ڊاڪٽر فيض جوڻيجو
مان هن سماج جي روين کان بيزار ٿي خاموشي اختيار ڪئي هئي، ڪا ڍنگ جي نوڪري نه ملڻ جي ڪري مالي طور ڪافي پريشان رهيو آهيان، جڏهن ته نظرياتي طور منهنجو اڀياس اڄ ڏينهن تائين جاري آهي، ان ڳوڙهي اڀياس جي ڪري 1994ع ۾ مون ”جديد سامراجيت“ جو نظريو ڏنو، جيڪو دنيا ۾ هڪ جدت آهي پر سنڌي سماج ان کي سمجهڻ بجاءِ مون کي هڪ وڏي سزا ڏني، مون خاموشيءَ سان Ph.D مڪمل ڪئي، جيڪا مارڪس ازم جي روشنيءَ ۾ هئي. (طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر) اسان جي اها دعويٰ آهي ته اسين پهريان فرد آهيون، هن سنڌي ادب ۾، جنهن مارڪس ازم کي ۽ ادب کي هڪ نئين رخ ۾ پڙهيو آهي. مهراڻ يونيورسٽي جي شاگردن، مايا خان، نعيم ڪوريجو، سنيل سارنگ، ذيشان سومرو، نائنا ٽالپر، مرڪ جوڻيجو، سيد امير علي ۽ حباش جوڻيجو، سنڌ سڌار پروگرام (Sindh Sudhar Program) تحت مون کي اهو احساس ڏياريو ته مان جيڪو انسان ۽ انساني سماج لاءِ سوچيو آهي ان لاءِ ڪجهه ڪري سگهان ٿو، منهنجي نئين تحقيق جيڪا اڄ توهان هاڻي قسطوار پڙهندؤ، اها انهن نوجوانن جي همٿ ۽ ڪوششن جي ڪري آهي، مان آخر ۾ ”سوڀ“ اخبار جي ايڊيٽر ظهير ميراڻي جو ٿورائتو آهيان جنهن منهنجي فڪري مواد کي ڇپڻ لاءِ حامي ڀري آهي.
مادي وجود رکندڙ فرد بظاهر توهان کي جيترو آسان سمجهه ۾ اچي ٿو هو پنهنجي جوهر ۾ ايترو ڳوڙهو آهي، سڀ کان پهرين ته فرد اُها هڪ خارجي هستي آهي، جيڪا مادي حقيقتن کي تغير، تبديلي ۽ ارتقا تحت ان جي جوهر ۽ مظهر کي سمجهڻ جي صلاحيت رکي ٿي، هن هستي جو جنم سماج جي سَتَ (07) اِڪائي واري گهرڙي ۾ ٿئي ٿو، جنهن ۾ فطرت جو هڪ لزوم شامل رهي ٿو، جيڪو سندس جنس جو تعين ڪري ٿو ۽ فرد نتيجو آهي، ان لزوم جو، ٻين لفظن ۾ ته فرد جو جنم سماجي اڪائي جي محنت جي پيداوار آهي، هيءَ ڄڻن جي اڪائي فرد جي فطري ضرورتن جو خيال رکندي هن کي ماڻهو جي ٻار مان انسان جي ٻار جي تربيت شروع ڪري ٿي ۽ انسان جي لکا سال شعوري محنت ۽ تجربي جي موٽ ۾ مخصوص عملن ۽ شين جي وجود کي سمجهڻ سمجهائڻ لاءِ مخصوص آوازن معرفت هن وجود کي جڏهن ٻولي سيکاري ٿي وڃي ته اُتان هڪ سلسلو جڙي ٿو، جيڪو ماڻهو مان انسان طرف سفر جي شروعات ثابت ٿئي ٿو، هتان فرد شعوري اِڪائي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ تيار ڪري ٿو. سماجي اڪائي سَتَ (07) جو هو سَتُ آهي، هي سَتُ، سندس مادي وجود جي جوهر ۽ ان جي مظهر جي سڃاڻپ ڪري ٿو، اها سڃاڻپ ۽ تربيت سماجي تلسلسل جو لزوم آهي، جيڪو ماڻهو ۽ انسان جي لاءِ ساڳيا قدر رکي ٿو، جتان شعوري اڪائي ماڻهو ۽ انسان جي فرق کي واضح ڪري ٿي، ڇاڪاڻ جو ماڻهو لزوم آهي فطرت، پر انسان تخليق آهي، تاريخ جي شعوري اِڪائي جو، شعوري اڪائي فرد کي اڪائي (07) ۾ آڻي سندس جيڪا شعوري آبياري ڪري ٿي، ٻين لفظن ۾ جيڪا مخصوص محنت ڪري ٿي، اها ئي محنت فرد جي ڪردار جي افاديت ۽ اهميت تي اثر ڇڏي ٿي، جهڙي طرح فرد خود سَتُ آهي، پيدائشي اڪائي جو ٺيڪ اهڙي طرح شعور سَتُ آهي، سماج جي شعوري اڪائي جي غورفڪر ۽ فرد جي عملي سرگرمين جو. سماجي شعوري اِڪائي پنهنجي جوهر ۾ جيترو وسيع سوچ ۽ فڪر جي مالڪ ٿئي ٿي فرد ۽ ان جي فڪر ۾ اوتري وڌيڪ وسعت اچي ٿي، جڏهن فرد ارتقائي عمل تغير، تبديلي ۽ ارتقا تحت خيال جي ارتقا جو خالق ثابت ٿئي ٿو ته اهو خيال (فڪر) ان فرد جي وجود سان رشتو جوڙيندي به عليحدگي اختيار ڪري ٿو.
خيال جو خالق سان اهو رشتو ئي سندس هستي جي سڃاڻپ پيدا ڪري ٿو ۽ سماج جي شعوري اڪائي جي هڪ دائري مان ٻاهر نڪري پنهنجا شعوري رشتا جوڙڻ شروع ڪري ٿو. خيال جيڪو سماج تي اثر ڇڏي ٿو، ان جي وسعت جو دارومدار خود فرد تي ٿيل محنت، ماحول ۽ فرد جي شعوري بيهڪ تي ڀاڙي ٿي، مختصر ته جڏهن فرد پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿو ته ان مان ان تي اڪائي جي خرچ ٿيل يا لڳل محنت جي معيار ۽ مقدار جو ڪاٿو لڳائي سگهجي ٿو، هن لاءِ جارجيو پليخانوف چيو، ”ان دور جو ماحول، سکيا ۽ فرد جي فڪري (شعوري) قابليت فرد جو تعين ڪري ٿي“ پر اسان جو خيال آهي ته وڏا هجوم وجود جي هستيءَ جو تعين نه ڪندا آهن پر سماجي شعوري اڪائي فرد جي ڏنل خيال جي آڌار تي سندس وجود جي هستيءَ جو تعين ڪندي آهي، هن کي اڃان مختصر ڪجي ته هيئن ٿيندو، سماجي هستي، وجود جي هستيءَ جو تعين ڪندي آهي. خيال جي وسعت هن ڳالهه تي به ڀاڙي ٿي ته (جيڪا خيال جي مرڪزي ۽ مکيه خاصيت مان آهي) ان ۾ ڪاٿي تعصب تشدد ۽ تسلط ته نه آهي، ڇاڪاڻ جو اهي ٽئي خاصيتون ماڻهن جون آهن پر انسان جون نه. ڇاڪاڻ جو ”انسان اهو آهي جنهن ۾ تعصب تشدد ۽ تسلط نه آهي.“
اينگلس جو خيال آهي ته هر خيال کي انساني ذهن مان گذرڻ گهرجي، اهو خيال ڪهڙي صورت اختيار ڪري ٿو، ان جو دارومدار، ان دور جي حالتن تي آهي“. هي پنهنجي دور جو مهان خيال آهي پر اڄ اسين خيال کي جنهن اسڪيل تي ۽ جنهن معيار تي ڪَٿَ ڪيون ٿا، جنهن ۾ خيال جي معيار ۽ مقدار جو فيصلو ٿئي ٿو، اُهو هي آهي ته فرد جو ڪردار (خيال) انساني سماج جي گهرج جي معيار ۽ مقدار جو پورائو ڪري ٿو يا نه. ڇاڪاڻ ته هن وقت دنيا کي اُن خيال جي ضرورت نه آهي، جنهن ۾ تعصب تشدد ۽ تسلط موجود آهي، انسان جي هن خيال جو تعين خود سماج جي شعوري اڪائي ڪندي، ڇاڪاڻ جو مارڪس چيو هو ته ”شعور وجود جو تعين نٿو ڪري پر سماجي وجود شعور جو تعين ڪري ٿو.“ سماجي حاجت خود تغير، تبديلي ۽ ارتقا مان گذرندي شعوري اڪائي جي شڪل ۾ پنهنجو اظهار ظاهر ڪري ٿي، جتي هڪ کوٽ جو احساس محسوس ٿئي ٿو اُن حاجت جي پورائي لاءِ هڪ خواهش اڀري ٿي، جيڪا حاجت واري کوٽ جو پورائو ڪرڻ لاءِ غور ۽ فڪر واريءَ عملي سرگرميءَ مان گذرندي شعور جي هڪ خاص مقام ۽ وقت ۾ هڪ خيال جي صورت اختيار ڪري ٿي، جيڪا انسان جي مخصوص مادي عملن يعني غور فڪر ۽ شعوري ڪيفيتن مان ٿيندي فڪر صورت اختيار ڪري ٿي، جتي ان خيال جو خالق هڪ اهڙي ڪردار طور اُڀري ٿو، جيڪو اُن جي خيال جي ڪري سڃاتو وڃي ٿو، وجود جي اها سڃاڻپ خيال جي سماجي سڃاڻپ آهي، جيئن اسان مٿي عرض ڪيو ته خيال جڏهن سماجي حيثيت اختيار ڪري ٿو ته اهو هڪ شعوري اڪائي مان سفر شروع ڪري ٿو ۽ پنهنجي معياري ۽ مقداري قوت سان جيڪا تخليقڪار جي خيال جي سڃاڻپ آهي. سماجي رشتا جوڙي ٿو، جن ۾ هڪ جدت محسوس ٿئي ٿي ۽ نواڻ اڀري ٿي، جيڪا تخليقڪار جي ڪردار جي معيار ۽ مقدار جو تعين ڪري ٿي، جڏهن خيال سماجي حيثيت اختيار ڪري ٿو ته اهو خيال صرف تخليقڪار جو نٿو رهي پر هر ان انسان جو خيال ٿي وڃي ٿو، جنهن اُن سماجي حاجت کي پنهنجي شعور جي اعليٰ سطح تي محسوس ڪيو ۽ انهن جي خواهش پڻ هئي ته ڪو نئون خيال سندن سماجي حاجت جو پورائو ڪري، ٻي صورت ۾ هيئن چئون ته خيال جي خالق جي خواهش جي تڪميل جنهن خيال ۾ ٿي، اُهو خيال سماج جي حقيقي حاجت جي مطابق آهي، جتي سماج جي متحرڪ قوت پراڻي سماج جي مدي مقابل هڪ نئون سماج اڏڻ شروع ڪري ٿي، جنهن ۾ مرڪزي خيال هڪ مرڪزي طور ڪردار ادا ڪندي سماج ۾ پنهنجو دائرو وڌائي ٿو ۽ هم خيال ۽ هم راز انسانن کي هڪ مرڪز تي ڪٺو ڪري ٿو، يا تنظيم سازي ڪري ٿو. جيڪو خيال پنهنجي مرڪز جي چؤڌاري تنظيم سازي نٿو ڪري سگهي يا ان ۾ اها خاصيت ناهي، اهو تاريخ ۾ ته رهي ٿو پر سماجي حيثيت اختيار ڪري نٿو سگهي ۽ ته وري 80% عوام کي متاثر ڪري سگهي ٿو. ڪوبه انساني وجود تخليقي عمل مان گذرندي سماج جي سابقه خيال يا خيالن کان انڪار ڪندي نواڻ ڏئي ٿو ته پراڻي خيال جي پوئيواري ڪندڙ جيڪي عقيدي جو شڪار آهن، انهن کي اُن نواڻ ۾ هڪ ٽڪراءُ محسوس ٿيندو ۽ جدت جا انڪاري ٿي بيهندا پر جيڪي ٽڪراءُ جي قانون کان واقف آهن، تيئن خيال لاءِ هاڪاري ڪردار ادا ڪندا، سچ ته اُهو آهي ته اُهو ٽڪراءُ ئي آهي، جنهن مان جدت کي محسوس ڪري ٿو، هتي فرد نئون ڪردار ادا ڪري ٿو، هتي هي ڪردار اهو فرد ادا ڪري ٿو، جيڪو جدت کي محسوس ڪري ٿو ۽ شعوري اڪائي به لاڀ حاصل ڪري ٿي.
موجوده عالمي سماج، هي مُدي خارج سماج جيڪو پنهنجي اخلاقي، ثقافتي ۽ انساني قدر وڃائي چڪو آهي، جيڪو طبقاتي تعصب تشدد ۽ تسلط واري جديد عالمي استحصالي پاليسي تحت هڪ خون خوار دنيا ۾ منتقل ٿي چڪو آهي ۽ 80% پورهيت عوام ۽ 20% استحصالي قوت ۾ ورهائجي چڪو آهي، اُتي غور ۽ فڪر کان پوءِ هي ڳالهه سمجهه ۾ آئي آهي ته خيال جو جائزو وٺڻ وقت هن ڳالهه جو خيال رکڻ ضروري آهي ته خيال جي خالق جون همدرديون موجوده سماج جي ڪهڙي پَرِت سان آهن، ڇاڪاڻ جو مٿئين طبقي جي سوچ به عصبيت جو شڪار ٿي چڪي آهي، مثلاً جديد ڪلاسڪ سياسي معاشيات (Neoclassical Political Economy) جي ليکڪ لکيو آهي ته ”غريب پنهنجي بُڇڙن لڇڻن ۽ پرڪارن جي ڪري غريب آهي“ (هن جا وڌيڪ تفصيل نيٽ تي ڏسي سگهجن ٿا) هن خيال کي جڏهن اسين معيار ۽ مقدار جي ٽڪراءُ واري ڪسوٽيءَ تي پرکيون ٿا ته اهو خَجَدُ داري نظام جي اها بدبوءِ دار راءِ آهي، جنهن کي عصبيت جو مرض لڳي چڪو آهي، ان ڪري ارتقا پسند خيال ۽ فرد هن نظام جي متضاد فڪر ۽ ماحول جوڙين ٿا، ڇاڪاڻ جو اُن سوچ ۾ (جيڪا مٿي ليکڪ ڏني آهي) ارتقا نه آهي. ارتقا صرف ان خيال ۾ ٿيندي آهي جيڪو پنهنجي جوهر ۾ ارتقا پسند ٿيندو آهي، هتي مارڪس کي مثال طور کڻي سگهجي ٿو، هن جي سماجي اهميت ۽ ڪردار جو اندازو سندس ڏنل خيال ”معياري محنت ۽ مقداري محنت“ مان ظاهر ٿئي ٿو، جيڪو عالمگير مذهب جو تصور ته ڏئي سگهيو پر سماج جو نه، اهو ئي سبب هو جو مارڪس هن تي تنقيد ڪندي چيو ”هن جي (فائر باغ جي) منزل مقدس سماج آهي.
جڏهن ته اسان جي منزل انساني سماج آهي“، ته پوءِ اُن سماج لاءِ انسان اهو آهي جنهن ۾ تعصب تشدد ۽ تسلط نه آهي. اُتي اسين اهو به چئون ٿا ته انسان، آزاد انسان، انساني سماج جي بقا آهي، اُن انسان کي اُن انساني سماج ۾ جيڪو بنيادي حق حاصل آهي، سو هي آهي ته انسان کي اظهار جي، اقرار جي ۽ انڪار جي آزادي حاصل آهي. جڏهن اسين اهو قبول ڪري وٺئون ٿا ته اسان جي منزل انساني سماج آهي، اِن منزل کي ماڻڻ لاءِ انسان جيڪو سماجي ڪردار ادا ڪندو اُن لاءِ اُن کي شعوري اڪائي (تنظيم) طرف اچڻو پوندو، جڏهن فرينڪل قبولي ٿو ته انسان هٿيارن جو خالق آهي ته پوءِ انسان وٽ سگهارو هٿيار بمُ نه پر خيال آهي يعني نظريي ڪار، ماحول ڪار ۽ طريقي ڪار تحت اُن خيال جي معيار ۽ مقدار مطابق جيڪو پاڻ سان گڏ عملي سرگرميءَ لاءِ تنظيم کڻي آيو آهي، اهو هڪ مضبوط فڪري هٿيار آهي، انسان جو سماجي ڪردار سماج جي اڪائي ۾ ان فڪري هٿيار کي تجرباتي عمل مان گذاري ٿو.
خيال جي ظهور ۾ اچڻ کان پوءِ شخصيت جي چؤطرف نه پر خود خيال جي تڪميل لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوي ٿو، ڇاڪاڻ جو ماضيءَ ۾ اها غلطي ڪئي وئي آهي ته خيال بجاءِ متحرڪ قوتون شخصيت جي چؤطرف گهمنديون رهيون آهن، نتيجي طور انهن کي شخصيت پرستي، ان شخصيت جو غيرضروري دفاع ۽ اناپرستيءَ جو مرض مجموعي عالمي سماج کي ڪوڙهه جيان وڪوڙي ويو آهي، وڏيون جنگيون جتي منڊين جي ورهاست تي وڙهيون ويون. اُتي اُن جنگ ۾ ڪردار ادا ڪندڙ شخصيتن کي اهو مرض لڳي چُڪو هو، جن پنهنجي پنهنجي انا جي تڪميل لاءِ انسان ۽ انسانيت کي ٻارڻ طور استعمال ڪيو، هن وحشت واري ماحول تي ٿورو به غور فڪر ڪيو وڃي ته توهان کي معلوم ٿيندو ته هن ڪائنات ۾ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ ۽ وحشي صرف ماڻهو ئي آهي، نتيجي طور اسان هن نتيجي تي پڳا آهيون ته اُهو تعصب تشدد ۽ تسلط تي ٻڌل هڪ نظام هو ۽ ان نظام هن وقت پوري دنيا ۾ هڪ وحشت واري شڪل اختيار ڪئي آهي، اِن وحشت واري ماحول جنهن نئين سماجي حاجت کي جنم ڏنو آهي ۽ عالمي طور هڪ خواهش اڀري آهي ته اِن ماحول مان ڇوٽڪارو ڪيئن حاصل ڪجي ۽ انسان کي ان ماحول مان ڪراهت، ڪربِ، پيڙا ۽ ڏک ملي ٿو، جتي مجموعي عالمي سماج مردار مڙهه جيان ڌپ ڪري چڪو آهي، هن ماحول کان ڇوٽڪاري جو اظهار سماجي خواهش نجات ۽ آزادي ۾ ڪيو آهي، يعني تعصب تشدد ۽ تسلط کان آزادي ۽ تاريخ جي مڪروهه سوچ فن فڪر ۽ طبقاتي عصبيت کان نجات. توهان جي نظر ۾ بَمَ جو خلقڻهار ڪيڏو به مهان ڇو نه هجي ڀل ته اُن کي نوبل انعام مليل هجي پر اسين ان بَمَ کان وڌيڪ خوبصورت تخليق ان کي ٿا سمجهئون جيڪا اُن بم ٺاهڻ واري ماحول جي متضاد آهي ۽ اسان کي اُن سائنسدان کان اهو فرد وڌيڪ محبوب آهي، جيڪو انساني سماج لاءِ ڪردار ادا ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ”اسان جي منزل انساني سماج آهي“. اڄ جي هن وحشت واري ماحول مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ آزادي ۽ نجات واري خواهش ۾ سمجهي سگهجي ٿو پر اها خواهش ان وقت تائين خواهش ئي رهندي جيسيتائين اهو مرڪزي خيال (آزادي ۽ نجات) فرد جي شخصي دائري مان نڪري عملي طور انسان جي آزادي ۽ نجات لاءِ وسيع تر نئين سماج جي تنظيم جي صورت اختيار نٿو ڪري اوسيتائين ان سماجي خواهش جي تڪميل ممڪن نه آهي، ان ڪري فرد جو سماجي ڪردار ان سماجي خواهش جي مطابق اُهو آهي ته هو اُن خواهش جي تغير، تبديلي ۽ ارتقا پسند سوچ جي ساڀيان لاءِ پنهنجي عملي سرگرمي ڪندي پراڻي سماج جي متضاد نئين سماج جي سماجي شعوري اڪائي نٿو جوڙي. صاحبان! توهان دنيا جي مختلف فلسفين جون دنيا جي متعلق وضاحتون ۽ تبديليءَ جون ڳالهيون پڙهيون ۽ انهن تي غور فڪر ڪيو هوندو، اسين صرف ايترو عرض ڪيون ٿا ته (فرد واحد) دنيا کي تبديل نٿو ڪري سگهي پر توهان دنيا کي تبديل ڪري سگهو ٿا، اسان صرف ان جي تبديل ٿيڻ جو ڪارج توهان کي ٻڌايو آهي ته جديد سامراجيت تعصب، تشدد ۽ تلسط چاهي ٿي پر آزادي نه! اچو ته پنهنجي عملي سرگرميءَ جي معرفت ان کان آزادي ۽ نجات حاصل ڪيون.
انسان جي فڪر ۽ تهذيبي ارتقا تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته انسان، سماجي طور ارتقا ڪندي تهذيب جي ٽئين دور ۾ ويٺو آهي، جتي سرمائيداري تهذيب جا مضبوط بنياد اجرتي غلام جي بدولت پيا آهن، اُتي اهو ئي اجرتي غلام هن وقت جديد سامراجيت جي ڇانوَ ۾ اسٽار سولائيزيشن جو بنياد رکي رهيو آهي، انسان کي هن تهذيب لاءِ خود پنهنجي حياتيءَ (عمر) هڪ دِڪَتَ پيدا ڪئي آهي، سا هيءَ ته اُها (عمر) گهٽ آهي، ان جو حل انسان جينيٽڪ جي معرفت حاصل ڪري ورتو آهي، جتي هو پنهنجي حياتيءَ کي جينس (Genes) ۾ تبديلي آڻي، عمر کي 500 سال کان به وڌيڪ ڪري سگهي ٿو، ظاهر آهي ته هيءَ نئين تهذيب پاڻ سان گڏ نئون فڪر ۽ نئون ماحول چاهي ٿي، جنهن جي شروعات اسان جي پيشُ رُو افضل جدون ۽ اسان ڪئي آهي تاريخ جو اهو فرض قبول ڪندي خود تاريخ کي ان ماحول ۽ فڪر جي روشنيءَ ۾ ڏسندي اسان جيڪو ”انسان جو سماجي ڪردار“ لکيو آهي، اهو مضمون ان فڪر ۽ ماحول جي گهرجن مطابق آهي. اهڙي طرح هن موجوده عنوان کي مستقبل جي انساني سماج جي لاءِ هڪ مخصوص ڪڙي سمجهندي ان جي پاسن کي مختصر طور وائکو ڪيون ٿا.اسين، انسان جي وضاحت پهرين ڪري چڪا آهيون، جڏهن ته انسانيت (Humanism) تي فڪري طور قديم دور کان غور فڪر ڪيو ٿو وڃي پر اها انسانيت هٿئين طبقي جي آهي، 80 سيڪڙو پورهيت عوام جي نه آهي، خود افلاطون جي اشتراڪيت ۽ انسانيت مٿئين طبقي لاءِ هئي. جڏهن پڇيو ويو ته ان اشتراڪيت ۾ ڪم ڪير ڪندو، جواب هئو. ”غلام“!! انسانيت متعلق سوچ جاگيرداريت ۽ سرمائيداريت ۾ الڳ روپ اختيار ڪيا آهن، جاگيرداريت ۾ انسانيت جي ڳالهه صرف ان حد تائين ڪئي وئي، جنهن حد تائين انهن جي عقيدت کين حڪم ڏنو، جڏهن ته انسانيت جي ڳالهه ڪندڙ خود ملوڪيت جو سڌو سنئون حصو رهيا يا وري درٻاريءَ طور ڪردار ادا ڪندا رهيا، عوام جي مٿان لاڳو ڪيل جنگ مان مليل مال مان خود صوفي يا پاپائيت بَهِرُو وٺندي رهي نتيجي طور هنن جي انسانيت وارو فڪر داخليت پسندي ۽ ملوڪيت جو شڪار رهيو. کن پل لاءِ هنن مفڪرن (پاپائيت) صوفي ازم جي انسانيت واري تعليم کان اکيون پَرڀَرُو ڪيون ته توهان کي اصلي انسان ۽ انسانيت جون دانهون، ڪيهون، ڪُوڪُون ۽ رت نظر اچي ويندو، تاريخ جو اصل پاسو توهان کي هنن جو مڪروهه ٻُوٿُ ضرور ڏيکاريندو پوءِ اهو سيوهڻ وارو قلعو هجي، ڀنڀور هجي، پالي ننگر هجي، بغداد هجي يا دنيا جي ٻي ڪُنڊ، جتي انسان ۽ انسانيت جي قتل ۽ ڦرلٽ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نظر نه ايندو. هي اهو وحشيت وارو چهرو آهي، جنهن ۾ صوفي به انهن سان ٻِلُهه آهن، اڄ توهان جنهن کي صوفيت چئو ٿا، اها صوفيت اُن دور ۾ اُن عمل کي حق ۽ ناحق جي جنگ ڪوٺي ٿي، (هن لاءِ ڏسو (1) تاريخ معصومي، History of India-1948-3 Soomra Kingdom (2)) خاص نيڪي جي انساني تصور سان ان کان وڌيڪ انسانيت ملي به ته نه ٿي سگهي!! نتيجي طور ملوڪيت جي قبوليت کانسواءِ عوام وٽ ٻي واٽ اها هئي ته هو جپسي ٿي وڃي يا ٻيلن ۾ رهي بغير ڪجهه ڪرڻ جي، ملوڪيت جيڪو چاهي پئي انهن کي اهو ڏَنَ جي صورت ۾ اُن صوفين جي معرفت درٻار ۾ موڪليندي رهي! (هن لاءِ ڏسو، ”سنڌ ڪٿا“-2، پئرا تي سنڌ ۽ 3 تصور سنڌ-ايم ايڇ پنهور).
هتي سوال ٿو اُڀري ته انسان ۽ انسان پڻون کي ڪاٿي ڳولجي؟ هن لاءِ عرض ته انسان ۽ انسان پڻين محنت جي ڪلچر ۾ پناهه ورتي ۽ اُتي زندهه رهيا، انسان محنت جي ڪلچر ۾ رهندي هڪ نئين سوچ ۽ سمجهه کي جنم ڏنو، جنهن فن فڪر ۽ ڏاهپ کي متاثر ڪندي هڪ نئون دڳ اختيار ڪيو، جنهن جو اظهار شاهه عنايت شهيد، چارلس قوريئر، روشن خيالي جي تحريڪ ۽ فرانس جي انقلاب ۾ ان کي ڏسي سگهجي ٿو. هن دور جو انسان خود عقيدي ۾ ڦاٿو رهيو، جنهن ڪري هو هڪ آزاد انسان ٿي نه سگهيو، نتيجي طور انسانيت جيڪا هڪ انسان جا ٻين انسانن سان جڙندڙ رشتن ۽ روين مان ظاهر ٿئي ٿي، ان روين لاءِ هو ڪُوڪاريندا ته رهيا پر اڳتي نه اچي سگهيا، جنهن جو ڪارڻ خود ان دور جو ماحول ۽ فڪر هئو. سرمائيداري سماج جتي اجرتي غلام کي اُڀاريو اُتي استحصال جا نوان طريقا پڻ پاڻ سان کڻي آيو، سرمائيداريت، پاپائيت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ پورهيت عوام کي استعمال ته ڪيو پر ان جا بنيادي حق انهن کي نه ڏئي سگهيو، اُن جو وڏو ڪارڻ سرمائيداريت جي هَٻَڇَ، دهشت ۽ تسلط (اجاري داري) هئا، اها به هڪ حقيقت آهي ته هي نظام پاڻ سان گڏ سياسي نظام کڻي آيو، جيڪو وڪٽري ووٽ ۽ ملوڪيت تي ٻڌل آهي، سرمائيداريت جي ڪامياب ٿيڻ متعلق جي ايڇ ويب چيو، ”پاپائيت، نئين نظام جي اڳيان هٿيار ان ڪري ڦٽا نه ڪيا ته ڪو اُهي ترقي پسند ٿي ويا پر ان ڪري ڦٽا ڪيا ته ان تبديليءَ کي روڪڻ جي صلاحيت انهن ۾ نه رهي.“ (فلسفي ڪي تاريخ جي ايڇ ويب) جاگيرداري ۽ سرمائيداري نظامن ۾ هڪ شيءِ ساڳي رهي اُها آهي ملوڪيت پسندي ۽ طبقاتي ٽڪراءُ، جتي استحصال جا طريقا مِٽيا اُتي غلامي جا به طريقا تبديل ٿيا پر غلامي جاري رهي، ٻئي سماج عقيدي کي نجي نه ڪري سگهيا، نتيجي طور هن دور جو انسان هڪ مخصوص دائري کان ٻاهر نڪري نه سگهيو ۽ نه وري هنن جي سوچ جيڪا انسانيت متعلق هئي، اها طبقاتي عصبيت مان جان آجي ڪري سگهي ۽ عقيدي جي ڪوهيڙي ۾ ڦاٿل رهي، هوءَ ڪوبه واضح دڳ اختيار نه ڪري سگهي ته ماڻهو ۽ انسان ۾ فرق ڇا آهي، هنن جي انسانيت ۾ اهو درس ڏنو ويو ته جيڪو توهان جي مقدر ۾ آهي، ان تي هلو ۽ صبر اختيار ڪيو، ٻين لفظن ۾ ته هن نظامن ۾ طبقاتي غلامي ۽ ٽڪراءُ کي درگزر ڪيو ويو. هنن نظامن مان سرمائيداري نظام ۾ اظهار جو حق ڏنو ويو پر ملوڪيت ان عوامي اظهار کي قبول ڪرڻ جي مجاز نه هئي، نتيجي طور هن جو سياسي نظام سماج ۾ هڪ ٻيو ٽڪراءُ کڻي آيو، اهو هو وڪٽري ووٽ ۾، 49 ۽ 51 جو، (By Pollen Political System)، مختصر ته هن سماج ۾ شعوري آزاديءَ جو تصور ته هر پر شعوري اڪائي نه هئي. سرمائيداريت کان بغاوت ڪندي ترقي پسند تحريڪ هلائي وئي، اها تحريڪ ڪارل مارڪس جي شڪل ۾ هڪ نئين فڪر جي صورت ۾ دنيا جي سامهون آئي، مارڪس جتي طبقاتي جدوجهد، پرولتاريا ڊڪٽيٽرشپ جو فڪر ڏنو، ان کان وڌيڪ هن سياسي معيشيت تي ڪم ڪيو ۽ سرمايو سمجهايو، جڏهن ته لينن سرمائيداريت جي اڳين منزل سامراجيت سمجهائي ۽ انقلاب پڻ آندو، جيڪو 70 سال هلي سگهيو، ان نئين سماج ۾، جنهن ۾ شعور جي اڪائي جڙي چڪي هئي، مڪمل ڪاميابي ماڻي ڇو نه سگهيو ته افضل جَدون چيو ”هن فڪر مشترڪا سياسي معشيت جا قدر ته پڌرا ڪيا پر اهو واضح نه ڪري سگهيو ته ملڪيت کي گهٽ ۾ گهٽ ننڍڙي اڪائي ۾ ڪيئن رجسٽرڊ ڪجي ۽ نه وري هو مشترڪا سياسي قيادت جو وسيع تصور ڏئي سگهيو، نتيجي طور هن فڪر به هڪ ملوڪيت کي جنم ڏنو ۽ فرد واحد ڪُلَ عقل جو ڌڻي ٿي ويٺو.“
مٿيون ٿَلهُه ٻڌڻ جو ڪارڻ هي هو ته اسين جنهن انسان ۽ انسان پڻين جو ذڪر ڪيون ٿا، اهو تاريخ جي ان تسلسل جو سلسلو هوندي به هڪ الڳ ۽ منفرد شڪل اختيار ڪري ٿو، انسان شعوري اڪائي جوڙيندي ان جي چؤڌاري جيڪو فڪري عمل ڪري ٿو، انسان پڻون ان غور فڪر جي عملي سرگرميءَ جي دائري مان ان وقت سمجهه ۾ اچي ٿو، جڏهن اهو فڪر اظهار جي، اقرار جي ۽ انڪار جي آزاديءَ کي انسان جو بنيادي حق مڃي ٿو ۽ انسان کي ان ٽنهين چونڊن ۾ مڪمل خود مختياري ڏئي ٿو. انسانيت جي فڪر ۾ فرد کي اظهار جو حق حاصل رهيو ۽ ڪميونزم ۾ اظهار ۽ اقرار جو حد هو پر انهن کي انڪار جو حق (ترقي پسند تنقيد جو حق) نه ڏنو ويو. جڏهن انسان ٻُڌِ سُڌِ ۽ سُرت جي قانون تحت انساني فڪر سان لاڳاپو جوڙي ٿو ته ان ۾ انسان پڻون اچي ٿو ۽ هو سڀ کان پهرين عصبيت مان جان ڇڏائي ٿو، نتيجي طور اُن ۾ سُرتِ، سمجهه ۽ ساڃاهه اچي ٿي، جيڪا سندس انسان پڻون جي سڃاڻپ جو ڪارڻ ثابت ٿئي ٿي، جنهن جو ثبوت هو پنهنجي عملي سرگرميءَ ۽ غور فڪر واري نظرياتي عمل دوران ظهار ڪري ٿو، هو سماج کي هڪ ٻي اک سان ڏسي ٿو، جيڪا نئين فڪر ۽ ماحول جي موٽ ۾ هڪ نئون دڳ وٺي چُڪي آهي، اسان کي ٻي وڏي جنگ ۾، جيڪا سماج ڀيانڪ شڪل ورتي، جنهن کي اسين وحشيت واري شڪل ڪوٺيون ٿا، اُڀري اچي ٿي. انسان ۽ انسانيت جي دعويٰ ڪندڙ سرمائيدار منڊين تي پنهنجو ڏهڪاءُ (تسلط) قائم رکڻ لاءِ، ڪروڙين انسانن کي ٻارڻ طور استعمال ڪندي انهن جي رُت سان بمن ۽ گولين کي رڱيندو رهيو آهي، ٻئي طرف مارڪسي فڪر جا پيروڪار خود مارڪس جي خيال ”عقيدو هر فرد جو نجي مسئلو آهي“ تي هلڻ بجاءِ خود عقيدي جا پوپ ٿي ويٺا. مارڪس جي غيرطبقاتي سماج واري سوچ جي خلاف خود پنهنجي اندر پارٽي ۽ پرولتاريا ڊڪٽيٽرشپ جي آڙ ۾ هڪ طبقو کڻي آيا، جيڪو 80 سيڪڙو پورهيت عوام تي 70 سال تسلط رهيو ۽ عوام جو هنن تان اعتماد کڄي ويو، ٻي طرف جيڪو ادب سرجيو ان ۾ مارڪسي فڪر جو ورجاءُ ته هو پر نواڻ کان خالي ٿي ويو پر پوءِ به انهن ۾ انسان پڻون اچي چڪو هو، اهو ئي ڪارڻ هو ته گولي هلائڻ کان سواءِ قومن کي آزاديءَ جو حق ڏنو ويو.
اسين انسانيت (Humanism) ۽ انسان پڻون (Mankind) ۾ فرق ڪيون ٿا ته جيئن ايندڙ انسان اهڙي غلطي نه ڪري، جهڙي طرح تاريخ ۾ انسانيت جي آڙ ۽ وحشت پسند ماڻهن کي (طبقي) به ان ۾ شامل ڪيو ويو هو، اڄ جو انسان جيڪو سُرت سمجهه ۽ ساڃاهه تحت جڏهن ان فرق (انسانيت ۽ انسان پڻون) سمجهي ٿو وڃي ته ان جي اڳيان هي ڳالهه صاف ٿي وڃي ٿي ته اظهار جي آزادي ۽ محنت جي آزادي محتاج آهن، انسان جي آزاديءَ جا، ڇاڪاڻ جو جيستائين انسان چونڊ جي ٽن طريقن ۾ آزاد نه آهي ۽ هو عقيدي کي نجي نٿو ڪري، ان وقت تائين ان وٽ انساني سماج جو مڪمل خاڪو به هو اڀاري نٿو سگهي. انسان پڻون ڀل ته توهان کي هڪ سادو عمل سمجهه ۾ اچي پر اهو عمل ايترو سادو به نه آهي، ڇاڪاڻ انسان پڻون موجوده هن سماج ۾ جن نون سماجي لاڳاپن کي جوڙي ٿو يا جن لاڳاپن مان ان جو اظهار ڪري ٿو، ان لاڳاپن مان طبقاتي عصبيت (تعصب، تشدد ۽ تسلط) جيڪا جديد سامراجيت 1955ع کان پوءِ پوري دنيا تي مسلط ڪئي آهي، اُن کي ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪري ٿو، انسانن جا اهي لاڳاپا جيڪي انسان پڻون جي ڪري جڙن ٿا، انهن ۾ ملوڪيت واري سوچ دفن ٿي وڃي ٿي، جتي انسان، انسان پڻون ۽ انساني سماج باقي رهي ٿو.
هتي هن ڳالهه تي غور ڪرڻ ضروري آهي ته هن وقت جديد سامراجيت جي هٻَڇَ، دهشت ۽ وحشيت موجوده جنگ جي صورت ۾ جيڪا شڪل اختيار ڪئي آهي، اها جنگ مڙهي وئي آهي، ان ڪري ته 80 سيڪڙو عوام ان ۾ ڦاٿل رهي ۽ سماج ۾ موجوده اصل تضاد يعني طبقاتي تضاد موجود رهي پر انسان جو خيال آهي ته انسان تاريخ ۾ فرانس ۾ 70 ڏينهن جو، روس ۾ 70 سالن جو تجربو ڪري چڪو آهي، ڇا اڄ جو انسان ايندڙ تجربو 70 صدين جو ڪرڻ گهري ٿو؟ ان جو دارومدار انقلاب جي خوني لاڳاپن کي ويچارڻ بجاءِ انقلاب جي پُرامن ڏيهان ڏيهه گڏيل جدوجهد لاءِ سوچڻو پوندو.
انسان ۽ انسان پڻون جيڪو ساڄي ڌُرِ ۽ کاٻي ڌر کان الڳ ٿي نج اجتماعي فڪر ڏئي ٿو ۽ شعوري اڪائي جا لاڳاپا جوڙي ٿورن لاڳاپن ۾ نه ته ملوڪيت جو تصور آهي ۽ نه وري 20 سيڪڙو جديد ڦرلٽ ڪرڻ واري ٽولي کي ان انسان پڻي ۾ شامل ڪري ٿو، جهڙي طرح انسان جي انسان پڻين جو ثبوت خود انسان جا ٻار، يار ۽ پاڙي وارن سان جوڙيل لاڳاپن ۽ روين مان ملي ٿو، ٺيڪ اهڙي طرح ڏيهان ڏيهه جڙندڙ انساني سماج جي سُڌ ان خيال مان ظاهر ٿئي ٿي يا اڀري ٿي، جيڪو هن انسان ۽ انسان پڻين واري سوچ جو سَتُ آهي، يعني آزادي ۽ نجات وارو جيڪو خيال آهي، جيڪو قومن جي 80 سيڪڙو پورهيت عوام جي خود مختياري (اظهار-اقرار-انڪار) واري حق کي انهن جو بنيادي حق قبول ڪري ٿو. اسين انسان جي انسان پڻين کان ڏيهان ڏيهه انسان پڻين تائين سماجي لاڳاپن کي هڪ آزاد انسان (في فرد) جي صورت ۾ ماپيون ٿا ۽ ان في فرد جي ڪردار کان ڏيهان ڏيهه انساني سماج تائين هڪ مقدم ايثار داري نظام ڏسڻ گهرئون ٿا، هڪ اهڙو نظام جنهن ۾ طبقاتي عصبيت کان 80 سيڪڙو پورهيت عوام کي مڪمل آزادي ۽ تاريخ جي بدبوءِ دار سوچ کان مڪمل نجات حاصل هجي.
*