.(10 جنوري تي سندس 18 ھين ورسي جي حوالي سان) (خادم رند) شعور انسان جي اھا خوبي آھي جيڪا ڌرتيءَ تي رھندڙ مڙني ساھدارن کان کيس منفرد ۽ ممتاز بڻائي ٿي. انھيءَ شعور وسيلي انسان نہ رڳو ترقي ۽ بقا جا مختلف مرحلا ۽ منزلون طئي ڪندو رھيو آھي پر ھن پنھنجي اندر جي احساسن ۽ جذبن کي اظھارڻ لاءِ موسقي، مصوري، مجما سازي، عمارتسازي ۽ ناچ جهڙا فن بہ ايجاد ڪيا آھن. اظھار جي اھڙين مڙني مھارتن يا ڪلائن لاءِ انگريزي لفظ Fine Arts ڪتب آڻبو آھي ۡ۽ انھن مان ڪنھن بہ شعبي ۾ مھارت رکندڙ ماڻهو کي اسين فنڪار، ڪلاڪار يا ڪنھن ٻي نالي سان سڏيندا آھيون. انسان ڀلي ڪٿان جو بہ رھواسي ھجي پر ھن پنھنجي اندر جي اڌمن کي ڪنھن نہ ڪنھن طريقي سان ضرور پئي اظھاريو آھي. دنيا جي ٻين علائقن ۽ پرڳڻن جيان سنڌ جي فنڪارن ۽ ڪلاڪارن بہ پاڻ کي ڀرپور نموني اظھاريو آھي. خاص طور موسيقي ۽ مصوريءَ جي ميدان ۾ سنڌ ڪيترائي وڏا نالا پيدا ڪيا آھن جن پنھنجي بيمثال فن ۽ ڪلا سبب پنھنجي ڌرتيءَ جو نالو ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ روشن ڪيو آھي. سنڌ ۾ ھڪ پاسي مشھور ۽ معروف فنڪار آھن تہ ٻي پاسي وري اھڙا ڪلاڪار بہ آھن جيڪي پنھنجي فن ۾ ماھر ھوندي بہ ڪن سببن ڪري گهربل مشھوري ۽ مڃتا کان محروم رھيا آھن. منھنجو استاد مرحوم سائين اياز حسين ابڙو بہ ھڪ اھڙو ئي ڪلاڪار ھيو جيڪو ھڪ ئي وقت بهترين مصور ۽ موسيقار ھوندي بہ انڪري مشھوري ماڻي نہ سگهيو جو ھن پنھنجي فن کي فقط ذاتي تسڪين تائين ئي محدود رکيو.سائين اياز حسين ابڙو 20 مئي 1946ع ۾ قنبر تعلقي جي ڳوٺ جيئڻ ابڙي ۾ يارمحمد خان ابڙي جي گهر ۾ پيدا ٿيو. زميندار گهراڻي سان واسطو رکندڙ يارمحمد خان شڪار ۽ شاعريءَ سان خاص شوق رکندو ھو. اياز حسين ابڙي سنڌي فائنل 1962ع ۾ پنھنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان پاس ڪئي. مئٽرڪ پرائيويٽ نموني ھاءِ اسڪول قنبر مان پاس ڪرڻ کانسواءِ پرائمري ٽيچر ڪورس (PTC) پڻ ڪيائين. سائين اياز حسين ابڙي پنھنجي ملازمت جي شروعات 1972ع ۾ پرائمري ٽيچر طور ڪئي ۽ 1998ع ۾ ھيڊ ماسٽر جي حيثيت ۾ ملازمت تان وقت کان پهرين رٽائرمينٽ ورتائين. سائين اياز حسين ابڙو ھڪ ماھر مصور ۽ موسيقار ھجڻ سان گڏ لکڻ پڙھڻ ۽ مختلف قسمن جا ساز ۽ جهنگلي جيوت جا ماڊل ٺاھڻ ۾ بہ مھارت رکندو ھو. سندس ٺاھيل سازن ۾ بانسريون، وائلن، سرندو، سرود، سارنگي ۽ يڪتارو شامل آھن. سائين اياز حسين ابڙي کي موسيقي ۽ فطرت جي حُسناڪين سان ننڍي ھوندي کان ئي چاھ ھو. مصوري جي فن ۾ ھن شروعاتي رھبري پنھنجي وڏيءَ ڀيڻ کان حاصل ڪئي. اڳتي ھلي ھو قمبر جي مشھور آرٽسٽ محمد عالم ابڙي جي شاگردي ۾ آيو. سائين ايازحسين ابڙي ھونئن تہ مصوري جي مختلف پاسن تي ڪم ڪيو آھي پر خاص مھارت کيس برڊ اسڪيچز، مني ايچر پينٽنگز، انڪ ورڪ ۡ۽ لينڊ اسڪيپ ۾ ھئي. فطرت جي مختلف مظھرن مان گل ٻوٽا، ٿوھر، پوپٽ ۽ پکي کيس ڏاڍو وڻندا ھيا. اھوئي سبب آھي تہ سندس پينٽنگز جو وڏو حصو فطرتي منظر ڪشي تي مشتمل آھي جن ۾ رونبو، پلي پٽڻ، گاھ ڪرڻ، سارين جي سٽ ڪٽ، ڪڻڪ ۽ سارين جو لابارو، چوپائي مال جا ڌڻ، سرنھن جي ڦولار، کوھ تان پاڻي ڀرڻ، نارن جو وھڻ ۽ ڳوٺن ۽ ڍنڍن جا منظر شامل آھن. سائين اياز حسين ابڙي سڀ کان گهڻو ڪم پکين جي اسڪيچن تي ڪيو آھي. سنڌ جي تقريبن سڀني پکين کي ھن ٽارين ۽ گاھ تي ويھندي، پاڻيءَ مٿان ترندي ۽ ٽٻيون ھڻندي ۽ اڏامندي خوبصورت انداز ۾ چٽيو آھي. پکين ۾ وري سڀ کان گهڻا اسڪيچ مور جا ٺاھيا اٿائين. سائين اياز حسين پنھنجي تصويرن ۾ آئل پينٽ، واٽر ڪلر، بليڪ انڪ، چارڪول ۽ مارڪر ڪتب آندا آھن. سائين وٽ ڪافي قسمن جا پکي ڌاريل بہ ھيا جن ۾ طوطا، لو برڊ، ڪيناريون، ڪجھ قسمن جون فنچون، چڪور، تتر، بلبلون وغيره شامل آھن. سائين اياز حسين کي پکين سان ايترو تہ پيار ھيو جو ھن ڪنھن شڪار ڪيل پکيءَ جو نہ ڪڏهن گوشت کاڌو ۽ نہ ڪڏهن پاڻ شڪار ڪيائين. ھر ھنڌ شڪار واري عمل جي نندا ڪندو رھندو ھو. پکين کي ڏسڻ ۽ سندن مشاھدو ڪرڻ لاءِ پنھنجي ويجهي تر وارين ڍنڍن کانسواءِ پري تائين بہ پنڌ ڪري ويندو ھو. آبي پکين مان ھنجھ ۽ رتب کيس ڏاڍو وڻندا ھئا. سائين ياز حسين ابڙو موسيقي جي ميدان ۾ ڳائڻ نہ پر وڄائڻ وارو ڪلاڪار ھو. ھو مختلف قسمن جا ساز جيئن بينجو، بانسري، ھارمونيم، سرندو، سارنگي، وائلن، دلربا، سرود، ڪي بورڊ ۽ سيڪسو فون وڏي مھارت سان وڄائيندو ھو. ھن جي ڳوٺ واري اوطاق تي ڳائڻ ۽ وڄائڻ وارن جي اچ وڃ رھندي ھئي جنھنڪري وقت بوقت موسيقيءَ جون محفلون مچنديون رھنديون ھيون. انکانسواءِ ھو يارن دوستن جي شادين يا خوشي جي موقعن تي بہ پنھنجي فن جو مظاھرو ڪندو ھو. سائين اياز حسين ٻڌائيندو ھو تہ ھن موسيقي جي تربيت پنھنجي سُهري الاھي بخش خان ابڙي کان ورتي. بعد ۾ قنبر شھر جي مشھور ڳائڻن استاد اشرف علي ۽ استاد محرم علي کان رھنمائي وٺندو رھيو. ھن سارنگي جي سکيا عرس فقير کان ۽ وائلن جي سکيا ماستر ميھر سوناري کان حاصل ڪئي. سائين اياز حسين پلاسٽر آف پيرس، مٽي ۽ ڪاٺ مان پکين ۽ ٻين جاندارن جا تمام سهڻا ۽ ھو بھو ماڊل بہ تيار ڪيا. ھن مونکي بہ پلاسٽر آف پيرس مان فنچن جي جوڙي جا ماڊل ٺاھي ڏنا ھيا جيڪي ڪيترائي سال مون وٽ محفوظ ھئا. سائين اياز حسين نثر ۽ نظم ۾ بہ سٺي طبع آزمائي ڪئي. ھو جيئن تہ پنھنجون لکڻيون ڇپائڻ ۾ دلچسپي نہ وٺندو ھو انڪري سمورو مواد ھينئر تائين سندس پونئيرن وٽ قلمي صورت ۾ پيو آھي. شاعريءَ ۾ سائين اياز حسين ڪجھ بيت، ڪافيون ۽ غزل لکيا آھن. سموري سنڌ ۾ مڃتا ماڻيندڙ قنبر جو ڀلوڙ شاعر استاد پيرل ’قمبر‘ سندس شاعريءَ ۾ استاد ھو. سائين اياز حسين ابڙي جي اوطاق ڪافي ڪشادي ھوندي ھئي جنھن ۾ ڪيترن ئي قسمن جا گل ٻوٽا، وليون ۽ ٿوھر زمين ۽ ننڍين وڏين ڪونڊين ۾ پوکيل ھوندا ھئا. ٿوھرن سان تہ کيس وڏو لڳاءُ ھو تنھنڪري سندس اوطاق ۾ مختلف قسمن جي ٿوھرن جي وڏي ميڙي چونڊي موجود ھوندي ھئي. ھو ڪٿي بہ ڪا نئين جنس ڏسندو ھو تہ ڪوشش ڪري حاصل ڪندو ھو. سائين اياز حسين ابڙي وٽ ڪافي زرعي زمين ھئي جتان ھو دڙا ۽ ڪڙون، ڪک ڪانا، سر، ڊڀ ۽ ٻيو قدرتي طور ڦٽل مواد ڄاڻي واڻي صاف نہ ڪرائيندو ھو تہ جيئن پکين ۽ ٻي جهنگلي جيوت کي تحفظ ۽ آرام وارو ماحول مهيا ٿي سگهي. ھو پاڻ بہ تقريبن ڏھاڙي ٻنين تي ويندو ھو ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ اتي ترسي فطرتي ماحول مان لطف اندوز ٿيندو ھو. پنھنجي ڳوٺ جي ويجهو واري ٻنيءَ تي ھڪ دڙي مٿان جهوپڙي بہ ٺهرائي ھيائين جتي اڪثر دوستن سان ڪچهريون ڪندو ھو.سائين اياز حسين ابڙي جو ذڪر پهريون ڀيرو مون سائين مقبول احمد قادري جي واتان ٻڌو ھو جنھن وٽ اسين قمبر ھاءِ اسڪول ۾ شام جو انٽر گريڊ ڊرائينگ جا ڪلاس اٽينڊ ڪندا ھياسين. اھو 78ـ1977ع جو زمانو ھو. سائين اياز حسين سائين مقبول جو گهاٽو دوست ھو جنھن واتان سائين اياز حسين جي پينٽنگ جي تعريف ٻڌي مون ۾ کيس ڏسڻ جو شوق جاڳيو. ھڪ ڏينھن سائين اياز حسين جيئن ئي اسڪول ۾ اچي ويٺو تہ مون وڃي کيس پنھنجي ٺهيل تصوير ڏيکاري. سائين تصوير ڏسي تعريف ڪئي ۡۡۡۡ۽ مونکان تعارف پڇيائين. ان جي ڪجھ ڏينھن کانپوءِ مان پنھنجي ٻن دوستن شبير احمد وئينس ۽ منير احمد رند سان گڏجي سائين اياز حسين سان ملڻ سندس ڳوٺ جيئڻ ابڙي ويس. سائين اسان سان ڏاڍي پيار ۽ قرب سان مليو ۽ چيائين تہ توهان 5 ڪلوميٽر پنڌ ڪري آيا آھيو؟ ڪجھ وقت ڪچهري کانپوءِ مون کيس رڪئيسٽ ڪئي تہ مان توهان کان ڊرائينگ سکڻ ٿو چاهيان جنھن تي سائين ھائوڪار ڪئي. اھڙي ھائوڪار تي مونکي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ اسان ٽئي دوست سائين اياز حسين کان موڪلائي سج لٿي ڌاران پيدل پنھنجي گهرن ڏانھن موٽياسين. سائين اياز حسين سان ٻاراڻي عمر ۾ جڙيل اھو تعلق 10 جنوري 2003ع ۾ سندس اوچتي ۽ جيءُ جهوريندڙ وڇوڙي تائين قائم رھيو. فطرتي حُسناڪين سان انتھا درجي جو پيار ڪندڙ ھي مھان ڪلاڪار ۽ اعليٰ انسان صبح جي وقت پنھنجي باغ ۾ گلن ٻوٽن کي پاڻي ڏيندي دل جو دؤرو پوڻ سبڀ اسان کان جدا ٿي ويو.