دليپ ”دوشي“
ٿر جي ڪوئلي مان اتان جي مقامي ماڻهن کي ھيل تائين جيڪا دربدري، تباھي، ڀينگ ۽ پنھنجي زمينن تان بي دخلي سميت جيڪي ڪجھ به پلئه پيو آھي ۽ ايندڙ وقت ۾ جيڪي عذاب، مصيبتون ۽ ڏچا ڀوڳڻا پوندا سي سڀ پاڻ کي چڱي ريت پتو آھي. گوڙاڻي وٽ بيٺل ڪوئلي جي گندي پاڻي جا منفي اثر جڏھن ٻين ڳوٺن ۾ تباھي مچائيندا تڏھن گھڻن جا مٿي تي ھٿ ايندا. ڏيپلي تعلقي جي ڏاکڻي پٽي جيڪا وڃي ننگر جي ويجھو ختم ٿئي ٿي سا سموري لوڻ جي ذخيرن سان ڀريل آھي، انھي پاسي لوڻ جون باقاعده فيڪٽريون آهن، گذريل ڪيترن ئي سالن کان لاتعداد لوڻ ھتان ڪڍي ٽرڪون ڀري ملڪ جي مختلف علائقن ڏي موڪليو وڃي ٿو، ڪا روڪ ٽوڪ، ڪو حساب ڪتاب، ڪا پڇا ڳاڇا ناھي، علائقي جو عوام ويتر بدحال آھي. ٻي پاسي ننگرپارڪر ۾ ڪارونجهر جبل آھي جنھن جي قيمتي پٿر کي ڪپي، ڪوري، ڪٽي کنيو ٿو وڃي. ھي اھو ئي ڪارونجهر آھي جنھن جي سيني ۾ ڪيسوٻاءِ جو لازوال عشق ساھ کڻي ٿو جنهن لاءِ خليل ڪنڀر لکيو ته
مونکي ساڻ وٺڻ ٿو چاھين
ڪارونجهر کي ڪوري کڻ تون.
روپلي ڪولهي، ھانسو ريٻارڻ ۽ مسڪين جھان خان کوسي جي انھي ڪارونجهر کي سرمايي جا پوڄاري، واپاري ۽ ٺيڪيدار ڪٽي وڃي وڪرو ڪندا رهيا آهن. نام نهاد ترقياتي منصوبن ۾ مقامي ماڻهو ئي سڀ کان وڌيڪ اذيتون ۽ عذاب ڀوڳيندو آهي.
ھڪڙي پاسي پوري ٿر تي ڪاروباري ڪمپنيون ڳجھن وانگر لامارا ڏئي معدني ذخيرن جو ماس پٽي رھيون آھن ته ٻئي پاسي ٿر جو عوام پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهي. پاڻي جو اھو مسئلو ھڪڙي ٻن ڏينھن جو نه پر ڪيترن ئي جڳن کان ھلندو اچي. منافعي لاءِ مٿو ھڻندڙ رياستي مشينري، سنڌ حڪومت ۽ ڪاروباري ڪمپنيون جن کي ڪوئلو، لوڻ، گرينائيٽ ۽ ڪارونجهر جو قيمتي پٿر ته کپي ٿو پر ماڻھن کي پيئڻ لاءِ پاڻي پهچائڻ انھن جي پري پري تائين جي به ڪا ترجيح ناھي. ائين به ناھي تہ سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ پاڻي جون ڪي وڏيون نديون پيون وهن حالت ٻين ھنڌن تي پڻ خراب آھي، خاص ڪري پڇڙي جي علائقن تائين پاڻي وڏي مشڪل سان ٿو پھچي. ڪجھ مھينا پھرين بدين ۾ پاڻي جي بدترين کوٽ لڳي پئي ھئي. پيئڻ لاءِ لپ پاڻي اڻلڀ ٿي ويو ھو، فصل سڪي، سڙي رھيا ھئا. اتان جا مقامي ساڃاھ وند ساٿي مختلف شھرن ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف مظاهرا ڪندا اچي ھتي اسلام آباد پھتا ھئا ۽ ھتي راڄڌاني ۾ موجود دوستن جي گڏيل سھڪار سان زبردست احتجاجي مظاهرو پڻ ڪيوسين. پاڻ وٽ وفاقي سطح کان وٺي پاڻي جي ورھاست جو نظام اڻ برابريءَ ۽ انتظامي طور ناقص بنيادن تي ٻڌل آھي. جنھن ڪري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ هٿرادو بحران جو سوال سدائين اھم رھيو آھي. ڪيترن ئي سالن کان اھو پڻ ٻڌندا اچون ته پاڻي جي کوٽ جو سوال عالمي تضاد جي شڪل ۾ ڏينھون ڏينهن تيزي سان اڀري رھيو آھي، جيڪو دنيا کي ايندڙ ڏھاڪن ۾ وڏي ويڙھ طرف ڌڪي سگھي ٿو. ڏکڻ آفريڪا جي گاديءَ جو هنڌ ڪيپ ٽائون دنيا جو پھريون ملڪ آهي جتي گذريل سال پاڻي جو انتهائي سنگين بحران سامهون آيو. انکانپوءِ انتظاميا ۽ عوام طرفان سنجيدهه، احتياطي ۽ وقتائتا فيصلا ڪيا ويا، نوي ڏينهن تائين پاڻي جا سڀ نلڪا مڪمل طور بند ڪيا ويا تڏهن وڃي بحران کي گهٽ ڪيو ويو. اڃان به اتي هفتي ۾ هڪ ڏينهن Day Zero هوندو آهي ۽ انهي ڏينهن ميونسپل شهر کي پاڻي فراهم ناهي ڪندي.
اھي ته بنھ مختصر عالمي، ملڪي ۽ سنڌ جي ٻين ضلعن جون خبرون آھن. پاڻي جي مامري ۾ ٿر سان ويڌن ڪجھ مڙي سوائي آھي. آئون اڄ به اھو چوندو آھيان ته ٿر جي نج ڳوٺاڻي ماڻهو وٽ پاڻي جي پرک ۽ قدر پئسي پنجڙ ۽ مال ملڪيت کان وڌيڪ ھوندي آھي. وسڪاري جي مند ۾ برسات جو پاڻي زير زمين سيمينٽ جي ٺاھيل ٽانڪين ۾ گڏ ڪرڻ دولت ذخيرو ڪرڻ جي برابر سمجهيو وڃي ٿو. مينھن وسڻ کانپوءِ ھمراھ ھڪٻئي کان اھو سوال ضرور ڪندا آهن ته ابا ڏي خبر تو وٽ ڪيترو پاڻي ڀيڙو ٿيو آهي.؟ ھتي اسلام آباد ۾ سدائين پيو مينھن وسندو آھي. ھينئر جنھن مھل ھي مضمون لکي رھيو آھيان ته ٻاھر گوڙ کنوڻ جو ٽڙڪاٽ لڳو پيو آهي ۽ منھن اوڙڪون ڪري پيو وسي. دل اڪثر اٻاڻڪي ۽ اداس ٿي پوندي آهي ته ھتي جيڪا برسات وسي ٿي ڪاش انھي جي اڌ جو به اڌ حصو ٿر ۾ وسي پوي ته ماڻھو ھوند ڪيڏا سکيا، ستابا ٿي پون. ٿر ۾ اڄڪلھ پاڻي جو انتھائي بدترين بحران آھي، اھا ڪا نئين ڳالهه پڻ ناھي جو ھر سال تيز اُس ۽ لڱ ساڙيندڙ گرمي جي انھن ڏينھن ۾ کوھن جو پاڻي به سڪي ويندو آهي. واچوڙا ماڻھن جي وجود ۾ ويڙھو اڏي ويھي رھندا آھن. گرم لوءُ ۽ جھولا اھڙا لڳندا آهن جو غريب ماڻھن جو ھينئون پيو خوف وچان لوڏا کائيندو آهي. ٿر جي ماڻھو جي حياتيءَ پيئڻ لائق پاڻي جي ڳولھا ڪندي گذريو ٿي وڃي. شيخ اياز جي وائيءَ “جت لُڪ لڳي جت اڪ تپن سو ديس مسافر منهنجو ڙي” انھن آرھڙ جي ڏينھن ۾ حقيقت جو ويس اوڍي ظاھر ٿيڻ لڳندي آھي ۽ حليم باغيءَ جون سٽون “منھنجي ٿر جو حال جي پڇندين، روئي پوندو، روئي پوندو” ٻڌڻ سان واقعي اکين جي اُڀ مان ڳوڙھن جو مينھن وسڻ لڳندو آهي. اھي جذباتي ڪيفيتون آهن جيڪي اسان سڀني جي اندر ۾ ساھ کڻڻ ٿيون ۽ ماڻھن جي مسئلن کي سمجھڻ ۽ محسوس ڪرڻ لاءِ احساس مھيا ڪن ٿيون.
ٿر جي ڳوٺن ۾ پاڻي حاصل ڪرڻ جو بنيادي ۽ اھم ذريعو زير زمين کوٽيل کوھ آھن. انھن کوھن جو پاڻي بي انتها کارو ۽ زھريلي گئسن سان ڀريل ھوندو آھي. اھو پاڻي واپرائڻ جي ڪري ڪيترن ئي ڳوٺن جا ماڻهو ھڏن ۽ ڏندن جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي پيا آهن. صفا ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا اھڙا کوھ آھن جن جو پاڻي مڙئي پيئڻ جھڙو ھوندو آھي ۽ ٿر جا ماڻھو انھي پيئڻ لائق پاڻي کي “مٺو” پاڻي سڏيندا آهن. ڪٿي ڪو وڙلي مٺو پاڻي نڪري پوندو آھي ته ماڻھو خوشي ۽ سرھائي جو اظھار مٺي ڀت جون ديڳيون لاھي ڪندا آهن. اڄڪلهه ٿر جي کارن کوھن جو پيٽ پڻ خالي ٿيندو پيو وڃي. مسئلن جي ماريل ماڻھن وٽ مرڻ کانسواءِ ٻي ڪا واھ ناھي بچندي تہ کين اھي ئي کوھ خودڪشي جي لاءِ ڪم ايندا آهن. ٿر ۾ لڳايل آر او پلانٽس جنھن کي حڪومتي ھمراھ ايشيا جو وڏي ۾ وڏو آر او پلانٽ جو نظام سڏين ٿا سو به ڪو خاص ٻوٽو نه ٻاري سگھيو آهي. اڌ کان مٿي پلانٽ انتظامي ڍانچي جي نااهلي سبب بند ٿي ويا آھن. ملازم دربدر لڳا پيا آهن، کين پگھار ئي نٿو ملي. جن ڳوٺن ۾ پاڻي جا پلانٽ انڌو منڊو ھلن ٿا انھن جو “ٺيڪو” ڳوٺ جي چڱن مڙسن وٽ آھي سو غريب ماڻھو جھڙو اڳي تھڙو تڳي.
ھونئن ته ھر سال انھن ڏينھن ۾ ٿر جا گھڻائي ماڻھو پنھنجو چوپايو مال وٺي، جيڪو لڳ ڀڳ لکن جي تعداد ۾ ھوندو آھي، بئراجي علائقن ڏانهن نڪري ايندا آهن. اتي ٻني ٻاري تي ھارپو ۽ محنت مزدوري ڪري پيٽ پاليندا آهن ۽ چوپائي مال جي حفاظت پڻ ڪندا آهن پر اڄڪلهه ڪرونا وبا جا ڪلور لڳا پيا آهن تنھنڪري ٿر جا مالوند مارو ماڻھو بئراجي علائقن ڏانهن لڏپلاڻ پڻ ناھن ڪري سگھيا. ڪرونا سان گڏ پاڻي جي تنگي جي ڪري ماڻھن جو گذرسفر انتھائي مشڪل ٿي پيو آهي. ٿر ۾ پاڻي جي کوٽ جي خلاف اڳي به واڪا ۽ رڙيون ڪندا رهيا آھيون پر ڪجھ ڏينهن کان انتھائي منظم ۽ زبردست انداز ۾ سماجي ميڊيا ۽ خاص ڪري ٽوئٽر تي مھم ھلائي رھيا آھيون پر مجال آھي جو سنڌ جي اقتداري ڌرين جي ڪن تي ڪا جونءَ به چري ھجي. انھي مھم جو ھڪ اھم مطالبو اھو آھي ته پاڻي بحران کي مستقل بنيادن تي منھن ڏيڻ لاءِ ٿر ضلعي تائين پاڻي جو ڪئنال پھچايو وڃي. انڊيا ۾ اڄ کان پنج ڏهاڪا پهرين ٻين رياستن سميت راجستان رياست ۾ ڪئنال جي ذريعي پاڻي پهچايو ويو هو. اهو ڪئنال پهرين راجسٿان ۽ هاڻي اندرا گانڌي ڪئنال جي نالي سان سڏجي ٿو، جيڪو انڊيا جو سڀ کان وڏو ڪئنال پڻ آهي. اهو ڪئنال هزارين ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ سان گڏ عوام ۽ چوپائي مال جي گهرجن کي پورو پڻ ڪري ٿو. انڊيا جي ريگستاني علائقي ۾ 1960ع ۾ پاڻي پهچي سگهي ٿو گهٽ ۾ گهٽ ٿر جي ماڻهن کي هن دور ۾ ته پاڻي ڏنو وڃي. اهو ٿر جي عوام جو بنيادي قانوني حق آهي ته کين ڪئنال ٺاهي مستقل بنيادن تي پاڻي مهيا ڪيو وڃي.