خميس , نومبر 21 2024
sd

امتحان

منصور حمزہ

اسان ٻئي صندوق جي پيٽ ۾ ڪرسي رکي ويٺا ھياسي. صندوق جو پيٽ ڪمري وانگر وڏو ۽ ويڪرو ھيو. وڏِي ڪاٺ جي صندوق سٺي ڪاٺ جي ڦٽن مان ٺھيل ھئي. ڪاٺيءَ جي ڦٽن ۾ وڏا اسٽيل جا ڊگھا ڪوڪا لڳل ھيا ۽ ڪڏھن پيرين اگھاڙي گھمندا آھيون تھ پيرن ۾ لڳا پئي ۽ رت وھڻ پئي لڳي جيڪا ڦٽن جي وچ واري وارَ جيتري وٿيءَ ۾ وھي ٻاھر نڪري زمين جي سنھڙن سوراخن ۾ جذب ٿي پئي وئي. ان صندوق مان اسان کي جيڪا دنيا نظر ايندي آھي اھا بلڪل شور واري ھوندي ھئي، صرف ننڍڙين وار جيترين وٿين مان ٿورو ڪجھ نظر اچي سگھندو ھيو. وڏا آواز ايندا ھيا جيڪي ڪنن جا پردار ۽ ھانءُ ڏاري ڇڏيندا ھئا. منھنجو نالو ڀُڻ ڀُڻ آھي ۽ منھنجي جيڏي منھنجي دوست جو نالو چُرپر آھي. ان ڏينھن اسان چانھ پئي پيتي ۽ پنھنجي ڪرسيءَ تي ٽنگ ٽنگ تي چاڙھي ويٺا ھياسي ھڪڙي وڏي خاردار ڪاوڙيل مرداڻي آوازُ آيو
”ڪتي جا پٽ“.
ھن پيٽي جي ٻاھران ھڪ وڏو ڪمرو آھي جتان روز شوردار آواز ايندا آھن ۽ منھنجي چرپر جي ڪنن ۾ چرڪاٽ ٿيندا آھن. ٻاھران ايندڙ آوازن مان ايندو معلوم ٿيندو آھي تھ ھتي ٽي مرد رھن ٿا جن مان ٻھ جوان ڇوڪرا آھن ۽ ٽي عورتون ۽ ھڪ ٻارڙي آھي. مردن ۾ صرف ھڪڙو آواز سڀ کان وڌيڪ خاردار ھوندو آھي جنھن جي آڏو ٻيا ائين ھوندا آھن جيئن ڪتن آڏو ٻليون! ائين لڳندو آھي ڄڻ اھو سڀني جو وڏو آھي جيڪو ڪنھن بھ ٻئي رھندڙ کي ماڻھو جو ڦر سمجھندو ئي ناھي! ھتي روز اھڙا آواز ايندا آھن
”گڏھ جا پٽ“
”الو جا ڦر“
”رنڊي“
”…….“
۽ ڪجھ اھڙا لفظ بھ ھوندا آھن جن جي معنا اسان بنھي جي سمجھ جي زمين کان مٿي مٿي ھوندي ھئي. لڳندو تھ ائين ھيو تھ انھن لفظن کان وڌيڪ شدت وارا ھوندا ھيا.
اھو ڏينھن اسان کان وسري نھ ٿو، آواز آيو ”ڪتي جا پٽ“ …… منھنجي مٿي تان وار ڪري پيا ۽ چرپر جا ڏند ڪري پيا. چانھ لٽن تي ھارجي وئي ۽ ڪرسيون سوڌو اسان ٻئي اونڌا ٿي ڪري پياسين. وڏي مرد ننڍن کي چيو
” توھان جي مغز ۾ ڦيري آھي … اڄ وري توھان جي اسڪول مان ڪال آئي، گھرايو اٿن.“
ڌڪ لڳڻ جو آواز آيو، چرپر ڦٽي جي وچين وار جھڙي وٿيءَ مان ڏٺو تہ وات مان نڪري ويس ”ابا ڙي!“ چرپر جو منھن ڳاڙھو ٿي ويو ۽ ڀرون اُڀري آيس، وات جي ڳولائي وڏي ٿي ويس، اکين جا تارا ٻاھر نڪري آيس ۽ گلوب وانگر ڦرڻ لڳس … کيس ڏسي منھنجو منھن بھ ڪريلي جھڙو ٿي ويو، مون پڇيو ” خير تھ آھي“.
مون ڏي منھن ڪري ڊنل گدڙ وانگر چوڻ لڳو ” ڀُڻ ڀُڻ ھتي تھ ظلم آھي ھي ڀائي تھ ڇوڪرن کي مارَ ٿو ڏئي با!“
وري رڙ آئي، ڦٽن جي وچ مان رڙ جو آواز سنھڙي سيءَ وانگر ڪنن جي پردن ۾ وڃي لڳو ۽ سيسڙاٽ نڪري ويا. مون منھن اڳتي ڪري وار جيتري وٿيءَ مان نظر ايندڙ ٻاھرين منظر کي ڏٺو.
ڇوڪرا ھيٺ زمين تي ويٺا ھئا، جن جي مٿان ھڪ وڏو ماڻھو جيڪو قدآوار ھيو ۽ سندس منھن تي گھنج ھئا ڪروڌ منجھان ھٿ الاري رھيو ھو. ٽي عورتون ڪنڊ ۾ ڇرڪ ڀري رھيو ھيون، انھن ۾ ھڪ عورت وڏي عمر جي ھئي جنھن جي ھنج ۾ ٻارڙي ھئي جيڪا پڻ ڊنل ٻليءَ جي ٻچي جيان لڪيل ۽ ھيسيل ھئي. ڇوڪرا ھيٺ ويٺل رھيا، وڏي مرد ھڪ ننڍي ڇوڪري کي مڪ ھنئي ۽ ھن رڙ ڪندي چيو ”بابا ٻڌو تھ سھي!“ انھي چوڻ تي انھي وڏي مرد چيو ”ڪتا! زبان ٿو ھلائين پيءُ جي سامھون“ ھُن ڌڪ ھڪ کي پئي ھنيو تھ انھي سان گڏوگڏ ٻئي جو ساھ بھ سڪي پئي ويو. سندس خاردار آواز وري گونجڻ لڳو
” ھي منھنجا پٽ، منھنجا پٽ نھ آھن پر دشمن آھن! ڄور آھن! ھي آخرڪار منھنجو ماس کائيندا! رت پيئندا! ھي سوئر جڏھن بھ غلطان ڪري ايندا آھن تھ مون ڏانھن اسڪول جي فون ايندي آھي! ھي مونکي سدائين ذليل ڪرائيندا آھن. “
ھو ان وقت ڪنڊ ۾ ويٺل عورتن ڏانھن نھاري رھيو ھيو جيڪي روئي رھيون ھيون، انھن مان ھڪ وڏي عورت جيڪا ڪمزور ۽ خوف ۾ ورتل آواز ۾ ڪجھ چوڻ جي ڪوشش ڪئي
” ڇڏيو ٻارن کي … انھن…..“
عورت کي چپ ڪرائيندي چيائين ”چپ ڪر ڪُتي!“
ائين پئي لڳو ڄڻ ھو فقط پاڻ کي ماڻھو سمجھي ٿو ۽ ان کان علاوہ اتي موجود سڀ، ڪنھن ٻئي جاندار جو مظلوم نسل ھئا. اسان ٻئي وار جيتري وٿيءَ مان سڀ ڪجھ ڏسي رھيا ھياسين. آھستي آھستي اُن خاردار آواز جي ماڻھوءَ جي ڪاوڙ ۾ اضافو پئي ٿيندو ويو.
ھيٺ ويٺل ڇوڪرن مان ھڪَ وري ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪئي ”بابا! ٻڌو تھ سھي!“ ڇوڪري جي ايتري چوڻ تي ھن جي ڪاوڙ جوالا مکي وانگر اڀامي پئي ۽ ھن ڀرسان پيل ڪرسي کڻي انھي ڇوڪري کي ھڻي ڪڍي. ڇوڪري تمام زوردار رڙ ڪئي. ”امان ……! آآ“
۽ کاٺ جي صندوق جي مٿان اچي ڪريو، ۽ وڏو مرد جوالا اوڳاڇيندو ڪمري کان ٻاھر ھليو ويو ….
ڪمري جي ٻاھران پھچندي ئي سندس فون تي ڪال آئي، ھُن فون ڏسي پھريان ڪال ڪٽي ڇڏي. ڪال ھِن جي دوست جي ھئي جنھن جا پٽ ھنن ٻن ڇوڪرن سان اسڪول ۾ گڏ پڙھندا آھن. فون وڄندي رھي ۽ نيٺ بند ٿي وئي. ھو در تي ڪمري جي ٻاھران ڀيانڪ آواز ڪڍندو رھيو.
صندوق تي ڪريل ڇوڪري جي مٿي مان رت وھڻ لڳو ۽ صندوق جي ڍڪ جي ڦٽن مان وار جيتري وٿيءَ منجھان صندون جي اندر ڳڙڻ لڳو. صندق آھستي آھستي ڀرجڻ لڳي. چرپر جون ٽنگون رت ۾ آليون ٿي چڪيون ھيون ۽ آئون ڪرسي تي چڙھي ويٺو ھيس. ڪنڊ ۾ ويٺل سھميل عورتون ھڪ دم اٿي ڇوڪري تي پھتيون ۽ ان کي اٿارڻ لڳيون، پر ڇوڪرو ھوش وڃائي چڪو ھيو ۽ نھ اٿيو. انھن مان ھڪ ڇوڪري ڊڪي وڃي پاڻي ڀري آئي ۽ سندس منھن تي ڇندا ھڻڻ لڳي تھ متان جاڳي پوي ۽ ھوش ۾ اچي پر وري بھ ڇوڪرو ھوش ۾ نھ آيو. رت سان صندوق ڀرجي چڪي ھئي. اسان ٻنھي جو ڌڙ ٻڏي چڪو ھيو ۽ اسان مڪمل طور ٻڏڻ وارا ھياسين.
وڏي ماڻھوءَ جون فون وري وڄڻ لڳو، ھن فون کڻي ڏٺو ۽ ساڳئي دوست جي ڪال ھئي ۽ ھن فون کنئي ۽ گنڀير آواز ۾ چيو ”ھيلو“
سندس دوست گرم جوشي وچان سلام ڪري چيو ”سرور مبارڪون ھجنئي يار!“ ھن وراڻيو ”ڇا جي مبارڪ، ڪھڙو مونکي تمغو مليو آھي“
ايتري ۾ وڏي عورت وڏي رڙ ڪئي ” يا حسين! اڙي مون سان ناحق ٿي ويو “ ڇوڪرو بي جان ٿي چڪو آھي ۽ سندس سرد جسم مان نڪتل رت صندوق ۾ ڀرجي تلاءُ ٿي بيٺو، ايتري ۾ ٻيون عورتون جيڪي ٻئي ڇوڪري مٿان وڃي بيٺيون ھيون اھي پڻ رڙيون ڪري روئڻ لڳيون جو صدمي جي ڪري ٻئي ڇوڪري جو جسم سرد ٿي چڪو ھيو وحشت جو ماحول شمشان ۾ تبديل ٿي ويو.
ڪال ھلي رھي ۽ ھن وحشت رکندڙ ماڻھو کي سندس دوست چيو ”تنھنجي پٽن پھرين پوزيشن کنئي آھي“
ھن جي ھٿ مان فون ھيٺ ڪريو ۽ ھو ڊوڙي ڪمري ۾ آيو جتي سندس پٽ زندگيءَ جو امتحان پاس ڪري وڃي چڪا ھئا ۽ اسان بھ رت جي تلاءَ ۾ ٻڏي وياسين.

ھي بہ ڏسو

فقير جو پِڙُ

(ڪھاڻي) ضراب حيدر ورهاڱي کان ٽيھارو ورهيه پوءِ جي ڳالهه آهي، جڏهن شاهي بازار واري …