خميس , اپريل 3 2025
sd

بدمعاش

جمال ابڙو

هو وڏو بدمعاش هو، پهرئين نمبر جو، ڪوڙ، دغا، فريب، چوري، ڌاڙو هن جي  ڏائي هٿ جو کيل هو. چپٽين ۾ ڏوهه ڪري وٺندو.  حرام جو قياس پويس. خار ۾، ڇپ ڪيو، بيٺو ڏسندو.  هڪ ڀرون هيٺ، اک چُنجهيل، ٻيو ڀرون مٿي، ڏند ڏندن سان مليل، ناسون ڦوٽاريون، چيتي وانگر شڪار کي تاڙيون بيٺو هوندو. بس بس ڪري، وٺي حملو ڪندو، آنڊا ٻاهر.

                ڏائڻ جهڙي ڪهاڙي ڪلهي تي کنيو، شينهن وانگر جهنگ ۾  ڦرندو وتندو هو. شل نه ڪير کيس للڪاري، ماٺ ڪري ڳاٽ اوچو جهلي، کيس ڏسندو. پيرن کان مٿي تائين، ٻه ٽي دفعا. وٺي گجگوڙ ڪندو. واگهه وانگر ڇال ڏيئي، اچي شڪار تي ٽٽندو، ڪهاڙين جو شپڪو، سيڪنڊ ٿي ويندا.

                چيلهه سنهي، سينو ويڪرو، ڪلها اڀا مڇن کي تاءُ ڏيو اکيون ڪرڙيون ڪيو، پير پير ۾، مست ٿيو وتندو. ڪنهن تي فلڪ نه آڻيندو.

                ننڍي  کان ئي نئود هو. پڻس ڪُٽي، هڏ گڏ ڀڃي رکندو هوس.  حرام، جو سڌو ٿئي. ٻرڙات پيا پوندس، لتون، مڪون، چنبا، گهل گهلان، هجيس ماءُ، ته ڇڏائيس!  نيٺ رڙيون ڪرڻ بند ڪندو. پيو مار کائيندو، ڪڇندو نه، ڀائيندو ته پيءُ جي ڏاڙهي پٽي رکي، پر ڏاڍو هوس. اوڙو پاڙو تپائي ڏنائين، پاڻ جيڏن کي سٽيو ڪٽيو، ڀڳو هليو ويندو. ٻارن جا ماءُ پيءُ، رڙيون ڪندا ايندا. هٿ ايندن، ته ڪٽي رکندس- پنهنجو ٿورو ئي هئن! نه ته به پڻس کي دانهن ڏيندا. پڻس  پاڻ مان ئي ڪَڪ. سڀ سور ساڙ هن مان ڪڍندو هو. ڏوهه ٻين جو، مار هن تي. ”ڪو اُنهين ئي ته ڪو نه آيو هو“ اهڙو ساڙ ٿيندو هوس، اهڙو ساڙ ٿيندو هوس…. ڏاڍو ساڙ ٿيندو هوس. چوندو هو، ”بيهه وڏو ٿيان!“.

                ڪيئن ته واڻئي جي چلڪڻي ڪپڙي کي هٿ لاٿو هئائين! واڻئي چماٽ وهائي ڪڍيس.  پڻس به کڻي چنبو هنيس،  پيءُ تي ڏاڍي ڪاوڙ آيس. ”ڀيڻسان، سوئر!“ ننڍو هو، سور پي ويو.

                ڇورو ڇنو، ميرو چولو، ڦاٽل پٽڪو، اَن لپ ڪا نه جو شيءِ وٺي، ٻيا ٻار جهولي جهلي ڀريو، چوس چوس ڪيو گُگهڙا وٺيو، پيا پُوريندا هئا. هي  اڪيلو، مٿي تي ٻانهن رکيو، اکيون ڦاريو، بيٺو ڏسندو. ٺڪر جو چنڊ، ٺڪر جي گاڏي، ٺڪر جو اُٺ، ناڪيليءَ سان، دل چوندي هيس ته هٿ لائي ڏسان، پر ڪير ٿو ڪنهن کي هٿ لائڻ ڏئي، نڪ جي چوٽڙي ڳاڙهي ٿي وينديس، وٺي هڪ پاسي ڀڄندو، ڪنڊ ۾ منهن ڪري، ڀت تي ليڪا پائيندي، پيو چَپَ ڪڍندو ۽ سنگهه اگهندو.

                سڪي سڪي رانديڪو چورايائين. پيو سانڍيندو هوس، لڪي لڪي راند ڪندو هوس. ننڍڙو ڪافور جو گڏڙو وڏين اکين سان ڄڻ ته ڀاءُ هوس. ڪيئن ته پڻس کَسي ورتس! سڏڪا ڀريندي ڀريندي،  مار کائيندي کائين، ٽپا ڏيئي ڏيئي، رانديڪو ڇڏائڻ جي ڪيائين. ويچارو گڏڙو پڻس جي  پيرن هيٺان چيڀاٽجي ويو. هن ڏاڍيون رڙيون ڪيون، پيءُ کي ”حرامي“ به چيائين. پڻس لتون به هنيس. ان ڏينهن ڏاڍو رنو. ٽُڪڙا ميڙي، اڳڙيءَ ۾ ويڙهي، پاري ۾ وجهي ڇڏائين. ڏينهن اهو ٿيو وري نه رنو.

                پيءُ ته ڏٺي نه وڻندو هوس. ڀلا لڱن جو ڪهڙو ٽڪر هوس، جنهن تي پڻس جا پادر نه وسيا هئا.  وڏو ٿيو، ته لٺ کڻي کنيائين. چي. ”متان آيو آهين“  پڻس سمجهي ويو، وري نه ڪڇيو. ٻين ماڻهن سان ازلي وير هوس، ڀلا ڪير ساڻس چڱيان هليو هو!

                اندر ۾ ڌڪار جون ڀريون، ساهه ساهه سان نفرت ڦوڪون ڏئي نڪرندي هيس. ماڻهن کي ماريندي،  ڦريندي، چيچلائيندي،  ڪجهه خيال نه ٿيو هوس، ”ساڻس ڪو گهٽايو هئائون!“ نفرت سان ٽمٽار، ڪيتري به ڪڍي، ته به اوتري جي اوتري، نه گهٽجي نه وڌي.

                کيس هڪ ڪتو هو، گُلر ڪري پاليو هئائين، اهو مئو، ته روئي ويٺو. هڪ وار جهلجي پيو. گهلي آيس ٿاڻي تي. اڃان ڪچو هو. ڊڄي ويو. چي، ”الله سائين هي ڀري ڇڏاءِ، ته توبه ڪيم!“ پر جڏهن کيس مرچ وڌائون ۽ مُٽ پياريائون، تڏهن ڊپ لهي ويس. اهو ئي هڪ ڀِرون هيٺ، اک چنجهي، ٻيو ڀرون مٿي.

                پوءِ ته ڪئين ڀيرا جهليو. لوڏو ئي نه اچيس. اک کڻيو نهاري ته ساهه سڪيو وڃي.  جهڙي تهڙي پوليس آفيسر جي ڇاتي نه ٿئي، جو ڪجهه چويس.

                چڱي مڙس جي چوريءَ ۾ جهليو، پوليس تي بار پيا. چيائونس، ”مال موٽاءِ“ وٺي آيس گهر، ڀيڻس کي اگهاڙو ڪيائون، چي وار ”پٽينس“.

                ڪيس مان ڇٽي نڪتو، ڀيڻ جي منهن نه چڙهيو. چڱي مڙس کي ماريائين. اهي پوليس جا آفيسر ماريائين. روپوش ٿي ويو. ڪهڙو روپوش؟ اتي ئي هو، پر پوليس کان ڏاڍو هو.

                ڏهڪاءُ وجهي ڇڏيائين. ماڻهو مئو، ڄڻ ڪتو مئو. جڏهن ماڻهن جي ڳچين مان رت ٺينديون ڪري وهندو هو، جڏهن ڪٽيل نڙگهٽ مان گرڙاٽ جا آواز نڪرندا هئا. جڏهن وڍيل رڳن مان رت ڇاٽيون ڪري نڪرندو هو ۽ رت جي گپ ۾ ڇڙهيون هڻندا، بل کائيندا هئا، تڏهن هو بيهي ڏسندو هو. هڪ ڀرون هيٺ، ٻيو مٿي ۽ اک چنجهي.

                ڄڃون ڦريائين. گهوٽ ڪنوار ماريائين. نوٽن جون ڍڳيون ڪري ساڙيائين، ڄڀيءَ کي بيهي ڏٺائين. هڪڙو ڀرون هيٺ ٻيو مٿي، اک چنجهي.

                هڪ دوست تي ڪاوڙيو، هڻي آنڊا ڪڍي رکيائينس، ٽڪر ٽڪر ڪري وڍيائينس پوءِ وٺي ڪوڪون ڪيائين، اٺ پهر ماني نه کاڌائين. موٽي اچي فاتحا پڙهيائينس. مڇون هيٺ لڙڪي آيس. رت لڳل ڪهاڙي کڻي خون واريءَ جاءِ تي پوري ڇڏيائين. ڄڻ ته پنهنجي ڏاڍ ۽  مستيءَ کي دفن ڪيائين…… ۽ پوءِ……

                جهلجي پيو، هڪ ڪيس نه بيٺس. سئو ڏهين ۾ ڏنائونس، اڙجي ويو. مٽيءَ جي ماني. موبل ۾ رڌل دال. چرس ڀنگ جو واپار، بچي بازيءَ تي جهيڙا. سڀ ٻٽ، قيدي توڙي ڪامورا. گار جي رئي. ڪُتي واري ڪار. هو گڏهه وانگر رهندو رهيو. گُهنڊ هنيو، چپ چاپ، ڪنڌ هيٺ ڪيو پيو گهمندو هو. ڏينهن ئي ٻه چار گذريا. جيل کان ٻاهر، پٿر ڀڃندي، هروڀرو جمعدار صاحب ڏنڊيون وهائي ڪڍيس. هن ڪنڌ ڦيري، ڀِرون ڇڪي، ڏانهس ڏٺو، جمعدار صاحب تي زهر چڙهي ويو. گارين جو ڌوڙيو لائي ڏنائين. چي، ”ڏسين ڇا ٿو؟“  هن جون ٻئي اکيون چنجهيون ٿي ويون، ڏند ڪرٽجي ويس، وٺي گجگوڙ ڪيائين. ٽپو ڏئي ڪڙڪي پيو. جمعدار جي ٻانهن ڪڍي وڌائين. هنگامو مچي ويو، قيدين جي ٻيگهي متي. سپاهين جون بندوقون ڇڏائجي ويون، هو ڀڄي ويو.

                هن وڃي پنهنجي ڪهاڙي کوٽي ڪڍي. چتائي ان کي ڏٺائين. ڄڻ ته انساني مٿن جا گيها ٿي ڳڻائين. سندس واڇ چٻي ٿي، نڪ گهنجيو ۽ اک چنجهي ٿي، ڌڪار مان مشڪيو. ڪهاڙيءَ کي مٿي ڪري چمي ڏنائين سندس ڦر جي تک کي آڱوٺي سان جاچيائين.

                نئين سر ڪوس شروع ٿي ويا. ستلن کي ماريائين. بي ڏوهن کي ڪٺائين، گهر ساڙيائين. زائفن جا پار، ٻارن جو رودن، باهه جون لاٽون- ڏسندو ڏسندو هليو ويندو. وري وري مُڙي ڏسندو. نه خوشي نه خار. اها ئي چنجهي واڇ لڙيل، ڀِرون هيٺ مٿي. پچڪ ڪري کڻي ٿُڪ اڇليندو.

                هڪ لڱا ڏينهن ڏٺي جو ڌاڙو هنيائين. سڄي ڳوٺ کي کڻي مُٺ ۾ ڪيائين. جو جتي سو تتي. هيسيل ۽ چپ. هي ڳاٽ اوچو ڪيو، ڀرون تاڻيو پئي آيو ۽ ويو.

                اڱڻ ۾ هلندي، پير هيٺان ڪو رانديڪو اچي ويس. اڍائي سالن جي ٻار، ماءُ جي ڪڇ تان دانهن ڪئي: ”ڪنو حلامي!“ هن مُڙي ڏٺو. ماءُ جهٽڪو ڏيئي، ٻار جي وات تي هٿ ڏنو. کڻي ڇاتيءَ سان چنبڙايائينس. ويچاريءَ جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو. ٻار کي اڃا به ڇاتيءَ سان سوگهو ڪيائين. اکيون کڻي هن ڏانهن نهاريائين. ڇا ته هو ماءُ جي اکين ۾! هو پنڊ پاهڻ ٿي ويو. ٻار کي ڏٺائين. ڀڳل رانديڪي کي ڏٺائين. ماءُ جي ڀاڪر کي ڏٺاين. ڪيئن ته ٻارڙو، ماءُ جي ڳچيءَ ۾ ٻانهون ورايو، ٺنڀ هنيو پيو هو. هو ڏسندو رهيو. هن جا ڇڪيل ڀرون، هوريان هوريان، سڌ ۾ اچي ويا. هن جهڪي ڀڳل رانديڪو کنيو. ٽڪر ميڙي اڳتي وڌيو. وڃي مائيءَ جي هٿن ۾ ڏنائين.

                انهيءَ ئي ڌاڙي ۾ هو جهليو. سندس ڪي ساٿي ماريا، ڪي مٿس باڪو ٿيا. مائيءَ شاهدي ڏني. ڀڳل رانديڪو پيش ٿيو. کيس جنم ٽيپ آئي.

                هو ماٺ هو صفا ماٺ، سندس ڀرون سڌ ۾ هئا. اکيون هڪ ڪريون هيس. ڄڻ ته پري پري پئي ڏٺائين. مائيءَ کي، ٻاڙي کي، سندن ڀاڪر کي…. ۽ پاري ۾ پيل گڏڙي کي. سندس ڪنن ۾ آواز اچي رهيا هئا ”ڪنو…. حلامي….

                کيس سينٽر جيل تي موڪليو ويو. لُولو جمعدار جيلر بڻجي چڪو هو، هن کيس کنڀو ٻڌايو. کيس اگهاڙو ڪرايو ۽ کيس ڏنڊي لنگهائي. هن کي اونڌو ڪري سينٽر جي وڻ ۾ لڙڪايو ويو. صبح جو هو مري ويو. کيس لاٿو ويو. سندس ڏنڊي ڪڍي وئي. رت وهي هليو. چيائون ته سوري هيس. لولي جيلر کيس ٿڏو هنيو چيائين، ”بدمعاشي!“

           هر گھر مان نئين اَنَ جي خوشبوء اچي رهي هئي، ٻارن جي جھولن ۾ ان هيو ۽ هو شيءِ جي لاءِ هٽَ ڏينهن ڊوڙي رهيا هئا. آڪاش تي آهستي آهستي ڪارا بادل گڏ ٿي رهيا هئا. ڏسندي ڏسندي سڄو آڪاش بادلن سان ڀرجي ويو ۽ وِڄون چمڪڻ لڳيون.

جانڻ جي زال آڪاش ڏانهن ڏسي پريشان ٿي رهي هئي، ڇو ته سڄي سال جي ڪئي ڪمائي ٻنيءَ تي پئي هئي. جي مينهن وسيو ته سڄو سال ڏکيو گذرندو. خديجه جي پريشاني ويتر وڌي وئي جڏهن پٽ کي گھر ۾ نه ڏٺائين. هؤَ در تي وڃي پٽ کي ڏسڻ لڳي، گھٽِيءَ ۾ ٻيا ٻار موجود هئا پر گوهو (گوهر) موجود نه هو.

هؤَ وري ڪوٺي تي چڙهي ٻنيءَ ڏانهن ڏسڻ لڳي جتي سندس مڙس جانڻ اَنَ جي ديري تي پلال وجھي رهيو هيو. هاڻي ته مينهن به شروع ٿي ويو، خديجه دل ۾ چيو پئي ته ٽيپهري کان گم آهي ۽ مٿان اچي اوندهه پئي آهي.

سڪينه جيڪا گوهو جي ڀيڻ هئي اها کَٽَ تي ويٺي هئي، تنهن کي ماءُ چيو. ڌيءَ سڪينه ڀاءُ کي ڏسي اچ الائي ڪٿي آهي؟“

”امان مان نه ويندس ٻاهر مينهن پيو وسي!“

”چوي سڪينه به سچ ٿي“ خديجه پنهنجي منهن سان ڀڻڪيو، ۽ هؤَ جھول جھلي الله پاڪ کان مينهن بند ڪرڻ جي التجا ڪرڻ لڳي. پر اللهﷻ پنهنجي مرضي جو مالڪ آهي. دنيا ۾ ڪٿي ته ماڻهو هڪ ڀوند لاءِ سڪن ته ڪن کي وري ٻوڙي ماري. هو پنهنجي ڪمن مان پاڻ ڄاڻي. مينهن ته بند نه ٿيو پر هوا به تيز ٿيندي وئي، خديجه سڪينه کي ڌڪ هڻندي چيو، ”مُئي وڃ ڀاءٌ کي ڳولهي وٺي اچي“.

سڪينه منهن خراب ڪندي ٻاهر ڀڳي در تي مس پُڳي ته پير ترڪي ويس ۽ وڃين چوٽ لڳس پر هؤَ تڪڙ ۾ اٿي ٻاهر وئي متان ماڻسن ٻيهر نه مار ڪڍيس. سڪينه ڊڪندي ترڪندي ڀاءُ کي ڳولهي رهي هئي، هاڻي هوا به ڄڻ طوفان بڻجي وئي هئي. ۽ مينهن به پنهنجي ڀرپور طاقت سان وسي رهيو هو. مَنَهن تان ڪک ڪانا اڏامي اچي گھٽيءَ ۾ پئي ڪريا. سڪينه هاڻي مينهن جي پاڻيءَ ۾ ڇلپ ڇلپ ڪري گھمي رهي هئي. پر گوهو ته ظاهر ئي نه هيو. گوهو ته پنهنجي دوست مٺي جي گھر کيڏڻ ويو هو. گوهؤَ جڏهن جھڙ ڏٺو تڏهن مٺي کي چيو، مٺا مونکي گھر ڇڏي اچ ني ”گوهو توکي خبر آهي ته مونکي مينهن ۽ جھڙ کان ڀؤُ ٿيندو آ“ مٺي ويچارڳيءَ مان چيو.

”مٺا تون ته ڪو ڊڄڻو آ، مان پاڻ ٿو وڃان“ گوهو چيو

”هاها جلدي وڃ ڄاڻ ٿو مينهن وسئي“ مٺي جلدي ۾ وراڻيو.

گوهو اڃان مٺي جي گھر کان ٻاهر ئي مس نڪتو ته مينهن شروع ٿي ويو، جڏهن گوهو ڍلؤَ واري هٽ (دڪان) تي پهتو ته مينهن تيز ٿي ويو گوهو ڍلؤَ واري هٽ جي ٿلهيءَ تي چڙهي بيٺو.

”پٽ گوهو وڃ مينهن ٿو وسي، گھر وارا ڳولهيندا هونديءِ“ڍلؤَ دڪان مان گوهؤَ کي چيو.

”ها ڪاڪ وڃان ٿو مينهن ٿورو جھڪو ٿئي“ مينهن سان گڏ هوا گوهؤَ کي ڏڪڻ تي مجبور ڪيو.

سڪينه گوهو کي ڳولهيندي ڳولهيندي ڍلؤَ واري هٽَ وٽان لنگهي ته اوچتو گوهؤَ تي نظر پيس، جيڪو ڏڪي رهيو هو گوهو جڏهن ڀيڻ کي ڏٺو ته روئڻ لڳو. ”ادي سيءُ ٿي ٿئي“.

”گھر هل ته امان چڱيءَ طرح ٿي سيءَ لاهئي، تنهنجي ڪري امان مونکي به مار ڏني آهي. هل جلدي هل“ سڪينه گوهؤَ کي ٻانهن کان ڇڪيندي چيو.

”ادي مينهن ٿورو ٿئي ته هلان ٿو“ پر سڪينه گوهؤَ جي ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري گوهؤَ کي ٻانهن کان ڇڪيندي گھر واري گھٽي ورتائين.

خديجه گھر ۾ سوا ڪسير باسي رهي هئي.

”منهنجا مٺڙي الله سائين منهنجا ٻچڙا گھر خير سان پهچن ته مان سوا ڪسيرو ورهائيندس“

”ادي خديجه وري ڇاجا ٿي سوا ڪسيرا باسين“ ماسي نوران پنهنجي ڪوٺي تان ڳالهايو.

”ماسي ٻار ٻاهر آهن“ مينهن به ڏسين ٿي سو اللهﷻ کي ٿي ٻاڏايان“.

”پر خديجه تون سواڪسيرو باسڻ ۾ دير نه ڪندي آن، ورهائيندي ته توکي ڪڏهن نه ڏٺو آهي“. ماسي نوران جي لهجي ۾ ٽوڪ هئي.

”ماسي ورهائيندي ته آهيان متان ڪڏهن وسري ويو هجي“.

”ادي پنهنجي خدا سان پاڻ ڄاڻ“ ماسي نوران ڏاڪڻ تان لهندي چيو.

خديجه جي ديد در ۾ هئي دل ۾ سَوَ وِسوِسا. اوچتو سڪينه ۽ گوهو ظاهر ٿيا، ماءُ جي جان ۾ جان آئي.

”امان امان هي وٺ ڍلؤَ واري هٽَ تي بيٺو هيئي“. سڪينه ماءُ کي چيو.

”ڇو ڙي ڇورا توکي مينهن نظر نه آيو“. خديجه پٽ ي ڪاوڙ مان چيو.

”امان امان مان چوان پيو مينهن جھڪو ٿئي ته وڃان ٿو. پر……..پر…….پر“.

ماڻهنس سندس جملو ڪٽيندي چيس. هلو هاڻي کڻو تگاري وڃي ماسي نوران جي گھران خاڪ کڻي اچو ڪوٺي وهي پئي آهي“. ٻارن مارٽرندي ڏسي تگاري کڻي ڀڳا ماسي نوران جي گھر پر جلدي واپس وريا.

”امان امان ماسي نوران چوي ٿي ته اسان جو پنهنجو ڪوٺو وهي پيو آهي، خاڪ ڪانهي“. گوهؤَ سهڪندي چيو.

”چڱو توهان منهه ۾ وڃي ويهو ته مان اٽو ٻاٽ ڪڍي اچان خدا خير ڪري ڪوٺي نه آءُ ڪري“.

خديجه ڪوٺيءَ مان اٽي ۽ چانورن جون چاڏيون ڪڍندي آڻي منهه ۾ رکيون. خديجه خاري هيٺان ڪڪڙ ۽ چورا پوريا هئا، سي ڪڍڻ لاءِ کاري کي مٿي ڪري چورا ڻي جھُل ۾ وڌا ته اچانڪ ڪوٺيءَ جي ڪام ٺڪاءُ ڪيو. خديجه کاري ۽ چورا کڻي واپس وري ته ڪام اچي مٿان ڪريس ۽ جھول مان هٿ نڪري ويس. چورا چيڪندي چيڪندي ٻاهر نڪري آيا. پر انهن کي ٻاهر ڪڍڻ واري پاڻ نه نڪري سگھي. ڇت جي ڪرڻ سان پاسي واريون ڀتيون به اچي پٽ پيون. جيڪي اڳ ۾ ئي سيڪ ورتل هيون . ٻار ماءُ جي مٿان جاءِ ڪرندي ڏسي امان امان ڪري روئڻ ۽ دانهون ڪرڻ لڳا.

پاڙي وارن جانڻ جي جاءِ ڪرڻ جو ڌٻڪو ٻڌندي ڀڳا آيا. ۽سرون ۽ ڪاٺيون پري ڪرڻ لڳا. ماسي نوران ٻارن کي دلاسا ڏيڻ لڳي، جيڪابه ٻين عورتن سان گڏ جاءِ ڪرڻ جو آواز ۽ ٻارن جي روڄ راڙي تي اچي گڏ ٿيا هئا.

”سڪينه پٽ پڻهي ڪاٿي آهي“. ماسي نوران پڇيو، ”ماسي ابو ٻنيءَ تي ويو آ“.

پٽ جلدي وٺي اچوس ۽ چئوس ته……۽ چئنوس“.

”ته امان مري وئي“ سڪينه روئيندي چيو……

ٻار روئيندا رڙندا ٻنيءَ ڏانهن ڀڳا. اڃان ٻنيءَ تي پهتائي مس ته ڇا ڏسن جانڻ واهه ۾ ڪريو پيو آهي سندس مٿان ٽاليءَ جي وڻ جو ٿلهو ٿڙ ڪريو پيو آهي. مينهن جو پاڻي جانڻ جي رت ۾ لال ٿي وهي رهيو هيو.

ٻار هي منظر ڏسي وڏيڪ دانهون ڪوڪون ڪرڻ لڳا ۽ ڳوٺ ڏانهن ڀڳا، اڃان هو ماسي نوران جي گھر وٽان ڳذري رهيا هئا ته، ماسي نوران جي ڀت اچي مٿان ڪري ۽ ٻئي ٻار ڀت هيٺان دٻجي ويا!!.

برسات جا ڦڙا وسندا رهيا پر خبر نه پئي ته ڪنهن لاءِ رحمت هيا ته ڪنهن لاءِ زحمت؟!!!!.

ھي بہ ڏسو

فقير جو پِڙُ

(ڪھاڻي) ضراب حيدر ورهاڱي کان ٽيھارو ورهيه پوءِ جي ڳالهه آهي، جڏهن شاهي بازار واري …