سنڌي ڪمپيوٽنگ هڪ اصطلاح آهي، جنهن جو مطلب ۽ مقصد ڪمپيوٽر تي سنڌي جو استعمال آهي يعنى ڪمپيوٽر کي سنڌي ٻوليءَ لاءِ استعمال ڪرڻ ۽ ان مان ٻوليءَ جي ڀلي لاءِ فائدو حاصل ڪرڻ.
ڪمپيوٽر کي مادري ٻوليءَ ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي اڻ اعلانيل آرگنائيزيشن ڪمپيوٽر جي دنيا ۾سنڌي ٻوليءَ لاءِ گهڻو ۽ ڪافي عرصي کان ڪم ڪري رهي آهي. ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ٻوليءَ کي آڻڻ لاءِ گهڻن ئي ماڻهن ڪوشش ڪيون، جيڪي ڪنهن حد تائين ته ڪامياب ويون پراهي ڪوششون فقط عربي ايڊيشن جو جڳاڙ هو ۽ انهن ڪوششن جو مقصد ڪاروبار هيو، پر محترم جناب عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب جيڪو 1984ع کان وٺي سنڌي ٻوليءَ کي ڪمپيوٽر ۾ آڻڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. جنهن جي بدولت ٻين آپريٽنگ سسٽمن سان گڏ ”ونڊوز آپريٽنگ سسٽم “ لاءِ ”ايم بي سنڌي “ نالي ڪيبورڊ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري کان پاس ڪرايو، جيڪو سنڌي اخبارون ، رسالا ، ڪتاب ، ويب سائيٽون ۽ ٽي ويءَ جي ڪمن لاءِ ڪافي مدد ڏئي رهيو آهي. وري اهڙيءَ طرح ان ڪيبورڊ جي سپورٽ تي خوبصورت ۽ پيارن فونٽ جي شروعات ٿي ، جنهن ۾ ڪافي دوستن پنهنجا پنهنجا فونٽ تيار ڪيا. جن ۾ عزيز مڱريو، احمد سومرو، شبير ڪنڀار، عبدالستار زرگر ۽ ٻيا شامل آهن پر سڀ کان وڌيڪ ثناءَ الله منڱڻيجي جي فونٽس کي مقبوليت ملي. ان سان گڏوگڏ سنڌ يونيورسٽيءَ جو ليڪچرار محترم جناب ڪرشن ڪمار لوهاڻي هڪ سنڌي ٽو انگلش ۽ انگلش ٽو سنڌي ڊڪشنري ترتيب ڏني. جيڪا به سنڌين لاءِ باعث مسرت آهي
سنڌي ڪمپيوٽنگ مان فائدا :
سنڌي ڪمپيوٽنگ هڪ اداري جي حيثيت وٺي چڪو آهي، جنهن جو باني سائين عبدالماجد ڀرڳڙي آهي ۽ سموري سنڌ توڙي ٻين ملڪن جا سنڌي ميمبر آهن، سنڌي ڪمپيوٽنگ جو استعمال ڪمپيوٽر استعمال ڪندڙ ئي ڪن ٿا پر هن جو لاڀ سڀني سنڌين کي ملي ٿو. جيئن اسان جي ٻولي ڪمپيوٽر جو حصو بڻجي ٿي، ٻوليءَ جي ڪتابن جي ڇپائي اعلى معيار سان ڪمپيوٽرائيزد ٿئي پئي، اسان جو ادب ڇپجي عالمي مارڪيٽ ۾ پهچي ٿو، سنڌي ٻولي جو يونيڪوڊ تيار ٿيڻ سان سون جي تعداد ۾ سنڌي ويب سائيٽون تيار ٿيون، جن تي سوين سنڌي سنڌي ڪتاب آنلائين ٿيا، جنهن ڪري سنڌي ادب اليڪٽرانڪ شڪل اختيار ڪئي. شاهه جو رسالو، سچل جو رسالو، مضمون، ڪهاڻي ڪتاب، شاعري جا ڪتاب، سفرناما ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه انٽرنيٽ جي زينت بڻيو. سنڌي ڪمپيوٽنگ جا جتي اجتماعي فائدا آهن، اتي ميمبرن کي انفرادي فائدا پڻ آهن، جيئن سنڌي ۾ ادبي ۽ معلوماتي ويب سائيٽون يا فورم ٺاهيندڙ دوستن کي ڪمرشل مارڪيٽ ۾ سڃاڻپ ملڻ جو سبب سنڌي ڪمپيوٽنگ ئي آهي.
سنڌي ڪمپيوٽنگ مان شاگردن کي فائدا:
ايشيا جي عظيم ڏاهي محمد ابراهيم جويي چواڻي ته بنيادي تعليم مادري ٻوليءَ ۾ ئي ڏني وڃي ، اهڙي طرح سنڌي شاگردن لاءِ معلومات حاصل ڪرڻ جو جديد ذريعو انٽرنيٽ ئي آهي ، سنڌي ۾ سوين ويب سائيٽون ۽ فورم ٺهڻ ڪري سنڌي ٻوليءَ جو گهڻو مواد اليڪٽرانڪ شڪل اختيار ڪري چڪو آهي، جنهن سان اهي گوگل جي ويب سائيٽ تان سنڌي ۾ مواد سرچ ڪن ٿا، جنهن سان انهن جون تعليمي ضرورتون پوريون ٿين ٿيون. ضرورت آهي ته گهڻو تعليمي مواد اليڪٽرانڪ شڪل ۾ سنڌي ويب سائيٽن تي رکيو وڃي.
سنڌي ڪمپيوٽنگ جو باني :
سنڌي ڪمپيوٽنگ جو باني محترم عبدالماجد ڀرڳڙي آهي، جيڪو شهدادڪوٽ کان ڏهه ميل پري هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ ۾ 1948 ۾ ڄائو ۔ ننڍپڻ ۽ تعليم وارو عرصو لاڙڪاڻي ۾ گذرايو جتي سندس والد صاحب، عبدالغفور ڀرڳڙي، پنهنجي وڪالت جي ابتدا ڪئي۔
پوين ويهن ورهين کان رهائش آمريڪا جي شهر سياٽل ۾ اٿس۔
1983 ۾ پهريون ڀيرو ڪمپيوٽر استعمال ڪيائين جڏهن يونيورسٽي آف ايريزونا مان ايم بي اي ڪيائين پئي۔ 1987 ۾ مئڪنٽوش استعمال ڪيائين جنهن تي پهريون سنڌي ڊيسڪ ٽاپ پبلشنگ ۽ ٽائپسيٽنگ سسٽم وغيره 1988 ۾ ٺاهيائين۔
2000 ۾ ونڊوز تي پهريون ڀيرو يونيڪوڊ جي بين الاقوامي اسٽينڊرڊ جي آڌار تي سنڌي ڪمپيوٽنگ جو بنياد وڌائين۔ پوين ٽيويهن ورهين ۾ پنهنجي وس ۽ وت آهر مڙيوئي پئي ڪوشش ڪري پيو ته ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي کي سنڌي لاءِ قابل استعمال بڻائي، سنڌي جي ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ تي استعمال کي ترويج ڏي ۽ ترقي وٺرائي.
محترم عبد الماجد ڀرڳڙي مائڪرو سافٽ ڪمپنيءَ سان ملاقاتون ڪري سنڌي ٻوليءَ کي يونيڪوڊ ۾ جڳھ ڏياري، ھاڻ اسان ان قابل ٿي ويا آھيون ته سنڌي ٻوليءَ ۾ اي ميل، ڪرڻ کان علاوه ويب سائيٽون ٺاھي ۽ ڊيٽابيس جو ڪم پڻَ ۾ ڪري سگھون ٿا. ونڊوز ايڪس پي ۾ يونيڪوڊ کي مڪمل سپورٽ آھي.
سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جي ڪري ئي اڄ اسان سنڌي ڪمپيوٽنگ جي نالي کان واقف ٿيا آهيون، خدا کيس وڏي ڄمار عطا فرمائي.
سنڌي ڪمپيوٽنگ جي حاصلات:
هن وقت تائين هن ورچوئل آرگنائيزيشن طرفان سرڪاري پٺ ڀرائي نه هجڻ باوجود تمام اهم ترين ڪم پورا ڪيا ويا آهن، جن ۾ سنڌيءَ جو ڪي بورڊ لي آئوٽ، سوين سنڌي فونٽس، سنڌيءَ کان انگريزي ڊڪشنري، قران شريف جو سنڌي ترجمو، شاهه جي رسالي سميت ٻيا سون جي تعداد ۾ سنڌي اي بوڪس ، ويب ايپليڪيشنس، سنڌي فورم ۽ ويب سائيٽون، ايپليڪيشن سافٽويئر، ڪمپيوٽر گيمز ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه.
مستقبل جون گهرجون:
سنڌي ڪمپيوٽنگ کي مستقبل ۾ تمام وڏا ڪم ڪرڻا آهن، جيڪي سرڪاري ادارن طرفان ٻولي جي نالي تي امداد کائيندڙ ڪامورن ۽ آفيسرن کان ڪين ٿيڻا آهن، انهن ۾ هڪ وڏو ڪم مڪمل آپريٽنگ سسٽم جو سنڌي ۾ هجڻ آهي. هتي اهو سوال اٿي ٿو ته ڇا واقعي اهو ممڪن آهي، ان سوال جو جواب آهي ته ها. هن وقت دنيا جو مقبول آپريٽنگ سسٽم ونڊوز آهي ، جنهن اندر سنڌي ٻوليءَ لاءِ يونيڪوڊ جي صورت ۾ سپورٽ موجود آهي، فقط ان ڪم ۾ دلچسپي ۽ عظم جي ضروت آهي، جيڪو سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ميمبرن وٽ موجود آهي.
ٻي گهرج آهي موبائيل فون اندر سنڌي جي مخصوص اکرن جي موجودگي يا ٻوليءَ جي سپورٽ، ان سلسلي ۾ حڪومت کان ته ڪجهه ٿيڻو ڪونهي، باقي موبائيل سيٽ ٺاهيندڙ ڪمپنين کي سنڌين جي اڪثريت جو ڪاروباري فائدو سمجهائڻ لاءِ ڪنهن سنڌي ڪمپيوٽنگ جي مرد مجاهد کي ئي نوڪيا ۽ ٻين ڪمپنين سان لهه وچڙ ۾ اچي سنڌي جي سپورٽ انسٽال ڪرائڻي پوندي.
سنڌي ٻوليءَ جي ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ هڪ ٻي گهرج آهي اسپيل ۽ گرامر چيڪ ڪرڻ واري ڊڪشنريءَ جو هجڻ، جنهن جو فائدو اهو پوندو جو اسان کي پروف چيڪ ڪرڻ وارو مٿي جو سور نه پوندو.
ان سان گڏوگڏ ٻيا ڪيترائي انيڪ ڪم جيڪي سنڌي ڪمپيوٽنگ جا ميمبر بغير ڪنهن لالچ جي سرانجام ڏيندا، جيڪي اصل ۾ حڪومت کي ڪرڻا آهن.
هينئر هڪ قدم اڳتي وڌندي تسبيح جي داڻن جھڙن سنڌي ڪمپيوٽنگ جي انهن سڀني دوستن کي هڪ ڌاڳي ۾ پُوئي، عبدالعزيز منڱريو هڪ آرگنائزيشن ”سنڌي ڪمپيوتنگ آرگنائيزيشن“ جو بنياد رکيو آهي، جنهن لاءِ هڪ مرڪز طورwww.sindhicomputing.org ويب سائيٽ پڻ جوڙي ويئي آهي، جنهن جو مقصد سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دوستن کي، دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هڪ هنڌ گڏ ڪري کين اهڙو پليٽ فارم مهيا ڪرڻ آهي.
هي وقت آهي گڏ ٿي ڪم ڪرڻ جو، سڀني سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي گهڻ گهرن کي پنهنجو ڪردار نڀائڻ گهرجي.