اڱارو , جنوري 28 2025
sd

باگڙي قبيلي جي قديم رسم

ڊاڪٽر فيض جوڻيجو

محترم منظور ڪوهيار صاحب جي چوڻ تي مون اڄ ان مقصد لاءِ قلم کنيو آهي ته منهنجي مشاهدي ۽ تحقيق ۾ جيڪي ڳالهيون آيون آهن، انهن کي به سهيڙندو هلان ته سٺو ٿيندو. لنواري شريف شهر جي ڀر ۾ باگڙن ونگن ۽ کيرن جي پوکي ڪئي، جنهن کي واڙي چئبو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اسان جي گهر باگڙي مايون پاڻيءَ ۽ ٻين ڪم ڪارن لاءِ اينديون هيون، منهنجو والد صاحب (ان وقت جيئرو هو) راڳ جو شوقين هيو، ساڳي وقت فقيري خيال جو پڻ هو، جنهن ڪري هن کي پيارو فقير سڏيو ويندو هو، هن اسان کي جيڪو سيکاريو، اهو انسان سان محبت ڪرڻ هو، پهرين ته مايون اسان جي روبئي کي ڏسي پريشان ٿيون پر پوءِ اهي منهنجي ڀينرن ۽ ماءُ سان گڏجي ماني کائينديون هيون، هن مائن ۾ هڪ پياري نالي هئي، اهو پڻ ٻڌائيندو هلان ته هي باگڙي ماتليءَ مان هتي آيا هئا پر پياري اصل گيدو حيدرآباد جي هئي، هي 1988ع جو زمانو هو، مان جڏهن ڳوٺ ويندو هوس ته انهن سان ملاقات ٿيندي هئي، پياري ، جيڪا منهنجي پيءُ کي فرمائش ڪري ڪلام پڻ ٻڌندي هئي.

ڪاريهر جو واپرائڻ ۽ خمي جوڳي:

1989 ۾ مان ٿر ۾ تحقيق جي تعين سان ويو هوس، جتي راڻا سر جي ڪنڌيءَ تي لاڏاڻو قبيلي سان واسطو پيو، خمي نالي جوڳي اُتي آيو ته مون هن کي مرليءَ جي وڄائڻ جي لاءِ چيو، هن مرلي شروع ڪئي ته مون کي سمجهه ۾ آيو ته هي ڀيروي ٿو وڄائي، ان کي کيس وري چيم ته ڀيروي نه پر ڪو ٻيو راڳ ٻڌاءِ، هن هڪ دم هٿ ٻڌي چيو، ها مهراج ٻيو ٿا ٻڌايون (مان مهراج سان گڏ هوس ته هو مون کي به مهراج پيو سمجهي) هن وري ڀيروي (لکنوي) ڇيڙي ته مان کيس روڪيو، مون محسوس ڪيو ته هو ڪجهه سوچي پيو ۽ پوءِ چيائين مهراج توهان ڪڏهن مرليءَ ۾ ڪوهياري ۽ راڻو ٻڌو آهي يا نه ، پر اڄ مان توهان کي اهي ٻڌايان ٿو، هي وضاحت ڪندو هلان ته سنڌ جي ڦوڪ وارن سازن ۾ سواءِ بوڙينڊي جي ٻيا سڀ 8 سرن جا آهن، جڏهن ته عام راڳ 7 سرن تي هلي ٿو، (عام چوڻ آهي ته چُپ ڪر نه ته اهڙيون ٿو ”ست سريون“ ٻڌائن جو ياد ڪندي) ان ڪري مرليءَ شرناءِ وغيره کي 8 پائي ساز پڻ ڪوٺيو ويندو آهي، جيڪو وڄائڻ ۾ ڏکيو آهي، هن وڄائي بس ڪئي مون کي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا ته هي فنڪار جيڪو ڪلاسڪ جو ڄاڻو آهي، عوام جي اکين کان اوجهل ڇو آهي؟ ان وقت اسان جي چانهه تيار ٿي هئي، مون چاهيو ته خميءَ کي چانهه پياريان ۽ مون جڏهن پنهنجو ڪوپ هن طرف وڌايو ته هي پريشان ٿي ويو ۽ هڪو ٻڪو ٿي مهراجن کي ڏسڻ لڳو، مون کيس زور ڀريو ته، جو خمي ڳالهائي منهنجي دوست (نالو لکڻ سٺو نٿو سمجهان) چيو جي تو ان ڪوپ ۾ هن کي چانهه ڏني ته اسان کي اهو ڪوپ ڀڄڻو پوندو، خمي منهنجي ضد کي سمجهي ويو، هن اُٿي اڪ جو پن پٽيو ۽ ترائي جو پاڻيءَ مان ڌوئي کڻي آيو، ان کي ٽريڏو ڪري جهليو ۽ مون کي اشاري سان ان تي چانهه لاهڻ لاءِ چيو، مان هن کي چانهه پياريندو رهيس، اڃان اڌ ڪوپ مس پورو ٿيو ته هن پن کي ڦٽو ڪندي روئي ڏنو ۽ چيو ته تون مهراج ناهين، جي مهراج آهين ته پوءِ ڏاتار جو روپ آهين، مون کيس واضح ڪيو ته مان انسان آهيان،  هن ملاقات کانپوءِ اسروير اُٿي راڻا سر ترائي تي ويندو هوس ۽ جهنگ جي حاجت پوري ڪري وهنجي خميءَ جي گهر ويندو هوس، جتي گڏجي ماني کائيندا هئاسين، هنن سان هيٺ واريءَ تي ويهي ڪچهري ڪندي ڪافي شيون مليون، جيڪي قديم اشتراڪي سماج کي ظاهر ڪري رهيون هيون، ساڳي وقت خمي جي زال ۽ ڀاڄائيءَ کان اهو به معلوم ٿيو ته مايون جيڪي منهن تي ڏيڀونڙيون مٽائن ٿيون، انهن جو ڪارج ڇا آهي؟ هن انهن جي وضاحت ڪئي، جنهن مان معلوم ٿيو ته انهن ڏيڀونڙين سان قبيلي جي سڃاڻپ ٿئي ٿي، مثلاً ٻنهين ڪنن جي چاپڙين جي سامهون پنج ڏيڀونڙين جا نشان سامي قبيلي جي مائي کي هوندا آهن، ساڳي وقت ٻنهي ڀرن جي وچ تي هڪ ڏيڀونڙي صرف پرنڻيل مائي هڻائيندي آهي، ڳٽي تي باگڙي قبيلو مٽائيندو آهي ۽ هيٺئين چپ کان هيٺ کاڏي تي ٽي نشان جوڳي قبيلو جو نشان آهي پر نرڙ تي مور جو نشان راجا قبيلي (ڇا هي قبلو راجا سامبس سان واسطو رکي ٿو تحقيق طلب آهي) جو نشان آهي وغيره.

مون خمي کان پڇيو ته ” ڪاريهر نانگ جو زهر هن وقت ته ڪتب اچي ٿو پر اڳي ان نانگ کي صرف ماڻهن جي ڏيکارڻ لاءِ سوگهو ڪيو ويندو هو؟“ خمي ٿورو خاموش رهي جواب ڏنو، ” تون ٻيلي ماڻهو خاشو ٿو نجر اچين، سچ اهو آهي ته اسين ڪاريگهر نانگ کائيندا آهيون،“  هن جي جواب ٻڌڻ کان پوءِ مون کيس وري چيو ته ” آخر ڪاريهر ڇو؟ “ هن ٻڌايو ته  ” هن نانگ کائڻ سان  جنسي طاقت وڌي ٿي وڃي، ساڳي وقت عمر به وڌي ٿي،“ ” ڇا سڀ جوڳي اهو نانگ کائيندا آهن،“ هن چيو ” نه، جيڪي جوڳي نانيءَ جا پيروڪار آهن اهي ڪونه کائن پر اسين نانيءَ سان گڏ شِو جا پيروڪار آهيون، اهي کائيندا آهن.“ منهنجي خيال مطابق ته جڏهن سنڌ ۾ جين مت مذهب آيو ۽ هر ساهه واري شيءِ کائڻ کان معنيٰ ڪئي وئي يا برهمڻ ازم جي نتيجي ۾ ائين ٿيو هجي پر انهن مذهب کان پهرين جيڪو جوڳ مت فرڪ هو، هي ان جا پيروڪار آهن.

چاچي ڪڏو ڪولهي کان معلوم ڪيم ته هن چيو ته شِو اوتار سنياسي هو، ڄاڻ هن وٽ هئي ۽ ٿر ۾ ڪاريهر نانگ اڄ به کاڌو وڃي ٿو. سال کن اڳ بي بي سي جي خبر مطابق معلوم ٿيو ته راجسٿان ۾ 95 سال جي جوڳي کي 52 سال چوٿين گهرواري سان اولاد ٿيو آهي، ان جوڳيءَ به اها وضاحت ڪئي ته اسين ڪاريهر نانگ کائيندا آهيون، جيڪو مرد کي ڪراڙو ٿيڻ نٿو ڏئي. مون خمي کي چيو هو ته مون کي ڪاريهر جو ٻوڙ کارايو ته جواب ۾ چائين ته” نانگ ته آهي پر توکي ڪونه کارائيندس،  اهو ان ڪري ته اسين ڄمڻ کان پهرين ماءُ جي پيٽ ۾ هوندي ان زهر کي کائيندا اچون ٿا، جي توکي  کائڻ کانپوءَ ٿين گهمرا ته آئون راڻا سر کان عمرڪوٽ يا مٺيءَ  توکي ڪيئن پڄايان،“ هن مون کي رڌڻ جو  طريقو به ڏسيو.

هتي غور طلب ڳالهه هيءَ ناهي ته ڪو ڪاريهر ۾ وڌيڪ شهوت آهي، ڇاڪاڻ جو سنڌ کي جڏهن راجا سانمبس جي دور ۾ سڪندر يونانيءَ ڪاهه ڪئي ته هتي جيڪو هنن ڏٺو، ان جو ذڪر تاريخ ۾ ڪيو آهي ته هتان جا ماڻهون چئن زهرن کان واقف آهن ۽ انهن جو استعمال به ڄاڻن ٿا، جنهن ۾ ڪاريهر جو زهر به شامل آهي پر غور واري ڳالهه هي آهي ته شِو جڏهن پيءُ واري نظام جو بنياد وڌو، جتي جوڳي ۽ سامي الڳ ٿي بيٺا، جتي ملڪيت جي ورهاست جو سوال اڀريو ۽ اهو ملڪيت وارو سوال ئي بنيادي سوال هو، جنهن جو حل پيءُ واري نظام ۾ ڏنو ويو، جڏهن ته پهرين نانيءَ جي ناتي (ماءُ جي معرفت) سان ملڪيت کي ورهايو ويندو هو، جيڪو جوڳ مت ۾ مروج رهيو آهي. مون خمي کي ڪافي ڳوليو پر اهو ملي نه سگهيو آهي، ڪجهه ودستن سان عمرڪوٽ وڃڻ ٿيو هو ته خمي جي ڀاڄائي ملي هئي، جنهن چيو ته خمي ننگرپارڪر ۾ آهي، خمي جي مرلي مان ڪوهياري ۽ راڻي جون ڦوڪون آهن، انهن کي سانڍيو وڃي ته هن قوم تي انهن جو احسان ٿيندو، آئون راڳ جو ٿورو گهڻو ڄاڻو آهيان (انڌن ۾ ڪانڻون) ۽ خمي انهن ٻنهين (راڳ ۽ راڳڻي) جي جيڪا شڪل ڪڍي ٿو يا بيهاري ٿو اهو هن جي ڦوڪ جو ڪمال آهي.

*

ھي بہ ڏسو

” وڻ “ ناول جو جائزو

مشتاق جروار پوري دنيا ۾ ادب جا مختلف موضوع رھيا آھن دنيا جا اديب شاعر …