خميس , نومبر 21 2024
sd

بد نصيب اڏام جو مسافر عاشق شاه

الطاف شيخ

اسان جي ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي ساٿي سيد عاشق حسين شاهه (Kit No. 203) جو تعلق سکر سان هو. پاڻ 31 ڊسمبر 1948ع تي سيد دائم علي شاهه جي گھر جنم ورتو. سرڪاري نوڪري جي سلسلي ۾، سندس والد جي بدلين ڪري عاشق شاهه بنيادي تعليم، مختلف شهرن مان حاصل ڪئي ــ خاص ڪري ڪراچيءَ جي N.J.V اسڪول ۽ سکر جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول مان جتي سندس والد صاحب ڪافي عرصو سپرنٽنڊنٽ پوليس (S.P) ٿي رهيو.

عاشق شاهه سان اسان جي ملاقات ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ 1961ع ۾ ٿي جڏهن اسان مئٽرڪ جا شاگرد هئاسين ۽ هن اٺين ڪلاس ۾ داخلا ورتي. انوقت ساڻس گڏ داخلا وٺندڙن ۾ سنڌ  جون اهم شخصيتون لياقت جتوئي، ڊاڪٽر هادي بخش جتوئي، اقبال ترڪ، قاسم لاشاري، عبدالجبار عباسي، ڪئپٽن رشيد ابڙو، خيرپور جو مرحوم ميجر نجم قاضي، اڄ جا PIA جا مشهور پائلٽ ممتازالحق، بلال حيدر، خالد ليا ۽ غازي هاشم، ميرپور خاص جو ڪرنل مشتاق رسول جنهن جو راولپنڊي ۾ Roots نالي اسڪول آهي، DIG غلام قادر مهر ۽ مرحوم محسن پنهور، سکر جو الطاف منگي ۽ پير جي ڳوٺ جو ائڊمرل بخت علي جماڻي وغيره هئا.

ڪئڊٽ ڪاليج مان انٽر ڪرڻ بعد عاشق شاهه مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج (هاڻ يونيورسٽي) ڄامشورو ۾ داخلا ورتي جتان 1971ع ۾ اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ۾ B.E جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ ايريگيشن ڊپارٽمينٽ ۾ انجنيئر جي نوڪري مليس. سال ڏيڍ کن جي نوڪريءَ بعد کيس ماسٽرس ڊگري لاءِ ناروي موڪليو ويو جتي يونيورسٽي آف ٽرنڍام مان Power System Analysis ۾ پوسٽ گرئجوئيشن ڪئي. ان بعد کيس حيدرآباد ريجن جو اليڪٽرڪ انسپيڪٽر مقرر ڪيو ويو ۽ ڪجھه سالن بعد سڄي سنڌ صوبي جو چيف اليڪٽرڪ انسپيڪٽر بنايو ويو.

عاشق شاهه جنهن جون ٻه ٽي ڳالهيون ٻين ڪيترن کان نراليون ۽ قابل ذڪر آهن. هو جڏهن پيٽارو ۾ آيو ته پنهنجي ڪلاس ۾ سڀ کان ننڍو شاگرد هو. هو پهريون پيٽارين آهي جيڪو پروونشل حڪومت ۾ سيڪريٽريءَ جي عهدي تي پهتو ۽ سنڌ گورنمينٽ ۾ هي ننڍي عمر جو آفيسر هو جنهن چاليهن سالن جي ڄمار ۾ ويهون گريڊ حاصل ڪيو. مهراڻ يونيورسٽي جو به هي پهريون گرئجوئيت آهي جيڪو سيڪريٽري ليول تي پهتو.

عاشق شاهه جون کوڙ مزيدار ڳالهيون آهن جيڪي آئون وقت به وقت پنهنجي سفرنامن ۾ لکندو رهان ٿو. هن سان منهنجي لڳاتار ملاقات رهي. اتفاق اهڙو رهيو جو جڏهن عاشق شاهه اتر قطب جي ملڪ ناروي جي بنهه اتراهين شهر ’ٽرنڍام‘ جي يونيورسٽيءَ ۾ ماسٽرس ڪري رهيو هو ته انهن ئي ڏينهن ۾ منهنجو جهاز ٽرنڍام بندرگاهه ۾ ويندو هو جنهن جو احوال پنهنجي ناروي واري سفرنامي ۾ لکيو اٿم ته ٽرنڍام ۾ ٻارهو ئي ايتري ٿڌ ۽ برفباري ٿئي ٿي جو اتي جي وهٽن لاءِ اسان پنهنجو جهاز گوار جي ڏرئي سان ڀري ويندا هئاسين. جهاز هلائڻ بعد جڏهن آئون ملائيشيا ۾ ڪناري جي نوڪري ڪندو هوس ۽ عاشق جي فئملي آسٽريليا ۾ رهندي هئي ته هو آسٽريليا ايندي  ويندي مون وٽ ملائيشيا ايندو رهيو ٿي. ڪراچيءَ ۾ کڻي منهنجو ٿورو وقت اچڻ ٿيو ٿي پر منهنجو جن ٽن پيٽاري جي دوستن سان ملاقات هميشه رهي ٿي، عاشق حسين شاهه انهن مان هڪ آهي (۽ ٻيا ٻه آهن؛ خيرپور جو شوڪت جماڻي ۽ جھانگارا باجارا جو اقبال ترڪ).

عاشق شاهه هڪ ڄاڻو انجنيئر، سٺو آفيسر، هر هڪ جي مدد ڪرڻ وارو عملدار، سچو دوست ۽ وڏي دل وارو انسان هو. آئون نٿو سمجھان ته هن ڪنهن کي ڪو رنجايو هجي. هن لاءِ انسانيت اهم شيءِ رهي آهي. هن ڪڏهن نوڪريءَ جي به پرواهه نه ڪئي.هو سيڪريٽري جي عهدي تي هو ته پنجاهه سالن جي ڄمار ۾ هن نوڪريءَ تان استعيفا ڏئي ڇڏي. اسان سڀني کي حيرت لڳي ۽  پڇيوسين ته هي ڇا ڪيئي؟ اڃا ته ڏهه سال نوڪريءَ جا پيا اٿئي؟

جواب ۾ پنهنجي روايتي کل کلندي وراڻيائين:

”بس ڀاءُ ڪافي ٿيو. سيڪريٽري تائين به پهچي وياسين، هاڻ ته ڪجھه آزاد رهي گھمجي ڦرجي.“

۽ واقعي عاشق شاهه کي گھمڻ ڦرڻ، پير پنڌ ڀرڻ ۽ دوستن يارن سان ملڻ جو ڏاڍو شوق هو. ڪئپٽن بشير وسطڙو، سرجن سومرو ۽ برگيڊيئر زين العابدين شاهه چوندا هئا ته عاشق شاهه جهڙو ماڻهو اسانجو دوست آهي، اها اسان لاءِ هڪ وڏي نعمت  آهي.

بلو لائين جي بدنصيب اڏام تي اسلام آباد روانو ٿيڻ کان اڳ واري رات هو مون وٽ هر سال وانگر کجور کڻي آيو. ”سڀاڻي اسلام آباد مان ٿي اچان ته پوءِ چڱي طرح خبرون ٿا ڪريون.“ هو اهو چئي موڪلائي ويو ….شايد هميشه لاءِ.

ھي بہ ڏسو

” وڻ “ ناول جو جائزو

مشتاق جروار پوري دنيا ۾ ادب جا مختلف موضوع رھيا آھن دنيا جا اديب شاعر …