداسين؟اسان جا قومپرست ليڊر ڪيسين اسان کي استعمال ڪري ڀتا کائيندارهندا؟ڇا اسان پنهنجي ذاتيات ۾ سب ڪجهه وساري ڇڏيو آهي؟سنڌي جاڳو سنڌ بچايو سنڌ وڃي ٿي هٿن مان.
هوءَ سنڌ راڻي هئي، هوءَ مهراڻ جي مهڪ هئي، هوءَ اها آس هئي جنهن کي شهيد ڀٽو پنهنجي هنج ۾ کڻي تئين دنيا جون اهي حقيقتون ٻڌايون هيون جيڪي هن جي دل ۾ دفن هيون، هو کيس پيار مان ”پنڪي“ سڏيندو هو. 21 جون 1953 تي جنم وٺندڙ محترمه بينظير ڀٽو کي ڪالهه سندس ان عظيم ليڊر پيءُ جي ڀرسان دفنايو ويو ۽ ائين سنڌ هڪ ٻئي عظيم ليڊر کان محروم ٿي وئي.
سنڌ ۾ ڀٽي خاندان جي هي چوٿين قرباني هئي، شهيد ڀٽو کي ڦاهيءَ چاڙهيو ويو، سر شاهنواز کي فرانس ۾ زهر ڏنو ويو، مير مرتضى کي 70 ڪلفٽن تي گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو ۽ هاڻي محترمه کي ساڳي ان شهر ۾ شهيد ڪيو ويو جتي سندس عظيم پيءُ شهيد ڀٽو کي سوليءَ تي چاڙهيو ويو.
آخرڪار هن ملڪ ۾ فقط سنڌي ۽ بلوچ ليڊرن کي قربانيون ڇو ڏيڻيون ٿيون پون. ڇا هن ملڪ جا ٻيون قومون فقط موقعا پرست آهن يا اهي ئي هي سڀ ڪجهه ڪري رها آهن . انهن گدڙن کي ڪير وائکو ڪندو، انهن گدڙن جي بگهڙ واري کل ڪير لاهيندو؟ انهن کي بينقاب ڪير ڪندو؟
آخر ڪار ڪيسين سنڌي قوم فقط قربانيون ڏيندي رهندي؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
هاڻي وقت آهي انهن قربانين جي سلي وٺڻ جو…………. اچو ته انهن گدڙن کي ڀڄائي ڪڍون.