علي ضمير سنڌي
ساهتڪ کيتر ۾ -خاص طور-ڪوتا کيتر۾-جڳ جهان جي سدا حيات سرجڻهارن جيان سنڌ جي ساهتڪارن/ ڪوتا ڪلاڪارن به پنهنجي پنهنجي تخليقي سگهه، سرت ۽ ساڃاهه جا امرواس/ سواس سمي کي/ سماج کي پئي ارپيا آهن ۽ اهو سلسلو اڃا اڄوڪي اڄ به جاري ساري آهي. ويجهي ڇڪ ۾ سنڌ جي جن سرجڻهارن سرجڻتا کيتر ۾ جيڪي مڃتائن جون مهتون ۽ مهانتائون ماڻيون آهن، تن ۾ اسان جو محترم سهيوڳي ساٿي راشد بروهي به هڪ آهي.
راشد بروهي غزل کيتر ۾حسن عشق جي هيج هيڪاند ۽ هٻڪار ڀري جنهن نفاست ۽ نزاڪت جي ون واس سان ڀرپور ويچارن/ خيالن جا گل ٻوٽا ارپيا آهن تن جي رنگ بو، رس چس ۽ نماڻي نگهت جي سائين سرمد چانڊئي، وسيم سومري، راشد مورائيءَ، جواد جعفريءَ، ۽ تبسم نهايت پُرمعنى ۽ انتهائي اختصار سان پر جامع اپٽار ڪئي آهي. تنهنڪري آنءُ ان تي وڌيڪ ويچار ورکا جي ضرورت وئرٿ/ وڌاءُ ۽ ورجاءُ سمجهي ترڪ ڪندي ڪو تڪلف محسوس ڪين پيو ڪريان.
مون کي قنبر س-ا-س جي سٿ سان ڪن سببن ڪري تنقيدي توڙي ٻين خاص ويهڪن ميڙاڪن ۾ ويچارن جي ونڊ ورڇ واسطي موقعا مڙيو ئي گهٽ ميسر پئي رهيا آهن ان ڪري راشد جي رچنائن جي رنگ ڍنگ تي بروقت ڪا مناسب تنقيد ڪرڻ ۽ راءِ ڏيڻ کان رهجي ويل پئي رهيو آهيان . ان ڪري راشد جي رچنائن جي خوبين توڙي پنهنجي پر ۾ ککندڙ کوٽن تي وقتائتي ٽيڪا ٽپڻي ۽ راءِ رهجي ويل ئي رهجي وئي آهي، جنهن جو ڪي قدر اظهار هن نشست ۾ نهايت نماڻائي ۽ انڪساري سان اورڻ جو ساهس ساريو اٿم.
غزل جي زمين جو ڀنونت جوانين يا جيئڙن جي جواڻ جماڻ جذبن جي گهري گلاب رنگ رتي گفتگو ،مڌماتي محبوبي مسڪراٽن ۽ مسرتن جي ٽڙندڙ مکڙين جيان مهڪندڙ مڪالمن ۽ خماريل ۽ خوشبودار خيالن ۽ پُرڪيف ڪيفيتن جي ڇمرن جي ڇايا سان ڇايل هجي ٿي. اسان جي سهيوڳي ساٿي راشد پڻ سونهن ۽ سڪ، حسن ۽ عشق جي جڳت واسي جو ڀنونت جيئڙن يعني پريمين وچ ۾ جنهن قربن يا ڪربن مسرتن يا حسرتن، موافقتن يا مخالفتن، وصلن يا وڇوڙن، مرڪن يا لڙڪن، الفتن يا ڪلفتن، اقرارن يا انڪارن، آسانين يا دشوارين، وفائن يا جفائن، رفاقتن يا رقابتن، ٽهڪن يا چهڪن ۽ نغمن يا نوحن جا باهمي گفتگو ۽ مڪالمن جا جيڪي رنگ رچاءَ گهڻي ڀاڱي نهايت سچيتائيءَ ۽ سيبتائي سان ارپيا آهن.تن مان سندس پهرين شعري ڳٽڪي ۾ آيل غزلن مان ٿلهي ليکي اختصار سان پنهنجي پر ۾ چونڊ چونڊيندي ڪي ٻهڳڻن ٻول سڄاڻ سٿ کي اجهو ارپجن پيا.
ڪين ويڙهيو وڃي پيو مون کان،
تو وڇوڙو ايئن وڇايو آ.
مٺي تنهنجو ”راشد“ اهو اڃا،
گهڻو توڻي مٽجي ويو وقت آ.
تون مرڪندي جو اوچتو اڳيان اچي وئينءَ،
بزار ۽ دڪان جي خبر نه ٿي پوي.
ايئن رنجشن جا ازالا ڪري وڃ،
اچي سور ئي من سلالا ڪري وڃ.
آ چپن سان چمي ڪيان پورو،
جو اڌورو قصو اکين ۾ ٿوَ.
کڻ خماريل اکيون نه پاڻيءَ ڏي،
قطرو قطرو شراب ٿي ويندو.
ٻرڻ ڏي چپن تي چمين جو ڏياٽيون،
اڃا صبح جو سج مٺا پنڌ ۾ آ.
سڀ اڏي ويا پکي قرارن جا،
تو اکين جي آ مند بدلائي.
ڪٽيو پهر تنهنجي آ وارن جي ويجهو،
سڄي زندگي ٿي وئي ريشمي آ.
ڪڏهن به ڪٿي به ڪنهن به سمي جي ڪنهن به سماج ۾ انساني گهڻائي گهنگهرن ۾ گهيريل هجي، کين نه بهتر گهر هجي، نه بهتر خوراڪ هجي، نه بهتر تحفظ هجي، نه بهتر تسلي هجي، نه بهتر علاج هجي، نه بهتر سک هجي، نه بهتر سلامتي هجي ۽ نه بهتر عزت ۽ احترام هجي ته اهڙي سماجي صورتحال کي ان شڪل ۾ جيئن جو تيئن برقرار ۽ بحال ۽ قائم دائم رکڻ جون گهرجائو، اقتدار ۽ اختيار تي قابض قوتون سندن هٿ هيٺ سماجي صورتحال کي اڃا وڌيڪ ذلت آميز بنائڻ جا گهاٽ گهڙينديون هجن ته تاريخ جي اهڙي صورتحال ۾ ان سماجي صورتحال کي بدلائي بهتر ۽ باوقار ۽ مانائتي جياپي لائق بنائڻ واسطي جهيڙيندڙ اڪثريت جي زبان ۽ بيان تي به ويتر بيهودي بندش وڌي وئي هجي ته پوءِ ان سماج جي حساس ڪلاڪار ڪويءَ لاءِ رڳو پائوڊر هاڻن جسمن جي واکاڻ ۾ وڦلجي راتو ڏينهن ليک لکڻ ۾ رڌل هجڻ واهيات ذهني عياشي جا خواب اڻڻ اقتدار ۽ اختيار جي ڌاڙيل ڌڻي ڌرين وٽ پاڻ وڻائڻ ۽ موٽ ۾ مراعتن جا ٽڪر ۽ ٽڪا پنڻ اعلى آدرشي کاهوڙڪيءَ ڪلاڪار کير جي نظرن ۾ ناقابل معافي تاريخي ڪڌو ڪردار ۽ جرم تصور ڪيو وڃي ٿو . اسان جو راشد تاريخ جي اوسر جي منڪر قوتن جي مفادن جو دلال ۽ دهلاري بڻجڻ بدران پاڻ کي تاريخ جي اوسر جي محرڪ ۽ مظلوم قوتن جي ڌر بڻجندي پنهنجي فڪر ۽ عمل کي داغدار ٿيڻ کان آجو ۽ عظمت ڀريو رکيو آهي، ان جي گواهي واسطي سندس هي رچنائون پيش ڪري سگهجن ٿيون.
ڌنڌ ۾ آڪاس سارو آ وتل!
ٿو لڳي اچڻا وڏا طوفان هن!
الئه ڪنهن جا ارمان ماري ها آيا،
جشن اڄ ملهائن پيا درد جا هٿ!
رات کي پاتل لٽا ڪارا هئا،
چنڊ پڙ ۽ ماتمي تارا هئا!
رب ڏي ۽ جنم وٺان هر هر،
سنڌ تنهنجي مٿان مران هر هر.
سنڌ جو آ ذرو ذرو پياسو!
ڪاٿي وسندي گهٽا خبر ناهي!
راشد جي خوبصورت خوبين جي خوشبو بابت ويچارڪ واس سواس نهايت اختصار سان اوهان آڏو اظهارڻ پڄاڻان هاڻ سندس رچنائن جي رنگ رچاءَ ۾ مون کي پنهنجي پر ۾ جيڪي ٿوريون گهڻيون يا هلڪيون ڦلڪيون ڍلايون يا کوٽون ککيون آهن تن جي نشاندهي نروار ڪجي ٿي.
صفحي 39 تي غزل جي مطلع ۾” دريا“ سان ”پيارا“ جو قافيو ڏنو ويو آهي، جيڪو دريا- صحرا- تنها قافين ۾ قطارجندي ڪجسو ۽ اوپرو پيو لکائي.صفحي 53 تي آيل غزل جي مطلع جي قافيئي جو لفظ ”ڪٽندو“ ٻين ڏنل لفظن، کڙندو- ڀِڄندو-ڏسندو جي جنسن کان جدا هئڻ سان گڏ گرامر جي وڌيڪ صحيح استعمال واسطي پڻ واڪا پيو ڪري!صفحي 44 تي ڏنل غزل جي مطلع ۾ لفظ ”چنري“ کي سنڌ جي نقشي وانگر ڪاٽ ڪوٽ ڪري سوڙهو ڪري ”چنر“ ته ڪيو ويو آهي، ويتر کيس ڇلڪائڻ جون ڇڙواڳ ڇيڳرايون ڪرائڻ به استعمالي انصاف تي ابتا اشارا ڪرائينديون ته شڪ ناهي. ڇو ته پاڻ ڇولين جو ڇلڻ-نيڻن مان ڳوڙهن جو ڇلڪڻ-جذبن جو جل ٿل ساگر جو ڇلڪڻ ته مشاهدي هيٺ رهيو آهي مگر چنري، پوتي، لنگي ۽ لوئي جو ڇلڪڻ نظر نه آيو آهي، چنري جو لهرائجڻ- چمڪڻ برابر ٻڌو، ڏٺو ۽ پڙهيو اٿئون.صفحي 72 تي آيل غزل جي مقطع پڙهڻ سان پڙهندڙ جو ذهن مطلب جي مونجهارن جو شڪار ٿيندو ته ”هو“ پوءِ اهو محبوب آ، ڀوتار آ يا ڪو ادبي اڳواڻ آ يا سياسي سرواڻ آ، سو ته پنهنجي ذات ۾ ته خوبين جي کاڻ آهي مگر سندس سٿ ساري جو سارو ظالم آ جابر آ سندس سٿ جي هيڪڙ ٻيڪڙ فردن جو ظالم يا خراب هجڻ تي خير کڻي نظرانداز ڪري سگهجي ٿو مگر سڄي ساري ٽولي يا کوڙي کي ئي گهمري آهي ته پوءِ ان جي سٺي/ ڀلي هجڻ واري تاثر/راءِ تي نظرثاني جي ضرورت محسوس ٿيندي نظر ايندي. صفحي 80 تي ڏنل غزل جو مطلع آهي
چوطرف چهرا هئا چانڊاڻ هئي،
جوش جذبن ۾ وڏي ڇڪتاڻ هئي.
ان کي هيئن؛
چهچٽا ها چاهه جا چانڊاڻ هئي،
جيءَ جذبن ۾ وڏي ڇڪتاڻ هئي.
لکڻ سان بيان جي وڌيڪ جاميعت جرڪي ها.صرف چوطرف چهرن جي چانڊاڻ هجڻ جو تاثر/ منظر اڀرڻ هن لحاظ کان ڀرپور نه ٿو هجي ڇو ته چوطرف سمورا چهرا چانڊاڻ ارپيندڙ نه هوندا آهن ڪي چهرا منفي ڪردارن جي منظرڪشي جو مظهر به هجن ٿا ۽ جوش جي ڇڪتاڻ بجاءِ جيءَ جذبن ۾ ڇڪتاڻ هجڻ واري معنى خيزي وڌيڪ مهڪي ها.
صفحي 85 تي ڏنل غزل جو بند آهي.
ڪنهن جي توجهه جو مان سدا مطلوب،
دز چڙهيل ڪتاب آهيان مان!
هن بند جي گهٽ ۾ گهٽ ٻي مصرح کي ”دز چڙهيل ڪو ڪتاب آهيان مان“ لکڻ سان وزن جي پورائيءَ واسطي اجائي ڇڪڻ تاڻڻ مان جان آزاد ڪرائيندي ڪڪ ٿي پوڻ جي ڪشالي کان پالهو رهجي وڃي ها.صفحي 88 تي غزل جو بند آهي.
محققن ڪوڙ کي سچ لکيو آ وري،
ڄاڻ اتهاس ۾ ڏار پئجي ويا!
اڪثر ڪري تاريخ جا واقعا، حادثا، وارداتون، هلچلون ۽ اٿلون پٿلون جن جن هستين کي قلمبند ڪرڻ جا موقعا ميسر ٿيا سي مورخ، تاريخدان سڏيا ويا. تنهن ڪري سچ ۽ ڪوڙ يا ڪوڙ ۽ سچ جا قصا، داستان، ڪٿائون، ڪهاڻيون، وارتائون ۽ ڪارگذاريون مورخن جي ڳچين جا ڳانا يا ڳارا هجن ٿيون، ان لحاظ کان مصرح کي ” مورخن ڪوڙ کي سچ لکيو آ وري“ لکڻ سان بيان ٿيل نڪتي جي نرواريت نکريل ئي هجي ها. صفحي 91 تي غزل جو بند آهي.
زندگي ۾ نه حاصل ڪرين سگهندين ڪجهه،
ايئن جي ڀاڙيئي سدا مون جيان وقت تي.
ان بند کي وزن جي بيجا واڍوڙڪي/وڍڪٽ ۽ محدود فڪر ۽ عمل جي ڪوٺڙي کان ذهني ڪاوش کان ذرا ڪم وٺي، فڪر ۽ عمل جي وسعت جون موجون ماڻائجن ها ته پوءِ اهو بند هن طرح به لکي سگهيو ٿي.
زندگيءَ ۾ نه حاصل ڪري ڪو سگهيو،
ايئن ڀاڙيو سدا جنهن رڳو وقت تي.
صفحي 108 تي غزل جو مطلع آهي ته
عرش ارپيا روڄ راڙا درد جا،
ڇو اسان لئه ٿيا ڏهاڙا درد جا.
هن بند ۾ مانائتو ليکاري فڪري طور نهايت روايتي رنگ ۾ رنگجي ويل ٿو ڀاسي ۽ پراڻ پسند فڪري ڌارائن کي ڌوڻيندڙ ڌرين جي وائڙي وهڪرن ۾ شايد لاشعوري طور وهي ويل يا لڙهي لال ٿيل ٿو لڳي. فرد توڙي ساري سماج جي داخلي ۽ خارجي يا موضوعي يا معروضي وارداتن، واقعن، ڏکن سکن ۽ حادثن/ حاڃن جي اڪثر سببن ۽ نتيجن جي، عالمن ۽ اڪابرن جي نظر ۾ اپٽار يا نشاندهي جو رنگ ڍنگ فرد يا سماج کي بتال ٿيڻ جو بک بنائڻ بجاءِ حقيقي طور باخبر رکڻ جو تاريخي فرض ادا ڪرڻ گهرجي ۽ ڏاهپن جي علمي ۽ عملي ڏس پتي جو حق ادا ڪندي ٻڌائجي ته فرد توڙي سماج جي سماجي طبقن ۽ رشتن جي سماجي تعلقن ۽ جڙندڙ ڳانڍاپن جي ڳنڍ ڳوپ ۾ ڳولڻ گهرجي نه ڪي عرش/ آسمان وغيره کي ذلالتن ۽ ظلمتن جو ذميوار بنائي بري ڀلي جا بوهيارا ڪجن.ٿوري بدل سدل سان هن مطلع کي هيئن به لکي سگهجي پيو.
وقت ارپيا روڄ راڙا درد جا،
ڇو اسان لئه ٿيا ڏهاڙا درد جا.
يا
دؤر ارپيا روڄ راڙا درد جا،
ڇو اسان لئه ٿيا ڏهاڙا درد جا.