خميس , نومبر 21 2024
sd

اڃا مڌ متل آھي

اڃا مڌ متل آهي

ايس سرمد

سنڌي ڪهاڻي پنهنجي شروعات کان وٺي هِن وقت تائين مختلف روپ مٽائيندي رهي آهي. هر ڪهاڻيڪار جي ڪهاڻي پيش ڪرڻ جو انداز مختلف رهيو آهي، ڪي منظر نگاري کان ڪهاڻي شروع ڪن ٿا ته ڪي ڊائلاگ بازي کان ته ڪي وري ڪهاڻي جي ڪنهن پاسي يا ڪردار کي کڻي لکڻ شروع ڪن ٿا. اسان اگر سنڌي ڪهاڻي جي 1955ع کان وٺي 1975ع تائين واري دؤر کي اگر ڪلهوڙن جي دؤر جيان سنڌي ڪهاڻي جو سونهري دؤر چئون ته شايد ئي ڪنهن کي اعتراض ٿئي.
1955ع کان 1975ع تائين سنڌي ڪهاڻي پنهنجي انتها تي پهتل نظر اچي ٿي، ان دؤر جا ڪهاڻيڪار سنڌ جي هر دؤر جا ڪهاڻيڪار سڏي سگهجن ٿا. مختلف سماجي، سياسي، مذهبي پاسن کان ان دؤر ۾ سنڌ جي حالتن ۾ جيڪي تبديليون آيون تن جو سنڌي ڪهاڻي تي به اثر پيو. سماجي، معاشي ۽ نفسياتي طور تي ماڻهن جي زندگين ۾ وڏي ڦيرڦار آئي. بهتر معاشي زندگي ۽ روزگار لاءِ ماڻهن ڳوٺن کان شهرن جو رخ ڪيو ۽ زندگي جي ٻين پاسن ڏانهن سندن نظرون ويون. زندگي کي مختلفن رخن کان ڏسڻ جو ماڻهن کي موقعو مليو، انهن پنهنجي مسئلن کي مختلف ذريعن جي مدد سان حل ڪيو.
هر ڪهاڻي هڪڙو ننڍڙو ٻج هوندي آهي، جڏهن اها ذهن جي زمين تي ڦٽي (تخليق ٿي) ڪاغذ تي ايندي آهي ته نئون جهان پيدا ٿيندو آهي، اهو جهان انسان جي سوچ کي بدلائي ٿو ۽ پنهنجو گهرو اثر انساني سوچ تي ڇڏيندو آهي.
عباس ڪوريجو به جهان شناس ۽ انسان سان محبت ڪندڙ ماڻهو آهي، سندس ڪهاڻيون اسان جي سماج جون ڪهاڻيون آهن، جن ۾ ان سماج جي مختلف مسئلن جي نشاندهي ڪئي آهي. عباس ڪوريجي جي ڪهاڻي ڪتاب “پنهنجي ڌرتي” جي پهرين ڪهاڻي “ڪاش! مان ڪهاڻيڪار هجان ها!” پڙهندڙن تي سٺو اثر ڇڏيندڙ ڪهاڻي آهي، ان ٽائيپ جون ٿوريون ئي ڪهاڻيون لکيون ويون آهن. هن ڪهاڻي جي پهرين ڪردار لعلڻ جي ڪردار کي ڪجهه وڌائي پيش ڪيو ويو آهي، ليکڪ جڏهن لعلڻ جي باري ۾ ٻڌائي ٿو ته ڪي ڳالهيون اهڙيون ڪري ٿو وڃي جيڪي شايد ئي قبول ڪرڻ جهڙيون هجن، اهي پڙهندڙ جي ذهن مٿان گذري ٿيون وڃن. ڪهاڻي جا باقي ڪردار اسان جي معاشري جي نمائندگي ڪندي مختلف سماجي پهلوئن کي اجاگر ڪن ٿا، خاص طور تي ته ايم-اي پاس ٻڪرار جو ڪردار سنڌ جي هزارين نوجوانن جي نمائندگي ڪري ٿو.
امر جليل اهو ڪهاڻيڪار آهي، جنهن سنڌي ڪهاڻيءَ کي نواڻ بخشي ان کي خوب کان خوب تر بڻايو آهي، سندس لکڻي جي انداز کي نوجوان ٽهي ۾ ٻين ليکڪن جي نسبت گهڻو پسند ڪيو ويو آهي. “پنهنجي ڌرتي” جي ٻئي ڪهاڻي “جانب جي عظيم ديوار” امر جليل جي لکڻي جي ڇانوءَ ۾ محسوس ٿئي، جانب جو ڪردار امر جليل جي ڪردارن جي ياد ڏياري ٿو. ڪهاڻيءَ جي شروعات بهتر آهي، ڪهاڻي جي وچ تائين ليکڪ پنهنجي رستي تي آهي پر ڪهاڻي جي پڇاڙي ۾ ائين ٿو لڳي ته ڪهاڻيڪار منجهي پيو آهي ته هاڻي هو ڪهاڻيءَ کي پورو ڪيئن ڪري ؟؟ ان ڪري ان جي اڻ ٺهڪندڙ پڄاڻي ڪري پنهنجي جان آجي ٿو ڪرائي.
“بي رنگ انڊلٺ” مزاح سان گڏ هڪ ڀرپور ڪهاڻي آهي. سنڌي ڪهاڻي ۾ مزاح جي کوٽ هميشه کان رهي آهي، آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ليکڪن مزاح لکيو آهي نه ته ان پاسي شايد ئي ڪنهن جو ڌيان ويو هجي. “بي رنگ انڊلٺ” سنڌي مزاحيه ڪهاڻين ۾ سٺو اضافو آهي.
ڪهاڻي “ڳيت ڏنل سڏڪا” اسان جي معاشري جي انتهائي اونڌاهي پاسي کي نروار ڪري ٿي. وڏن جي اڻ سهپ، وڏائي، انا پرستي ۽ جاهلائپ ۾ ڪيل فيصلن جو انساني زندگين تي ڪهڙو اثر پوي ٿو ۽ اهي ڪهڙي ريت انسان کي جسماني توڙي روحاني طور تي تباهه و برباد ڪري انساني وجود کي کوکلو ڪري فنا جي رستي ڏي وٺي وڃن ٿا، کي چڱي نموني ظاهر ڪيو ويو آهي. سؤٽ جهڙو ويجهو رشتو به جڏهن غلط ۽ ناجائز نموني سان شادي جي صورت ۾ زوري مڙهيو ٿو وڃي ته پوءِ انهن ٻنهي انسانن جي زندگي ڪهڙي صورت ۾ گذري ٿي ان جو بهترين مثال عباس ڪوريجي جي ڪهاڻي “ڳيت ڏنل سڏڪا” آهي.
ڪهاڻي “سوائي برڪت” هڪ مخصوص دائري ۾ گهمندڙ ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ معاشري جي هڪ مخصوص پاسي جي شعبي جي ڄاڻ سان ان جي مسئلن ۽ برائي کي نروار ڪيو ويو آهي. عباس جي ڪهاڻي “سوائي برڪت” ۾ آيل “در- ڪهاڻي” پنهنجي وجود ۾ هڪ الڳ ئي ڪهاڻي رکندڙ آهي، کير وارا گهڻو ڪري کير ٻهراڙي مان کڻندا آهن ڇو ته ان ۾ انهن کي گهڻي بچت ٿيندي آهي. ڳوٺ ۾ هر هڪ کي پنهنجي مٽن مائٽن سان گڏ ڳوٺ جي ٻين ذات وارن جي حال جي به چڱي نموني خبر هوندي آهي، مرڻي پرڻي ۽ بيماري کان ويندي کنگهه جي به ڄاڻ هوندي آهي ۽ شايد ئي ڪا اهڙي ڳالهه هجي جيڪا ڳوٺ ۾ لڪل رهي سگهي، هاڻي اهڙي مخصوص دائري واري ماحول ۾ توهان “در-ڪهاڻي” جهڙو ڪم نٿا ڪري سگهو. ان لاءِ توهان کي هڪ وسيع دائري جي گهرج آهي جنهن ۾ اهو ڪم هلي سگهي.
“ڪاتيءَ ڪهڙو ڏوهه؟!” وهم پرستي جي موضوع تي لکيل ٺاهوڪي ڪهاڻي آهي، جيڪا اسان جي سماج جي لڪل ذهني اونڌاهي پاسي کي نروار ڪري ٿي. ڪهاڻي جي شروعات ۾ اسان کي منظر نگاري جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي نه ته باقي ڪهاڻي ڊائلاگن ۽ پنهنجي پلاٽ ۾ ڀرپور اثر ڇڏيندڙ ڪهاڻي آهي. عباس ڪوريجي جي ڪهاڻي “ڪاتيءَ ڪهڙو ڏوهه؟!” نجم عباسي جي ڪهاڻي “ڇوڏو” جي ياد ڏياري ٿي، جيڪا پڻ وهم پرستيءَ جي موضوع تي لکيل شاندار ڪهاڻي آهي. “ڇوڏو” جو ڪردار جيئن آخر تائين پنهنجي “ڏوهه” جو اعتراف نٿو ڪري ائين ئي “ڪاتيءَ ڪهڙو ڏوهه؟!” جو ڪردار به آخر تائين پنهنجي ڪيل واردات جو اعتراف نٿو ڪري ۽ پنهنجي ڏاڏيءَ جي وهم کي ائين ئي رهڻ ڏي ٿو، جڏهن ته ضرورت پراڻي روايت کان هٽي ڪري نواڻ آڻڻ جي آهي.
ڪهاڻي “تيرهون مهينو” ڀرپور ڊائلاگن سان شاندار ڪهاڻي آهي، جتي ڊائلاگن ڪهاڻي کي مزيدار بڻايو آهي، اتي مزاح نگاري به ڪهاڻي کي خوب کنيو آهي ۽ ڪهاڻي جي پڄاڻي به بهترين رکي وئي آهي.
ڪهاڻي “ڪمن جو ڪاڻيون” مزاح نگاري ۾ لکيل ڀرپور ۽ وڻندڙ ڪهاڻي آهي. عباس ڪوريجي هي ڪهاڻي لکي پاڻ کي مزاح نگار ڪهاڻيڪار ثابت ڪيوآهي. ڪهاڻيڪار “ڪمن ڪُشٽ” جيڪي ڪهاڻيون لکيون آهن، انهن جو مهاڳ ڀرپور لکيل آهي، مهاڳ پڙهندي چپن تي مرڪ جا پوپٽ اچي وڃن ٿا ۽ ڪهاڻي جي پڄاڻي تي هڪ وڏو ٽهڪ نڙي مان نڪري وڃي ٿو.
ڪهاڻي “گور پٽ بلا” مختصر انداز ۾ لکيل آهي جنهن ۾ ليکڪ وهم پرستي جي موضوع کي ڇُهيو آهي پر ڪهاڻي ۾ جڏهن سوڍل ۽ ٻيا ٻار کي ڳولڻ نڪرن ٿا ۽ سوڍل جيڪا زمين جي ماپ ڪري ٿو ته اها بلا جي ٻن فوٽن جي پير جيتري آهي اها ڳالهه ٿوري ڪهاڻيءَ ۾ مبالغي آرائي کي ظاهر ڪري ٿي.
ڪهاڻي “ڪَرڙي سِرَ” پنهنجي خمير ۾ ڀرپور ڪهاڻي آهي پر جي هن ڪهاڻي جي شروعات “ڳوٺ جي مسجد ٺهي رهي هئي” کان ڪجي ها ته بهتر هو، ڇو ته اڳ ۾ آيل ڊائلاگ ايترو اثر نٿا رکن. هن ڪهاڻي ۾ عباس ڪوريجو بهترين پيغام ڏيڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. قدرت جي ڪارخاني ۾ ڪا به شيءِ فضول يا بيڪار ناهي هر شيءِ جي پنهنجي پنهنجي هنڌ تي ضرورت آهي.
ڪهاڻي “گانڌي جو پٽ” دل کي متاثر ڪندڙ ناهي، ڪهاڻي جو پلاٽ ۽ ڊائلاگ به ڪي خاص اثر ڇڏيندڙ يا وڻندڙ ناهن. عباس ڪهاڻي ۾ پنهنجي مقصد کان تمام پري بيٺل محسوس ٿئي ٿو.
ڪهاڻي “آخري تعويذ” شروعات ۾ ته ڀرپور آهي پر سندس پڄاڻي اڻ ٿيڻي ۽ سمجهه کان ڏورمحسوس ٿي آهي.
ڪهاڻي “ريگنگ منع آهي” اسان جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ نئين ايندڙ شاگردن سان ٿيل واقعن تي لکيل سٺي ڪهاڻي آهي. ان ساڳي ئي موضوع تي انڊين مووي “ٽيبل نمبر 21” به بهترين مووي آهي. عباس جي ڪهاڻي ۾ هڪڙي کوٽ آهي اها ائين ته اڪثر ڪري ريگنگ گڏيل حالت ۾ ٽن يا چئن ماڻهن جي ساٿ سان ٿيندي آهي اڪيلو ماڻهو يا شاگرد ريگنگ نه ڪندو آهي. ڪهاڻي جي پڄاڻي به دل کي ڇهندڙ آهي.
ڪهاڻي “چريا منهنجا آئڊيل آهن!” جو موضوع زبردست آهي، عباس کي ڪهاڻي اندر ڪهاڻيون پيش ڪرڻ جو هنر خوب اچي ٿو، هو هڪ ئي ڪهاڻي ۾ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکي وڃي ٿو. “چريا منهنجا آئڊيل آهن!” جي پڄاڻي کي ڇڏي باقي ڪهاڻي پنهنجو ڀرپور اثر رکندڙ ڪهاڻي آهي.
عباس جي ڪهاڻي ڪتاب “پنهنجي ڌرتي” جي ٽائٽل ڪهاڻي “پنهنجي ڌرتي” شروعات کان وٺي پڄاڻي تائين ڊائلاگ تي مشتمل آهي. ڪهاڻي جو پلاٽ ته ٺيڪ آهي پر ان سان نه هجڻ جي حد تائين نڀاءَ ڪيو ويو آهي. هڪ هندو جيڪو عام لوفر کان وٺي ڌاڙيل تائين ڀتو ٿو ڏيئي، ڏيکاريو ويو آهي، هو جيڪا ٻولي ڳالهائي ٿو اها ڪٿي هيڻي ته ڪٿي ڏاڍائي واري آهي، ڪٿي سندس ڪردار تمام مضبوظ آهي ته ڪٿي وري صفا ڪريل آهي. وزير سان سيٺ جي ڳالهه ٻولهه ٿئي ٿي، اها ساراهه جوڳي ناهي. نظروءَ ڌاڙيل سان سيٺ ڳالهائي ٿو ته اهي ڊائلاگ ايترا اثرائتا ۽ پر زور ناهن، ڊيل ڪرڻ وقت اهڙيون ڳالهيون نه ڪيون وينديون آهن. عباس “پنهنجي ڌرتي” ڪهاڻي اڳ ۾ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي ۾ پڙهي هئي جنهن تي ڪافي دوستن ڳالهايو هو.
مختصر ڪهاڻي لکڻ جو فن تمام ڏکيو آهي، اگر توهان ان ۾ ڪا هلڪي ڦلڪي ڳالهه چوڻ چاهيو ٿا ته ٺيڪ آهي پر اگر جڏهن توهان ڪا وڏي ڳالهه چوڻ چاهيو ٿا ته پوءِ توهان کي ان لاءِ پنهنجي ڪهاڻي کي ٿورو وسيع ڪرڻو پوندو جيئن اها ڀرپور اثر ڇڏي سگهي ۽ توهان جو پيغام به واضع نموني سان ٻين جي اڳيان پيش ٿي سگهي.
عباس ڪوريجي جي مختصر مختصر ڪهاڻين ۾ ڪٿي ڪٿي ته پيغام نهايت ئي چٽو ۽ واضع آهي پر ڪٿي سمجهه ۾ نه ايندڙ آهي. “مان دودو آهيان” ڀرپور ڪهاڻي آهي. دودو ته سڄي سنڌ جو دودو آهي هر سنڌي ماڻهو جي ارڏائپ ۽ بهادري آهي ان ته رڳو ڪنهن هڪ قوم جو حق ڪيئن ٿو ٿي سگهي ؟؟
“آڙيڪائپ” هڪ ذهني پريشاني ۾ مبتلا شخص جي ڪهاڻي آهي، جيڪو سماج کان ڪوهين ڏور گذاري ٿو، جيڪو پاڻ کي سڀ کان الڳ سمجهي ٿو. ڪهاڻي ۾ ڊائلاگ بازي چڱي ٿيل آهي.
ڪهاڻي “پبلڪ ٽوائليٽ” پنهنجي نالي جيان واضع آهي، ان ۾ اسان جي سماج جي ڪرتوتن کي ظاهر ڪيو ويو آهي.
ڪهاڻيون “موچي” ۽ “لال ڪنوار” پنهنجو پلاٽ ۾ واضع ڪهاڻيون آهن،انهن ٻنهي ڪهاڻين ۾ ڀرپوريت آهي.
ڪهاڻين “هن پنهنجا هٿ ڪپي ڇڏيا” “ماڻهپو” “کدڙي جو پٽ” “نئين تصوير” کي اگر نثري ٽڪرن جي خاني ۾ رکجي ته بهتر ٿيندو ڇو ته انهن ڪهاڻين ۾ صرف هڪ فرد جي بيوسي يا لاچاري جي ڳالهه يا ڊائلاگ آهن جن جو ڪهاڻي پڻي سان واسطو ناهي.
ڪهاڻيون “ڪشمڪش” “تنهنجو دوست” “اڌڙ” “ميڻ بتي” “وصيت جو موت” اسان جي سماج جي حالتن سان گڏ اسان جي ماڻهن جي ذهني حالتن جي عڪاسي ڪرڻ سان گڏ انهن جي اندروني مونجهارن کي ظاهر ڪن ٿيون.
ڪهاڻيون “چندو” “مزو” حادثن جو سبب” “2318” جهڙيون ڪهاڻيون پڙهڻ جي حد تائين ته بهتر آهن پر اسان انهن کي بهتري يا چڱائي جي خاني ۾ نٿا رکي سگهون. باقي ڪهاڻي “ميڊ ان سنڌ” پنهنجي جيءَ کي خوش ڪرڻ لاءِ بهتر آهي نه ته حالتون ته تمام خراب پاسي وڃي رهيون آهن.
ڪهاڻي “غيرت جي ڏاٺ” اسان جي ٻهراڙي يا هيٺين طبقي جي شخص جي ڳالهه ڪري ٿي جيڪو وڏي شهر ۾ وڃي “بي غيرت” ٿي وڃي ٿو. ڪهاڻي جي آخري ٻه لائنون تمام مبهم ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ آهن جنهن جي ڪري ڪهاڻي پنهنجو ڀرپور اثر نٿي ڇڏي.
ڪهاڻي “محبوبه جي موبائل” ۾ محبوبه جو ڪردار واضع ناهي کيس ائين پيش ڪيو ويو آهي ڄڻ ته اها ڪا وئيشا هجي، جنهن وٽ مختلف ماڻهن جي اچ وچ ٿيندي هجي، اگر ڪهاڻي ۾ محبوبا جي جاءِ تي وئيشا جو نالو ڏجي ها ته ڪهاڻي ڀرپور ۽ طاقتور هجي ها.

عباس ڪوريجي جون ٻڙي اکري ڪهاڻيون جديد دؤر سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلڻ جي ڪوشش آهن. اڄ دنيا جي مختلفن ملڪن ۾ ليکڪ ZERO BYTE STORIES لکي رهيا آهن، انهن ۾ ڪي نالي وارا ليکڪ به آهن ته ڪي نوان ليکڪ به آهن.
سنڌي ادب ۾ ٻڙي اکري ڪهاڻيون جيڪي جديد سنڌي ادب جي دائري ۾ اچن ٿيون انهن تي اڃان تائين گهٽ ڳالهايو ۽ لکيو ويو آهي. سنڌي ادب ۾ انهن ڪهاڻين جي هن وقت يا اڳتي هلي ڪيتري اهميت ۽ گهرج آهي ان جي خبر ڪجهه وقت ۾ پئجي ويندي.
عباس ڪوريجي جي ٻڙي اکري ڪهاڻين ۾ “ڀاءُ تي بندوق نه تاڻيندم”، “پنندڙ ٻار کي خيرات نه کپي!”،“گانڌي جي پٽ کي پستول”، “پنهنجو آهين، ڇانوءَ ۾ اڇل”،“پٽ! اجرڪ ميرو نه ڪجانءَ” پنهنجي وجود ۾ گهرائي وارو پس منظر رکندڙ ڪهاڻيون آهن، انهن کي اگر روايتي ڪهاڻي واري انداز ۾ لکجي ته بهترين ڪهاڻيون لکجي سگهجن ٿيون، جيڪي دير تائين پنهنجو اثر پڙهندڙ تي ڇڏينديون.
ٻڙي اکر ڪهاڻين جيان عباس جي “تعليمي ڪهاڻين” ۾ “مرد پڙهيو، فرد پڙهيو”، “پنهنجو اسڪول”،“ڏاڏي جو پلاٽ” جهڙيون ڪهاڻيون اسان جي سماج جي چهري تي لڳل ڪارنهن جي نشان جيان آهن. انهن ڪهاڻين تي اگر سوچ ويچار جا گهوڙا ڊوڙائجن ته خبر ناهي ته اهي ڪٿي وڃي پهچن. اهي ڪهاڻيون مختصر هوندي به مختصر ناهن انهن ۾ سوچ جو خزانو لڪل آهي.
ڪهاڻي “جهرڪيءَ جي آکاڻي” تمام بهترين ڪهاڻي آهي، پهرين ڳالهه ته اسان جي اسڪولن ۾ ٻارن کي پڙهايو نٿو وڃي، جي ڪٿي پڙهايو وڃي ٿو ته ڪڙهايو نٿو وڃي، سنڌي ۾ چوندا آهن ته “پڙهيو آهين؟” چي “ها” “ڀلا ڪڙهيو آهين؟” چي “نه” “پوءِ تون به ناهين پڙهيو.” ٻارن کي اگر اسان ننڍي عمر کان ئي پکين، جيتن، جانورن تي رحم ڪرڻ نه سکيارينداسين ته اهي وڏا ٿي ڀلي سٺا آفيسر، انجينئر، سائنسدان ٿين پر انهن جي دل ۾ اگر پکين ۽ جانورن لاءِ رحم نه هوندو ته پوءِ اهي ڪهڙي ڪم جا؟؟؟
عباس ڪوريجو جي قلم ۾ طاقت آهي ۽ کيس پنهنجي سماج جي ڏکن، سورن ۽ دردن جي چڱي ريت خبر آهي ۽ ان سان گڏ کيس انهن ڏکن سورن جي ترجماني ڪرڻ به خوب اچي ٿي.
مان عباس جي قلم ۽ سندس ڪهاڻي جي حرمت لاءِ دعاڳو آهيان ته شل سدا سندس قلم هلندو رهي.

ھي بہ ڏسو

” وڻ “ ناول جو جائزو

مشتاق جروار پوري دنيا ۾ ادب جا مختلف موضوع رھيا آھن دنيا جا اديب شاعر …