طارق قريشي
مان ڄمار جي جنهن حصي ۾ آهيان، ان ۾ اچرج يا ته بنهه ڪونه ٿيندو آهي، يا وري هر ڳالهه دنيا جو اٺون عجوبو لڳندي آهي. مان ڪو گھڻو پوڙهو به ناهيان، نه وري نه وري نوجوان آهيان. هاف سينچريءَ کان ٻه ڏاڪا پوئتي آهيان. ٻن سالن کان پوءِ زندگيءَ جي ففٽي پوري ٿيندي. ڪرڪيٽ ۾ ۽ زندگيءَ ۾ بس اِهو ئي فرق آهي ته پِچ تي بيٺل بيٽسمين، هاف سينچري هڻڻ کانپوءِ فضا ۾ بيٽ بلند ڪري، داد وصول ڪندو آهي، جڏهن ته ڄمار جي وڪيٽ تي بيٺل بيٽسمين ففٽي هڻڻ کانپوءِ، بيٽ بلند ڪرڻ لاءِ ’قومي ترانو‘ به ڳائي، ته به ناڪام ئي رهندو آهي. سرنِگون ٿيل جھنڊا ڦڙڪڻ ئي وساري ويهندا آهن. پر ها! مونتي قسمت ڪجھه مهربان رهي آهي. منهنجي وهيءَ کي کهي کڻي بيٺي آهي، قدبت، هڏڪاٺ چڱو اٿم، مٿان وري منهن مهانڊو به موچارو، اکيون وڏيون ۽ ڪشمشي رنگ جون، رنگ گورو، مناسب بيهڪ، آواز وڻندڙ، سڀاءُ ۽ رک رکاءُ مانائتو، مطلب ته اٺيتاليهن ورهين جي ڄمار ۾ به ٽيهن پنجٽيهن ورهين جو لڳندو آهيان. اڃا تائين به اڪثر ائين ٿيندو آهي، جو ڪي نوان ماڻهو مون کي منهنجي چوويهن ورهين جي پٽ منصور کي گڏ ڏسندا آهن ته منصور کان منهنجي لاءِ پڇندا آهن ته:
”مسعود صاحب توهان جو وڏو ڀاءُ آهي؟“
جڏهن کين خبر پوندي آهي ته مسعود صاحب، منصور جو وڏو ڀاءُ نه، پر پيءُ آهي ته پهرين ٿورو تپرس ۾ پئجي ويندا آهن ۽ پوءِ دل سان يا ساڙ ۾ هڪدم چئي ڏيندا آهن ته:
”لڳي ئي ڪونه ٿو ته ٻئي پيءُ پٽ آهيو! مسعود صاحب ته عمر چور آهي!“
ها! برابر مان ’عمرچور‘ آهيان، اڄ ذري گھٽ پنجاهه جو آهيان، پر پنجاهه کان پندرهن سال ننڍو ٿو لڳان. پر اڄ کان پندرهن سال پهرين ته ڇوڪريون يقين ئي ڪونه ڪنديون هيون ته ڪو مان شادي شده به آهيان ۽ منهنجو پٽ منصور ڪلاس فور ۾ ٿو پڙهي.
ان زماني ۾ بنگلاديش جي گرامين بئنڪ کان علاوه ٻين ملڪن ۾ مائڪرو فنانس سان مختلف ماڊلر سمجھڻ لاءِ ايشيا کنڊ جي تقريبن اڪثر ملڪن جا اڀياسي دورا ڪيا هيم. منيلا ۾ ڪيٿولڪ عيسائڻ جيميڪا ملي هئي، مان هن کي وڻي ويو هيس، مون کي اچرج ڪونه ٿيو. ڇوته جوانيءَ ۾ اچرج ٿيندو ئي ناهي. جواني آهي ئي ان سرمستيءَ جو نالو، جتي قدم قدم تي ’مقام عبرت‘ اڳيان ايندا آهن، پر ماڻهوءَ کي نه مڪان ياد هوندو هئو نه ئي وري لا مڪان!
جيميڪا جو پيءُ يهودي هو، زال هن کي طلاق ڏئي ڇڏي هئي. جيميڪا بالغ ٿيڻ کانپوءِ خودمختيار ٿي وئي هئي. هن جي زندگيءَ ۾ هڪڙو بواءِ فرينڊ به اچي چڪو هو، ماءُ جي چوڻ تي ان کي ڇڏي ڏنائين، ڇو ته اهو به اتفاق سان يهودي هو. اسان ٻنهي جي وچ ۾ خيالن جي هم آهنگيءَ جو اهو هڪڙوئي وڏو نقطو هو ته هن کي به يهودي ڪونه وڻندا هئا ۽ مون کي به ڪونه وڻندا هئا.
مان سهڻو سيبتو ته ضرور هئس، پر ڀلو ڀليءَ جو ڇيهه ٿورئي آهي. فلپائن ۾ بازار مصر هئي، مون کان وڌيڪ سهڻا شهزادا نوجوان هئا. مون جيميڪا کي سمجھايو به ته:
”جذباتي نه ٿيءُ، مان ڪنوارو ناهيان، زال اٿم، پٽ به اٿم، توکي پاڻ سان گڏ وٺي ڪونه ٿو هلي سگھان.“
چيائين: ”بهانا ٿو ٺاهين! مان جيستائين تنهنجي زال ۽ ٻار نه ڏسنديس، تيستائين پت ڪانه ڪنديس.“
مون هن کي ڦوٽو ۽ وڊيو مووي ڏيکاريا، پوءِ به هن کي اعتبار نه آيو. ڪابه راهه سجھي ئي ڪونه پئي، پڇيومانس:
”توکي مون تي يقين ڇو نه ٿو اچي ته مان شادي شده آهيان!؟“
چيائين: ”تون شادي شده هجين ها ته ائين لڄارو نه هجين ها، مون وانگر بي باڪ هجين ها.“
مون کي سمجھه ۾ نه آيو ته هن کي ڇا چوان. اڃا جواب ڏيڻ لاءِ ڪجھه سوچيان پيو ته وري چيائين: ”جيتوڻيڪ تنهنجي اکين ۾ shyness ۽ تون هر وقت حجابن ۾ گھيريل هوندو آهين، پر پوءِ به تون آتش فشان هوندو آهين. وقت اچڻ تي مڇريل طوفان ۽ بيقرار سمنڊ بڻجي ويندو آهين.“
مون کي هن جي سادگيءَ تي مرڪڻو پئجي ويو. هن کي ڪهڙي خبر ته مان جنهن ملڪ جو آهيان، ان ملڪ جا ماڻهو گھاڻي جا ڏاند آهن. بس رڳو اکين تان کوپا لاهي، کين کولي ڇڏي ڏيو، پوءِ ريس جا گھوڙا بڻجي ويندا آهن. هوءَ ڪونه مڙي، گڏجي مون سان منهنجي وطن آئي ۽ منهنجي زال سان دوستي رکي، مون کي هڪڙو سٺو مڙس قرار ڏيئي واپس منيلا موٽي وئي.
جيميڪا جيڪڏهن اسان جي ملڪ جي هجي ها ته شايد ائين شرافت سان ڪونه وڃي ها. ڇوته مون کي جيتريون به مقامي ۽ ديسي جيميڪائون مليون، انهن سڀني جو نظريو اهو ئي هو ته:
”يا سج کٽي، يا ٻج کٽي!“ ۽ منهنجو اصول هو ته: ”آئي ته روزي، ٽري ته بلا!“
مون کي پنهنجو اهو اصول ان ڪري وڻندو هو جو، منهنجو پنهنجي پاڻ بابت خيال هو ته مان ڪيڏو به خراب مرد ڇو نه هجان، پر مون کي هڪڙو سٺو مڙس به بڻجڻو آهي ۽ سٺي مڙس ٿيڻ جو فقط هڪڙو ئي طريقو آهي ته officially فقط هڪڙي شادي ڪجي. اهو ئي سبب آهي، جو منهنجي زال فوزيه مسعود مون تي اڄ به فخر ڪندي آهي. منهنجا مثال ڏيندي آهي ته:
”مسعود هند سنڌ گھميو، پر ڪٿي هرک نه هاريائين.“ مون کي خوشي ٿيندي آهي ته مون هرجائي هوندي به سچيءَ دل سان هن جو ڀرم ۽ غرور برقرار رکيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن دل چوندي آهي ته فوزيه کي سڀ ڪجھه ٻڌائي ڇڏيان. هن جي اڳيان اعتراف ڪري ڇڏيان ته مون کان ڄاڻي واڻي ۽ اڻ ڄاڻائيءَ ۾ ڪيئي خطائون ٿيون آهن. پر جڏهن هوءَ نماز پڙهي دعا گھرندي آهي:
”اي مٺا مالڪ! تون مون کي سڀ ڪجھه عطا ڪيو آهي، عزت ۽ پيار ڪرڻ وارو مڙس، شهتير جهڙو پٽ ۽ ڪامڻ پدمڻي ننهن به ڏني اٿئي. زماني جي هر روڳ، غم ۽ محتاجيءَ کان بچايو اٿئي، تنهنجا لک احسان، ڪروڙين ڪرم! اڳتي به اهائي ٻاجھه پيو ڪندو رهجانءِ“ ته اها دعا ٻڌي مان اهو خيال ئي دل مان ڪڍي ڇڏيندو آهيان ته مون کي فوزيه جي آڏو ڪو اقبال جرم به ڪرڻو آهي.
هونئن به هاڻي منهنجي لاءِ اقبال جرم ڪرڻ جا ڏينهن گذري ويا آهن، ڇو ته مان هاڻي خود منصف جي ڪرسيءَ تي چڙهي ويهي رهيو آهيان. اڄ ڪلهه منهنجي عدالت ۾ منهنجي ننهن منال درخواستون داخل ڪندي آهي. اها نوبت اچڻ کان گھڻو پهرين مون منصور کي سمجھايو هو ته:
”يا ته ايڏو مڙس ماڻهو ٿي وڃ، جو سڀ ڪجھه زال جي اڳيان ڪري سگھين. يا وري پوءِ اهو ڪر، جيڪو مون ڪيو، يعني جيڪو ڪجھه زال کان لڪائي ڪرين ٿو، ان بابت زال کي ڪڏهن به هوا لڳڻ نه ڏي.“
چيو ڪونه مڃيائين، اهو ئي ڪندو رهيو، جيڪو خوبصورت مردن جو شيوو هوندو آهي. خوبصورت مرد جي قسمت ته خوبصورت عورت کان به وڌيڪ خراب هوندي آهي. ڇو ته خوبصورت عورت تي سڄي دنيا عاشق هوندي آهي ۽ خوبصورت مرد لاءِ سڄي دنيا رقِيب!
منال پاڻ به سهڻي ۽ سلڇڻي آهي. پر منصور مردانه وجاهت جو پيڪر آهي. ڏيادار اکيون، گلابي ڊولائتا چپَ، تکو نڪ، ويڪري پيشاني، رنگ گلابي، نهاري ته عورت جو جگر ميڻ وانگر رجي! ڀرپور جواني هجي ۽ قدڪاٺ هجي. شرٽ ۾ باڊي بلڊنگ سبب ٺهيل cuts ۽ مسلز نمايان ٿي بيهن ته پوءِ اهڙي ڳاڙهي ڳڀروءَ کي ڏسي، اُهي به مت وساري ويهنديون هيون، جن ڇوڪرين زندگيءَ ۾ ڪڏهن نامحرم ڏي نگاهه به نه ڪئي هوندي.
منال کي منصور پهرين گھور ۾گھايل ڪيو هو، منصور اسان کي منال جي مائٽن سان ملايو، ڳالهيون ٻولهيون ٿيون، ميل ملاقاتون ٿيون، رشتو طئه ٿيو. شادي به خيرن سان ٿي وئي. فوزيه ۽ مان خوش ٿياسين، خوش ته اڃا به آهيون، پر هاڻي ٿوري پريشاني اها آهي ته منصور ۽ منال ننڍي ننڍي ڳالهه تي وڙهي ٿا پون.
منصور بي لغام بڻجڻ ٿو چاهي، جڏهن ته منال جو خيال آهي ته هاڻي وڳ به سندس آهي ته واڳ به وٽس هئڻ گھرجي. هڪڙو ڀڄي، ٻيو ڇڪي. ان ڀڄ ڀڄان ۽ ڇڪ ڇڪان ۾ ٽياڪڙيءَ جو ڪم فوزيه مون تي رکندي آهي. مان منال جو پاسو کڻندو آهيان، حق تي هوندي آهي. نه به هجي، ته به ڇڙواڳ پٽ جي حمايت ڪري، انياءُ ۽ انڌيرو ڪرڻ مون کي ڪونه جڳائيندو.
ڪالهه رات دير تائين وڙهيا، وڙهي وڙهي سمهي پيا. خبرناهي ته ننڊ آين الائي نه، پر وڙهڻ جا آواز هنن جي ڪمري مان اچڻ بند ٿي ويا. نيرن وقت منال مون سان ۽ فوزيه سان گڏجي کاڌو پيتو، منصور سويل ئي نڪري ويو هو. منال کان پڇيم ته: ”رات ڇاتي هنگامو هو!“
منال داستان ڇيڙي ڇڏيو. نيون پراڻيون سڀ شڪايتون ٻڌايائين، هر شڪايت ۽ دانهن جو اهو ئي پسمنظر هو ته منصور منال سان بي وفائي ڪندو آهي، هن جا ٻين عورتن سان به واسطا آهن. دل ۾ طئه ڪيم ته اڄ منصور سان صاف صاف ڳالهائيندس ۽ هن کي وڌيڪ ڇڙواڳ ڪونه ڇڏيندس. هاڻي ٻن ڪلاڪن کان انتظار ۾ ويٺو هوس، شام ٿي ۽ گذري وئي. رات ڇانئجي رهي هئي، منصور اڃا تائين گھر نه موٽيو هو. مان انتظار ۾ فوزيه کان ٻه ڀيرا چانهه ٺهرائي پي چڪو هوس، منصور جو سيل فون به بند هو، هن ڏاڍي دير ڪئي هئي. اوسيئڙي ۾ هئس ته موبائيل فون جي رنگ وڳي، ڪال منهنجي آفيس جي هڪ نوجوان ڪريڊت آفيسر سراج جي هئي. سراج ٻڌايو ته:
”هو اڄ ڪچي آباديءَ جي بدر ڪالونيءَ ۾ مسمات شبانه پروين جي قرض جو اپريزل ڪرڻ وڃي رهيو آهي.“ هن کي مون چيو هو ته اهو اپريزل منهنجي موجودگيءَ ۾ ڪجانءِ.
سلام دعا کانپوءِ سراج متوقع طور اپريزل تي وڃڻ بابت ٻڌايو، چيومانس ته:
”مان اچي توکي جوائن ڪيان ٿو.“ فون بند ڪري مان تيار ٿيس، فوزيه کي ٻڌائي گھر مان نڪري آيس. ڊرائيور پيراڊو جو دروازو ڏاڍي احترام سان کوليو، گاڏي اسٽارٽ ٿي، سفر شروع ٿيو. اربن پاورٽي ايليوئيشن پروگرام جي چيف هئڻ ڪري مون کي اداري طرفان تمام گھڻيون سهولتون مليل آهن، آخر هجن به ڇو نه، مون پروگرام کي شهر جي ڪچين آبادين ۾ ڪاميابيءَ سان هلايو آهي. مون هن وقت تائين پروگرام جي ٽيم سان گڏ چار ارب روپيا قرض ڏنو آهي. في گھراڻو پنجاهه هزار قرض ڏيندا آهيون. قرض فقط عورتن کي ڏنو ويندو آهي، قرض مان عورتون گھرن ۾ ننڍا ننڍا ڪاروبار ڪنديون آهن. اسان جي قرض جي واپسي (سروس چارجز سميت) هنڊريڊ پرسينٽ آهي.
مسمات شبانه جو اپريزل ڪرڻ لاءِ مان ان لاءِ وڃي رهيو هوس، جو هن ڪريڊٽ آفيسر سراج کي ٻڌايو هو ته هوءَ قرض مان ڪاروبار ڪونه ڪندي، بلڪه گھر جي ضرورتن تي خرچ ڪندي. پروگرام جي قاعدن مطابق قرض فقط ننڍن ڪاروبارن لاءِ ڏيڻو هو. ڪريڊٽ آفيسر کي ڪلائينٽ وڃائڻو ڪونه هو ۽ قرض گھرندڙ عورت کي قرض ذاتي مقصد لاءِ گھربل هو. مون کي اچي ٻڌايائين ته: ”سر! مان منجھي پيو آهيان، ڇا ڪيان؟“
مون هن محنتي نوجوان ڪريڊت آفيسر کي چيو ته: ”اهو قرض ڏئي نه ٿو سگھجي“
هو مايوس ٿي ويو. مون ڪجھه دير لاءِ سوچيو هو ۽ پوءِ فيصلو ڪيو هيم ته گھٽ ۾ گھٽ اپريزل ٿيڻ گھرجي. اهو سوچي مون هن کي چيو ته: ”اهو اپريزل ڪجانءَ، پر مان به موجود هوندس.“ ڪچي آباديءَ جي بدر ڪالونيءَ ۾ موجود، ٽين جي ڇت واري ٻن ڪمرن جي ننڍي گھر ۾ مسمات شبانه جي اڳيان ويٺا هئاسين. اپريزل فارم ڪڍي، ڪريڊٽ آفيسر سراج ڪاعذي ڪارروائي شروع ڪرڻ چاهي، مون سراج کي چيو ته: ”خانه پوري ۽ لک پڙهه بعد ۾ ڪجانءَ، مان هن کان انٽرويو ڪندس.“ قاعدو به اهو ئي آهي ته اپريزل ۾ موڊ آف ري پئمنٽ جو اندازو لڳائجي، ان لاءِ انٽرويو ئي رهنما طريقو آهي.
مائيءَ کان پڇيم ته:
”تنهنجو مڙس ڇا ڪندو آهي؟“
ٻڌايائين ته:”شٽرنگ جو ڪم ڪندو آهي.“
آمدني ڪيتري اٿس؟ مهيني جي خرچ پکا ڪهڙا آهن؟ گھر جي مسواڙ، بجلي، گئس ۽ ٻيا يوٽيلٽي بلز معلوم ڪرڻ بعد مان دل ۾ حساب لڳائيندو ويس ته مائي قرض ته وٺي ٿي، پر واپس ڪرڻ ۾ مسئلو ڪندي. انٽرويوءَ کانپوءِ مون هن کي چيو ته: ”اسان توکي قرض نه ٿا ڏئي سگھون“ اهو ٻڌي اڌڙوٽ عمر جي مسمات شبانه جا ڇيهه ڇڄي پيا ۽ اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳي.
مون هن کي ٻڌايو ۽ سمجھايو ته اسان قرض پيداواري مقصدن لاءِ ڏيندا آهيون. تو وٽ آمدني وڌائڻ جو ڪو منصوبو ته ڇا، پر خيال به ڪونهي.ڏاڍي مظلوميت وچان ڪريڊٽ آفيسر سراج کي هڪ نظر وڌائين ۽ منٿ ڪندي چيائين ته: ”صاحب! ڪاروبار لاءِ ئي قرض کپيم، مون وٽ پيداوري مقصد ۽ منصوبو آهي، پر توکي ٻڌائي نه ٿي سگھان.“ مان اٿي بيٺس، سراج کي چيم ته هل ته هلون.
مسمات شبانه نالي مائيءَ کي چيم ته: ”جيڪڏهن مون کي پنهنجو ٺوس قسم جو پيداواري منصوبو ٻڌائي سگھين ۽ مون کي مطمئن ڪري سگھين ته اسان جي ڏنل قرض مان تون آمدني ۽ اُپت وڌائيندينءَ ۽ پنهنجي معاشي حالتن ۾ بهتري آڻيندينءَ ته توکي قرض ملندو نه ته ڪونه ملندو.“
مائي مُنجھي پئي، ٻڏتر ۾ پئجي وئي، سڏڪو ڀريندي چيائين: ”صاحب اڪيلائيءَ ۾ ٻڌائيندس.“ مون سراج کي اکين جي اشاري سان ٻاهر وڃڻ جو چيو. سراج گھر مان ٻاهر هليو ويو، مائيءَ وڃي گھر جو ڀڳل کڙ کڙ ڪندڙ لوهي دروازو بند ڪيو ۽ پوءِ منهنجي سامهون اچي ويٺي. اکين مان نير هلنس پيا، روئندي ٻڌايائين ته هن جو مڙس ڪونه ڪمائيندو آهي، پٽ جيل ۾ اٿس. گھر جو خرچ هن جي ننهن هلائيندي آهي، هن جي ننهن فيڪٽريءَ ۾ ڪم ڪندي آهي ۽ رات جو گھر کي فيڪٽري بڻائيندي آهي.
”فيڪٽري بڻائيندي آهي؟“
مان پڇيو
”ها! گراهڪ آڻيندي آهي“
مان ڇرڪجي ويس….
چوڻ لڳي: ”گھر ۾ سهولتون ڪونهن، سٺو يبيڊ سيٽ ڪونهي، پکو به پراڻو آهي، گھر کي معطر ڪرڻ لاءِ ايئر فريشنر به ڪونهي، باٿ روم ۾ ڪموڊ خراب آهي، ڪمرن جا دروازا ۽ ڪڙا به پراڻا ۽ ٽٽل آهن، مهمان اچن ته شربت ۽ ڪولڊ ڊرنڪ به ڪونه هوندي اٿئون، پر حد اها آهي ته ڪنهن کي ٿڌو پاڻي پيئارڻ لاءِ اسان وٽ فرج به ڪونهي.“
مون پڇيو: ”اهي شيون اچي وينديون ته ڇا تنهنجو مڙس ڪمائڻ لڳندو؟ تنهنجو پٽ جيل مان رها ٿي ويندو؟، تنهنجي ننهن جسم فروشي بند ڪندي؟“
هن جواب ڏنو، ”منهنجو مڙس ڀلي وڃي آفيم کائي، هڪ ڏينهن گند جي ڍير تي مئو پيو هوندو، ايڌيءَ وارا دفنائي ڇڏيندس، مون کي پرواهه ناهي. پٽ به ڀلي پيو جيل ۾ پوچا هڻي، مون کي پرواهه ناهي، پر منهنجي ننهن ڏکي آهي، هن کي فيڪٽريءَ مان ملن ٻه چار هزار، اُهي ته جاءِ جي ڀاڙي ڪرائي ۽ بلن ۾ پورا ٿيو وڃن. رب ڄمار ۽ صحت ڏئيس، رات جو ٻه پهر گھر ۾ اوور ٽائيم ڪندي آهي ته ڪڏهن پنج سو ته ڪڏهن هزار ٺهي پوندا آهن. پيٽ جي پورت به ٿيو وڃي ۽ لٽو ڪپڙو به ڪري سگھون ٿا.“
مان حيرانيءَ مان هن کي ڏسان پيو ته هن جي چهري تي ڪابه ندامت ڪانهي ۽ نڪ جي پڪائيءَ سان پنهنجي ننهن جي جسم فروشيءَ جي حوالي سان ائين پئي ٻڌائي، ڄڻ ته ڪو چڱو ڪم پئي ڪري.
چوڻ لڳي: ”صاحب! هڪڙو اي. سي هڻائبو، ڪمري کي رنگ روغن ٿيندو، پردا لڳندا، سٺو بيڊ روم سيٽ ايندو، در دروازا نوان پئجي ويا ته تنهنجي پنجاهه هزار جي قرض مان اسان جي انڪم وڌي ويندي. غريب مزدور ۽ گھٽ پئسن وارن گراهڪن کي جواب ڏبو، گھر ۾ سهولتون هونديون ته پوءِ مڙئي ڪجھه آسودا گراهڪ ايندا، جيڪي ٻه ڏوڪڙ وڌيڪ ڏيندا ۽ روزي چمڪي پوندي.“
مان ماضيءَ ۾ هليو ويس، جڏهن مان رورل ڊيولپمينٽ پروگرام ۾ فيلڊ يونٽ انچارج هئس. ڳوٺاڻيون تنظيمون ٺاهي، غريب ڳوٺآڻن کان بچت به ڪرائيندا هئاسون ۽ انهن کي قرض ڏئي، گڏوگڏ هنر ۽ سکيائون ڏئي، انهن جي اُپت وڌائڻ ۾ مدد ڪندا هئاسون. مون کي اڄ به ياد آهي ته ان زماني ۾ مون سڀائيءَ نالي هڪ پوڙهي عورت جو قرض لاءِ اپريزل پئي ڪيو،
پڇيومانس ته: ”امان! ڇا لاءِ ٿي قرض وٺين؟“ چيائين: ”ابا!ٰ تون قرض ڏيڻ وارو، مان وٺڻ واري، تون اهو نه پڇ ته ڇو پئي وٺان؟“ وري سوال کي گھمايم ”گھر ۾ دڪان کوليندينءَ؟ يا ٻڪريون وٺندينءَ؟“ انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيائين، چيائين: ”گھر ۾ کپن ٿا“
چيومانس: ”ته پوءِ توکي قرض ڪونه ملندو، ڇوته هي قرض آهي آمدني ۽ اپت وڌائڻ لاءِ، ذاتي استعمال ۽ گهر جي لاءِ ناهي. توهان غريبن وٽ کائڻ لاءِ هجي ڪونه، قرض وٺي T.V وٺندا آهيو، ڪنهن جوان ڇوڪري کي موٽر سائيڪل خريد ڪري ڏيندا آهيو يا وري ٻارن جا طهر ڪرائيندا آهيو. جڏهن قرض جي واپسيءَ جو وقت ٿيندو ته قرض لاهڻ لاءِ وياج تي وڃي قرض وٺي ايندا آهيو، ائين ته توهان قرضا قرضي ٿي ويندا ۽ توهان جي معاشي حالت سڌرڻ بدران وڌيڪ خراب ٿيندي.“
مائي سڀائيءَ جي چهري تي تمام گھڻي اداسي ڇانئجي وئي، چيائين: ”ابا! غربت ۾ گذارو ٿي ويندو آهي، پر غيرت کانسواءِ گذارو ناهي ٿيندو. مون کي ٻڌاءِ ته ماڻهو ڪمائيندو ڇا لاءِ آهي؟ ڇو اُپت ۽ آمدني وڌائجي؟“ مون چيو ته: ”آمدني وڌائجي ته جيئن زندگيءَ جو معيار بهتر ٿئي.“ چيائين: ”زندگيءَ جو معيار ڇا ۾ بهتر ٿيندو آهي؟“
چيومانس: ”توهان جي گھر ۾ پڪا ليٽرين هجن، پيئڻ لاءِ صاف پاڻي هجي ۽ گئس بجلي هجي، ضرورت جون شيون استري، پکو، جوسر، فرج، ٽي.وي هجي، صحت لاءِ اسپتال هجي، اسپتال وڃڻ لاءِ روڊ هجي ۽ سواري هجي، ٻارن لاءِ اسڪول هجن، گھر جي خرچ جيتري ڪمائي هجي.“
پڇيائين ته: ”اهو سڀ ڪجھه مُهيا هجي ته ماڻهو ڪيئن محسوس ڪندو؟“
چيم: ”ماڻهو سڪون ۽ سک محسوس ڪندو.“
چيائين: ”سڀ ڪجھه هجي، سڪون به هجي، سک به هجي، پر عزت محفوظ نه هجي ته پوءِ؟“
مون الجھيل انداز ۾ مائي سڀائيءَ کي ڏٺو، پڇيم:
”مون کي توهان جي ڳالهه سمجھه ۾ نه آئي.“
چهري تي غم ڇاپجي ويس، چوڻ لڳي: ”پٽ! تون آهين ته آفيسر، پر منهنجي پٽ امير عليءَ جيڏو آهين، تنهنڪري توکي پنهنجو ٻچو سمجھي ٿي ٻڌايانءِ. منهنجو مڙس رنن جو پياسي آهي، هڪڙي رات منهنجي ننهن ۾ وڃي هٿ وڌائين، مان وقت تي پهچي ويس، منهنجي ننهن مون کي چنبڙي وئي، ڏاڍو پئي روئي، دلاسو ڏنومانس ته گھٻراءِ نه، مان آهيان نه، توکي هاڻي ڪو خطرو ناهي. مڙسالي کي منٿ ميڙ ڪري، ٽاري ٻي ڪمري ۾ وٺي ويس، پيرن تي پوتي رکي مانس ته:
’هيءَ اسان جي ننهن آهي، ٻچو پرديس ۾ ڪمائڻ لاءِ ويو آهي، پويان هن جي امانت ۾ تون پيءُ پاڻ پيو خيانت ڪرين!؟‘
وڙهڻ لڳو، مارڻ پيو اچي، مڙسالو چوڻ لڳو ته:’رنن جا ريٽ ويا آهن وڌي، پراين ماين تي ڌن لٽائي لٽائي صفا ڦڪڙ ٿي ويو آهيان، گھر ۾ جوان جماڻ ڇوري ويٺي آهي، مفت جا ٽڪر پئي کائي، پٽ جي زال آهي، ڏکيءَ ويل ڪم نه ايندي ته قبر تي قبا اڏائيندي يا قيامت آجي ڪرائيندي؟‘
رئي جي پلئه مان پئسا ڇوڙي مڙسالي کي ڏنم ۽ چيو مانس ته هي وٺ ٽي سو روپيا وڃي حاڪم زاديءَ وٽ اڇو منهن ڪري اچ ۽ جڏهن وري ٻاڙ لڳئه ته مون کان ٽي سو روپيا وٺي وڃجانءِ.“
هاڻي هفتي ۾ ٻه ڀيرا ته ڪڏهن وري ٽي ڀيرا مڙسالي کي ٽي ٽي سو روپيا هر چڪر ڏيندي آهيان….. پر گھر ۾ هاڻي پويان ڪجھه ڪونه بچيو آهي. تون قرب ڪر، قرض پاس ڪر، مان اها رقم رکي ڇڏيندس، ان مان پئي مڙسالي کي ٽي ٽي سو ڪري ڏيندس.
پڇيومانس: ”قرض ته مڙس کي پلڻ ۾ خرچ ڪندينءَ، اهو قرض پنج ڇهه مهينا تنهنجي ننهن جي عزت بچائيندو، پوءِ ڇا ڪندينءَ؟“
چيائين: ”تيستائين منهنجو پٽ به پرديس مان موٽي ايندو ۽ ايترو ضرور بچائي ايندو، جو تنهنجو قرض موٽائي ڏيان.“
مون هڪ لمحي لاءِ به ڪونه سوچيو ۽ مائي سڀائيءَ جو اپريزل فارم ڀري، باقي ڪاغذي ڪارروائي مڪمل ڪيم ۽ هن کي ٻن ڏينهن ۾ قرض جي رقم ڏياري هيم.
اڄ به منهنجي سامهون عرصي کانپوءِ ڄڻ ساڳيو ئي مرحلو اچي ويو هو، پر فرق اهو هو ته مائي سڀائيءَ ننهن جي عزت بچائڻ لاءِ قرض ورتو هو ۽ هتي مسمات شبانه ننهن جي عزت کپائڻ لاءِ قرض گھري رهي هئي. مون هڪ لمحي لاءِ سوچيو ۽ مسمات شبانه پروين کي چيو ته توهان کي قرض ملي ويندو.
گھر مان ٻاهر نڪتس ته گھٽيءَ ۾ ڪريڊٽ آفيسر سراج بيٺو هو، هن کي چيم ته هو مسمات شبانه پروين جو اپريزل ڪري، جلدي Process پورو ڪري وٺي. ائين چئي مان واپس پنهنجي گھر هليو آيس.
گھر آيس ته منصور ڪيڏانهن ٻاهر وڃي رهيو هو، چيومانس: ”تولاءِ نياپو ڇڏيو هيم ته مان جيستائين واپس نه اچان ته ڪيڏانهن وڃجانءِ نه، انتظار ڪجانءِ، تون انتظار ڪرڻ بجاءِ وڃين پيو!؟“
منصور مسڪرائي، فرينڪ انداز ۾ اک هڻندي چيو:
”يار بابا! سمجھو نه مون کي سنگت وٽ جلدي پهچڻو آهي.“ مان سمجھي ويس ته هن جي ڪنهن گرل فرينڊ سان ڊيٽ آهي.
مون ڊگهو ساهه کنيو ۽ چيو: ”هينئر ڀلي وڃ، پر هاڻي ڪجهه منال جي باري ۾ سوچ، هن کي ڇو ٿو ايڏو ستائين! زال سان ڪجھه ته سچائي ڪر!“
منصور وري مرڪي پيو، ڀاڪر پائي، مون کي ڳل تي چمي ڏيندي چيائين: ”زال سان سچائي ڪرڻ لاءِ اڃا سڄي زندگي پئي آهي.“ ائين چئي هو ڪار ڊرائيو ڪري هليو ويو.
اهو پهريون ڀيرو ڪونه هو، اڳ ۾ به هو ڪيترائي ڀيرا ائين ڳالهه ٽاري، ويندو رهيو هو. منصور جي ارڏائي ۽ فرينڪ نيس جو ذميوار مان پاڻ ئي هئس، مون ئي هن کي اهڙي بي تڪلفي ڏني هئي، ڪانووينٽ اسڪول ۾ پڙهايو هيومانس، ڊگري ڪئنيڊا مان ورتي هئائين، شادي ۽ نوڪري پنهنجي مرضيءَ سان ڪيائين. مان هن سان دوستن وانگر هلندو هئس، سٺي پيءُ ٿيڻ جي ڪوشش ۾ هن تي پنهنجي مرضي ڪڏهن به مسلط ڪونه ڪيم. هاڻي نتيجو اهو بيٺو آهي ته جو مان هن کي نصيحت ڪيان ٿو ته هو مرڪي ٻيو موضوع ڇيڙيندو آهي، يا ڪو نه ڪو بهانو ڪري مون وٽان ڀڄي فرار ٿي ويندو آهي.
لائونچ ۾ ڪوٽ لاهي ڀر ۾ رکيم ۽ پاڻ کي صوفا تي آهلي ڇڏيم. پاڻيءَ جو گلاس سامهون آيو، نگاهون کڻي ڏٺم ته فوزيه ڪونه هئي، منال منهنجي لاءِ پاڻي جھلي بيٺي هئي. مون پاڻي ورتو ۽ پڇيو مانس ته: ”فوزيه ڪٿي آهي؟“
”آنٽي فوزيه، بيگم امينه هاشماڻيءَ جي گھر درس ٻڌڻ وئي آهي، چيائون ته واپسيءَ ۾ ٿوري دير ٿي ويندن.“
اهو اطلاع ٻڌائي منال منهنجي سامهون ويهي رهي، مون پاڻيءَ جا ڪجھه ڍڪ پيتا ۽ پنهنجي ڪمري ڏانهن وڃي رليڪس ٿيڻ جو سوچيم ته اوچتو محسوس ٿيو ته منال مون کي ڏسي رهي آهي. مون منال ڏي نهاريو، دل ئي دل ۾ هن تي رحم آيو، منصور جي ڇڙواڳيءَ تي ارمان به ٿيم،خيال آيو ته منال کي ٻه چار جملا دلاسي ڏيڻ لاءِ چئي ڇڏيان. ڪجھه چوڻ لاءِ لفظ سوچيم، چوڻ لاءِ چپ چورڻ وارو هئس ته مون کي محسوس ٿيو ته منال مون ڏي لاڳيتو نظر ٽڪائي ڏسي رهي آهي. هن جي نهار ۾ عجيب شعاع هئا، هن جي گھور عام رواجي نه هئي. تمام ٿورن سيڪنڊن ۾ منهنجي اندر ۾ الارم وڄڻ لڳو. مان پنهنجي دل ۾ ڌماڪا ٿيندي محسوس ڪرڻ لڳو هئس، منهنجو وجود لمحن ۾ تحليل ٿي رهيو آهي ۽ لحظي ۾ ٻيهر جڙي رهيو هو. انڪشاف ٿي رهيو هو، ڏاڍو خطرناڪ انڪشاف هو يقين ڪرڻ نه پيو چاهيان، پر يقين ڪرڻو پيو پوي. منال جي اکين ۾ پڪار هئي، سڏ هئا، رڙيون هيون، ايلاز هئا، ڌمڪيون هيون، چتاءَ هئا، عزم هو، فيصلا هئا.
سڀ ڪجھه لمحن ۾ سمجھي ويو هئس، پر پوءِ به پاڻ کي رد ڏيندي، پنهنجو ڀرم رکندي، نظرون هٽائيندي چيومانس: ”ڪا پريشاني آهي ڇا!“ بوکلاهٽ ۽ وائڙپ ۾ ٻيو جملو به بي اختيار چيو هيم: ”منصور وري ڪا نئين بدمعاشي ڪئي هوندي!“ الائي ڪيئن ڳالهائيندو رهيس، شديد ڪنفيوزن ۾ هڪ ٻئي پٺيان جملا زبان مان اڪلندا پئي ويا. ”مان هاڻي هن سان سختي ڪندس. تون گھٻراءِ نه، منهنجي هوندي توسان گھڻي عرصي تائين نا انصافي نه ٿيندي، غلطي منهنجي آهي، جو مان منصور لاءِ ڪڏهن به پيءُ ناهيان بڻيو، دوست بڻجي مون شايد ٺيڪ ناهي ڪيو، اڪيلو مان ئي ذميوار ناهيان، پر فوزيه به منصور کي گھڻو دادلو رکيو آهي. منصور کي اسان ٻئي گڏجي سمجھائينداسين، هو توکي تنگ نه ڪندو، توسان ڪابه خيانت نه ڪندو.“
مان ڳالهائيندو رهيس، منال نگاهن جو ميخون منهنجي چهري ۾ کوڙي ويٺي هئي. هڪ لمحي لاءِ به هن جي نظر نه هٽي، اک ڪانه ڇنڀيائين، اکيون ڄڻ ته ليزر گن بڻجي ويون هئس، شعاع منهنجي اکين مان گذري، پوري وجود کي ڳاري، ساڙي رک ڪري رهيا هئا. مان خاموش ٿيس، نظرون هٽائي ڇڏيم، منهنجي هر ممڪن ڪوشش هئي ته منهنجي نگاهن جو منال جي تابڪار گھور سان ڪو ٽڪراءُ نه ٿئي.
هن اوچتو هڪ مختصر جملو ڳالهايو، ڄڻ هوا ۾ ڪو تير منهنجي ڪنن وٽان گذري ويو: ”توهان منصور کي منهنجي لاءِ ڪجھه به نه چئو، ضرورت ئي ڪانهي، توهان رڳو پنهنجو پاڻ کي منهنجي پارت ڪري ڇڏيو.“
مون ڇرڪي هن ڏي ڏٺو، الائي ڪيئن اهو لمحو حياتيءَ کان به طويل ٿي ويو، لڳي پيو ته وقت جي پيرن ۾ ڪي ڏانوڻ پئجي ويا آهن. چيومانس: ”مون سمجھيو ڪونه…“
چيائين: ”زبان مان نڪتل ڳالهه سمجھڻ ۾ ڀل چڪ ٿي سگھي ٿي، نگاهون سمجھڻ ۾ ڪا غلطي ناهي ٿيندي. توهان سڀ ڪجھه سمجھي ويا آهيو ۽ جيڪڏهن توهان وڌيڪ اڻ ڄاڻ بڻجڻ ۽ نه سمجھڻ جو ڍونگ جاري رکيو ته پوءِ منصور وانگر توهان کان به نا اميد ٿي وينديس.“
مان دهلجي ويس، دماغ جي ڌرتيءَ سان هزارين پڇڙ تارا هڪ ئي وقت ٽڪرائجي ويا هئا. مون بي اختيار منال جي اکين ۾ ڏٺو، اکيون نه هيون، سواليه نشان هو، جنهن جي اڳيان لکيل هو، ”ڇا ٿو چوين؟ ’ها‘ يا ’نه‘!!؟؟“
منال جي چهري تي موجود سنجيدگي وڏي واڪي اهو چي رهي هئي ته
”تخت ٿيندو يا تختو….“
مون زندگي ڀر ماڻهن سان ڪم ڪيو آهي، ٻهراڙين ۾ رورل ڊيولپمينٽ پروگرام جو آفيسر رهيس، هاڻي اربن پاورٽي ايليوئيشن پروگرام ذريعي شهري ماڻهن سان روزمرهه جو واسطو اٿم، سوين هزارين مردن سان، سوين هزارين عورتن سان روزانو لهه وچڙ رهي اٿم، ماڻهن کي سمجھن، پرکڻ ۽ پنهنجي پئڪيج تي انهن کان عمل ڪرائڻ هاڻي مون لاءِ سنڌي ۽ انگريزي ٻنهي ٻولين وارو فن بڻجي ويو آهي، مان ماڻهن جو ڌنار رهيو آهيان. ٻن منٽن ۾ منال کي سمجھي ويس ته هن جي ڪايا پلٽ ٿي وئي آهي. منصور جي لاپرواهيءَ ۽ خود غرضيءَ منال کي Reaction تي هاڻي لاهي وڌو آهي.
مون دل جي آئيني ۾ پاڻ کي ڏٺو، مان مڃان ٿو ته مان ڏاڍو سهڻو آهيان، اڃا به گريس فل آهيان، مان اندر جي آرسيءَ ۾ ڏسي رهيو هئس، منهنجي چهري تي جوانيءَ کي هولي بڻائڻ جا رنگ به لڳل هئا، پر آئينو ٻڌائي پيو ته مان ڪرپٽ ناهيان، مون پاڻ کي ڇاڇوليو، منهنجي دل ۾ منال لاءِ ڪونه ميرو خيال نه آيو ۽ اچي به ڪيئن؟ مون کي منهنجي دل تي مون کي ملائڪن جي تقدس جي ڇانو نظر آئي. مون کي خبرناهي ته ڪيئن خيالن جي تلاءَ مان ٽٻي هڻي ٻاهر نڪتس ۽ ڪيئن منال ڏي نظرون کڄي ويون. ڏٺم ته منال منهنجي ڪنهن به جواب جي منتظر هئي. اڃا ڪجھه ڳالهايم ئي ڪونه ته واءَ ۽ کانڀاڻي هلڻ جو سرڙاٽ ٻڌم.
”توهان مون کي ڪو جواب ناهي ڏنو؟“
خبر ناهي ته مون منال کي زبان سان جواب ڏنو هو يا دل ۾ چيو هيم ”مائي سڀائيءَ جو ننهن جي عزت بچائڻ لاءِ اپريزل مون پاڻ ڪيو، هن کي آئوٽ آف وي لون ڏنم. مسمات شبانه کي ننهن جي عزت کپائڻ لاءِ آئوٽ آف وي قرض مون پاڻ منظور ڪيو هو، مون کي سمجھه ۾ نه ٿو اچي ته ننهن کان بچڻ لاءِ منهنجو اپريزل ڪير ڪندو.؟“
منال منتظر نگاهن کي منهنجي چهري مان هٽائڻ لاءِ اڃا تائين راضي نظر ڪونه پئي آئي…..