اڱارو , جنوري 28 2025
sd

اسان جا ڪهاڻيڪار، اسان جون ڪهاڻيون

ڪتاب کيرٿر تان اڏار تي هڪ نظر

طارق خشڪ . شهداد ڪوٽ

            کيرٿر تان اڏار ڪتاب جي پهرين ڪهاڻي ’اڇي ڌرتي‘ جون شروعاتي  سٽون پڙهڻ کان پوءِ ايئن محسوس ٿيو هو ته هي ڪهاڻي هڪ اهڙي ذميوار نوجوان جي چوڌاري ڦرندي جيڪو نه صرف پيٽ  گذر لاءِ عزت ڀريو روزگار ڪري ٿو. پر ان وٽ دوستن، گهروارن توڙي پنهنجي ٻارن لاءِ، وقت جي پابندي سان وقت رکيل آهي. هو سڀني سان، اها ڪهاڻي ان ڪردار جي ستين درجي ۾ پڙهندڙ ڌيءَ پرڀات جي هنج ۾ هلي ٿي وڃي. ۽ ان وٽ ئي دنگ ٿي ڪري. مون کي ڪهاڻي جي ڪردارن تي ڪو اعتراض ڪونهي نه ئي مان ڪهاڻي جو، مقصد کان خالي هجڻ جي ڳالهه ٿو ڪريان پر جڏهن ننڍڙي پرڀات پنهنجي پيءَ کان آکاڻي ٻڌڻ جو ضد ٿي ڪري جنهن جي پنجن ڏينهن کان اسڪول ۾ تعليمي ٽيسٽ به رکيل هوندي آهي. ته پيءَ پنهنجي ڌيءَ جي ضد آڏو مجبور ٿي کيس چوي ٿو.

            ’اڄ توکي دنيا جي  تمام خطرناڪ آکاڻي ٿو ٻڌايان.‘  مون کي فقط  ان ڪهاڻي جا ڪجهه ڊائيلاگ آهن. پيءَ پنهنجي ستين درجي ۾ پڙهندڙ ڌيءَ کي چوي ٿو. ’توکي مون ٻي مهان ڀاري جنگ جي ڪٿا ٻڌائي آهي ته ڪيئن جرمن ۽ جپانين، دنيا جي ڪيترن ملڪن سان جنگ جوٽي هئي، جنهن ڪري لکين ماڻهو مري ويا لکين معذور ٿي ويا. جيڪڏهن اڳوڻي سوويت يونين جرمنن سان منهن نه ڏئي سگهي ۽ آمريڪا انتهائي بي دردي ۽ ظلمي طريقي سان ئي جپان جي ٻن شهرن مٿان ايٽم بم نه ڪيرائي ها ته هي دنيا ٻي عذاب ۾ هجي ها!!‘ ’اهو ٻيو عذاب ڪهڙو ؟ ها ، سچ رائيٽر جو اهو اشارو مان به نه سمجهي سگهيو آهيان….!! ته ڇا اسان جو ستين درجي ۾ پڙهندڙ ٻار ، اهي عالمي بار پنهنجي ذهن تي رکي سگهي ٿو؟ ڀل اهو ڪيترو به ذهين ڇو نه هجي … پيءُ اها ڪهاڻي جيڪا ليکڪ جي حساب سان خطرناڪ آهي. ٻڌڻ کان پوءِ پرڀات سميت هر ٻار ان ڪهاڻيءَ مان ڪجهه سکڻ يا مزو وٺڻ بجاءِ ذهني طور منتشر ٿي سوچڻ لڳندو… ٻي مهان ڀاري ڇا آهي؟ جرمني جپان، سويت، يونين، آمريڪا ڪير ڪٿي آهن. انهن جنگيون ڇو ڪيون …. ماڻهو ڇو ماريا… ايٽم بم ڪهڙي بلا آهي؟ جنهن لکڻين ماڻهو ماري زخمي ڪري ڇڏيا. سامراج ڇا کي چوندا آهن؟ وغيره وغيره …

            جڏهن موضوع علم ۽ امتحان هجي ۽ آکاڻي ٻڌڻ ستين ڪلاس ۾ پڙهندڙ اهڙو ٻار هجي جنهن پنجن ڏينهن کان بعد ٽيسٽ ٿيڻي آهي ته مان ان کي دنيا جي خطرناڪ ڪهاڻي ٻڌائڻ بجاءِ پنهنجي ديس جي هڪ ڪهاڻي ٻڌيان ها….

”پرڀات پٽ …! هڪڙو هو سنڌي جو غريب ٻار …. ان کي اچي پڙهڻ جو شوق جاڳيو، ان وقت ۾ پڙهن، اڄ جيان سولو نه هو. ڇو ته تعليم انهن ڏينهن ۾ عام نه هئي، پر ان ٻار جو شوق ڏسي ان غريب جي والدين به کيس پڙهڻ کان نه روڪيو ۽ هو ويو پرهندو… هر امتحان ۾ پهريون نمبر کڻندو هو.. تان جو هو اڃان وڌيڪ پڙهن لاءِ سنڌ جي هڪ وڏي درسگاه ۾ پهتو… جتي صرف اميرن جا ٻار پڙهندا هئا، ان ڪري ان کي داخلا نه ڏيني وئي. پر استادن ان ننڍڙي نينگر ۾ همٿ قابليت ۽ پڙهن جو بي انت شوق ڏسي، کيس ان اعلى درگاه ۾ داخلا ڏني. داخلا ملڻ کانپوءِ به ان جا مسئلا حل نه ٿيا ڇو جو هو نج سنڌي ثقافت جو مظهر هو، مٿي کي پٽڪو ٻڌندو هو… چپل کان ويندي لباس تائين هي اهو ئي پهريندو هو جيڪو کيس غريب والدين ڏئي سگهندا هئا.. هن ان معاملي ۾ ڪڏهن به اميرن جي ٻارن سان ريس نه ڪئي، جنهن تي امير شاگرد مٿس طنز ۽ ٺٺول ڪندا هئا.. ايتري تائين جو کيس ڳنوار ڌنار جي نالن سان کيس سڏيندا هئا… پر اهو ٻار انهن تي سوچڻ بجاءِ پنهنجي غريب والدين تي سوچيندو هو ته ڪيئن انهن جي مدد ڪجي. جنهن کان پوءِ هن ڪلاس کان بعد هن کٽون واڻن ۽ هڪ امير جيڏن شاگردنن جا ڪپڙا ڌوئڻ شروع ڪيا. انهن مان جيڪي پيسا ملندا هئس، ٿورا پاڻ خرچي ٻيا گهر وارن ڏي مڪلي ڇڏيندو هو… ڳالهه اتي به پوري نه ٿي ٿئي جيئن جيئن اهو ٻار جوان ٿيندو ويو تيئن تيئن ته سندس پڙهڻ وارو شوق به پروان چڙهندو ويو تان جو هي جوان سنڌ ڇڏي وڃي هندستان جي ان وقت جي وڏي وڏي درسگاه ممبئي يونيورسٽي نڪتو ان وقت پاڪستان آزاد نه ٿيو هو پر هندستان جو حصو هو. هن اتي به محنت ۽ همٿ کي پنهنجو ساٿي رکيو نتيجي ۾ ۾ هو سنڌ جيان سڄي هندستان ۾ پهريون نمبر کڻي پنهنجو توڙي پنهنجي جنم ڀومي سنڌ امڙ جو ڳاٽ اوچو ڪري ڇڏيو. خبر اٿئي پرڀات پٽ اهو غريب ڌنار جو پت ڪير هو … ؟ عمر بن دائود پوٽو…. جنهن کي دنيا شمس العلماءَ جي لقب سان سڄاڻي ٿي. يعني علمائن جو سج…. توڙي جو شمس العلماءِ عمر بن محمد دائود پوٽو هن اسان ۾ موجود ناهي. پر اڄ به هن جو نالو علم جي ڪري سج جيان روشن آهي هن جي علم ڪرڻن مان نه صرف اسان سنڌ وارا لاڀ ٿا حاصل ڪيون پر دنيا ۾ شمس العلماءِ جي علمي ڪارنامن جا مثال ڏيندي آهي…. ڏٺئي پٽ ڪيئن هڪ ڌنار پنهنجي همٿ ۽ محنت سبب  ڳنوار مان شمس العلماءِ بڻجي ويو 1 آکاڻي ٻڌائڻ کانپوءِ مان ننڍڙي پرڀات ڏانهن ڏسان ٿو هن جون اکيون ڀرجي آيون هيون. ” “ لهجي ۾ چوي ٿي. ” بابا مان شمس العلماءَ نه ٿي سگهان… پر مان واعدو ٿي ڪريان ته هر امتحان ۾ پهريون نمبر ايندس. ۽ خوب محنت ڪنديس. پرڀات چپ ٿي وئي، اکين مان ٻه لڙڪ ڪري پسيا هئس چهري تي نئو عزم ۽ ولولو هئس مون کي سيني لڳو ته ننڍڙي پرڀات جي لڙڪن هن ڌرتي تي آيل لڙڪن هن ڌرتي تي آيل جهالت واري داغ ڌوئي ڇڏيو هو. ڌرتي سڄي اڇي ٿي وئي.

            ڇا اسان ان قسم جون آکاڻيون ٻڌائي پنهنجي ٻارن جي علمي ۽ ادبي تربيت ۾ پنهنجي علمي ادبي  هيرن جا حوالا نه ٿا ڏئي سگهون … . ! !

            فقير عبدلرحيم گرهوڙي بابت اسان جي ٻارن کي ڪير ٻڌائيندو جنهن وٽ ايترو علم هو جو هڪ ڀيري ملن مناظري دوران ۽ ڪتابن مٿان پڙهي ويٺو مان اعتراص ڪيو ته فقير صاحب چين. ” اهي سڀ ڪتاب منهنجا پڙهيل آهن ان ڪري مان به هڪ ڪتاب آهيان .. ۽ ڪتابن مٿان ڪتاب رکڻ ڪا گستاخي بي ادبي ناهي.

            شاه سچل سامي جهڙا علمي ڪردار روساري اسا پنهنجي ٻارن جي تربيت ۾ دنيا جو اڇلايل گند ” جنگيون “ ڇو ڀريون 1 ئ“  ها ڳالهه جداگين جي ڪرڻو آهي ته پوءِ اسان پنهنجي ٻارن کي ڳاٽ اوچو ڪري دودو، دولهه دريا خان هوشون هيمون سميت سوين سنڌ جي سورهين جنگ جو پٽن جو آکاڻيون ٻڌائي سگهون، جيڪي پنهنجي ذاتي مفاد لاءِ نه پر سنڌ امڙ جي لولي ۽ لڄ لاءِ وڙهيا هئا… ! اهي صرف آکاڻيون نه بلڪه هڪ تاريخ به آهي… جيڪڏهن اڄ اسان سڀ گڏجي اهو عهد ڪريون ته اسان پنهنجي ٻارن جي تربيت ۾ پنهنجون آکاڻيون شامل ڪيون ته اسان جا اهي تاريخي ڪردار نسل در نسل اسان جي پيڙهين ۾ منتقل ٿيندا رهندا … جنهن کانپوءِ اسان جو ٻار پنهنجي علم آڌار تي دنيا جي تاريخ راز به ڀلي لهي يا ترقي يافته ٻولين ۽ ملڪن جي رنگن ۾ ڀل گم ٿي وڃي پر جڏهن به اهو ٿڪندو ٽٽندو ته پنهنجي گهر جو دستور ڪڏهن به نه ڀلجندو… هو صرف سوچيندو سنڌ سڀني سچاين سندس آڏو هوندي… !

            عزيز

            عزيز جي ڪهاڻين جي جي سڀ کان وڏي خوبي اها آهي جو عزيز جي ڪهاڻي گهڻن ڪردارن جو بار ناهي کڻي سگهندي … ۽ گهڻن ڪردارن واري ڪهاڻيءَ کي وري گهڻا پڙهندر پاڻ ساڻ ناهن رکي سگهندا.. اهوئي سبب آهي جو عزيز جو ڪاڻيون مختصر هجن يا صفا مختصر اڃان به مختصر پر ڪهاڻي پڙهڻ کانپوءِ هر پڙهندر، ان تي پنهنجو رايو ڏين جهڙو ضرور ٿيندو آهي، يعني قسم کڻڻ جهڙو ته مون اها ڪهاڻي پڙهي آهي. ان ۾ هيءَ آهي… هو آهي” هن فون ڇو رکي ڇڏي، ڪجهه به نه ، عشق انڌو ٿيندو آهي، ڳري ويل نڪ ، چيگم، گاريون۽ سڏ، ڏنل آخري چمي، عورت ۽ سائنس، جسم دنيا ۾ هلندڙ سڪو، چميءَ جي تاريخ.. سميت سڀئي سڀئي ڪهاڻيون ان ڳالهه جون ثبوت آهن.

            عباس ڪوريجو

            عباس ڪوريجو فنڪار ڪهاڻيڪار آهي، هڪ ڪهاڻيءَ ۾ خبر ناهي ڪيتريون ڪهاڻيون پڙهائي ويو ته به چوي پيو. ڪاش مان ڪهاڻيڪار هجان ها… ! ان ڪري ان جي ڪهاڻين تي ڪيترو به ڳالهائجي فائدي ۾ هوندس ته خوش ٿيندو ڳالهه ايندي تنقيد جي ته ڏاڍو معصوميت مان چوندو يار مان ته چئي چڪو آهيان مان ڪهاڻيڪار ناهيان! ان ڪري اچئو ٿا نورالحق نور ڏي.

            نورالحق نور

هتي پيشاب ڪرڻ منع آهي، عنوان پرهن کانپو3 اها ڪهاڻي پڙهڻ تان ارواح کڄي ويو هو.اسان سڀني ڪهاڻيڪارن کي اهو وسارڻ نه گهرجي ته اسان پنهنجي لاءِ يا يا ڪنهن هڪ فرد لاءِ نه لکندا آهيون. پر اسان کي پرهندڙن ۾ ٻار توڙي ٻڍا استاد توڙي شاگرد، ماءٌ ڀينر کان ويندي محبوبائن تائين سڀني جون اکيون اسان جي ڪهاڻيين ۾هونديون آهن، ان ڪري ڪهاڻي اندر ڪارو ٽوڪ نه آهي پر عنوان ته فضيلت ڀريو هئڻ گهرجي جنهن جي پڙهن سان دل ڀل نه ٺري پر ڀڄي نه … بهرحال ڪهاڻي پڙهي موضوع زبردست پر افسوس منهنجي خيال ۾ نورالحق نور ان سان نڀائي نه سگهيو. ان ڪهاڻي جي ڪهاڻي ڪجهه هن ريت آهي ، هڪ دڪاندار جي دڪان سامهون ماڻهو پيشاب ڪري ويهندا آهن، جنهن سان ان دڪاندار کي سخت ذهني تڪليف پهچي ٿي ان ڪري هو مجبورن پنهنجي سامهون واري ڀت ٿي لکرائي ڇڏيندو آهي، ” هتي پيشاب ڪرڻ منع آهي، ماڻهو پوءِ به نه مڙيا… ته دڪاندار پاڻ به اتي زور پون تي پيشاب ڪرڻ ويهي رهي ٿو…. ڪهاڻي ختم .. عجيب پڄاڻي ٿي ان ڪهاڻي جي اصلاح جي ابتڙ ڄڻ ليکڪ صلاح ڏيندو هجي ته بابا هيٺاهين کان هيٺ سفر ڪيو اونداهي کان اونداهي تائين سفر ڪيو متان روشني ڏانهن وک وڌائي اٿئون. …

            جڏهن ڪا گندگي گهڻا ماڻهو ڪندا هجن ۽ سمجهائڻ سان نه سمجهن ته توهان به انهن سان گندائي ۾ گڏجي پئو. اها صلاح ته نه ٿي نه… مان چئي چڪو آهيان ته ليکڪ جنهن مسئلي جي نشاندهي ڪئي اهي سو واقعي ڌيان ڇڪائيندڙ آهي. هر ننڍي وڏي شهر ۾ اهو مسئلو پنهنجي پوري آب تاب سان موجود آهي. محصوس هنڌن تي پنهنجي حاجت پوري ڪرڻ بجاءِ ڪي ماڻهو مجبوري مان، ته ڪي سستي مان ته ڪي وري پنهنجي پر ۾ پنهنجو قيمتي وقت بچائڻ خاطر ڪنهن خالي پيل جڳهه تي پيشاب ڪرڻ ويهي رهندا آهن. ڀل ان سان ڪنهن کي کڻي ڪيتري به تڪليف پهچي. هو ان جو خيال نه ڪندا آهن… ڇو ته هو پنهنجي تڪليف مان پنهنجي جان آزاد ڪراڻ چاهيندا آهن. جيڪو اخلاقي طرح نه سٺو آهي نه برداشت جوڳو، جيڪڏهن نورالحق نور ان ڪهاڻي ڪردار کان هي ڪم وٺي ها ته منهنجي خيال ۾ ڪيڏي نه ڀرپور اصلاحي ڪهاڻي ٿي پئي ها. اهو دڪاندار پاڻ سان ٿيندڙ آزار ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي دڪان جي بلڪل سامهون واري ڀت کي نوٽيس بورڊ بڻائي ها… نه ئي بليڪ بورڊ بڻائي ها ڀونڊا ڇاپي ها.. هو ڪجهه سوچ ويچار کانپوءِ پنهنجي دڪان جي سامهون جتي ماڻهو پيشاب ڪندا آهن. اتي صفائي ڪري ٻهارو ڏئي ڇنڪار به ڪري ٿو. ۽ اڇو چڻ به هاري ٿو ڇڏي… ان عمل کي هو پنهنجو معمول بڻائي ٿو ڇڏي… جنهن کانپوءِ ان دڪاندار ڏٺو ته پيشاب لاءِ ايندڙ ماڻهو گهڻي حد تائين گهٽ ٿي ويا آهن. جنهن کان پوءِ ان دڪاندار جو حوصلو اڃان به وڌي ٿو. ان ڏينهن کانپوءِ اتي ڪوبه ماڻهو پيشاب ڪرڻ نه ايندو هو جڏهن کان وٺي هن اتي گلن جو ٻه ڪونڊيون وٺي رکيون هيون. ۽ انهن گلن جي وچ ۾ هڪ بينچ به رکرائي چوڪ هڻائي جنهن تي ڪڏهن ڪو گراهڪ ويٺو هوندو هئس ته ڪڏهن ڪو شاگرد…. واندڪائي ۾ هو پاڻ به بينچ تي ويهي گلن کي ڏسي گد گد ٿيندو هو… ان جي ان محنت جو نتيجو اهو نڪتو جو پسگردائي جا جيڪي ماڻهو اتي پيشاب ڪرڻ ايندا هئااهي ساڳيا ماڻهو واندڪائي ۾ ساه پٽڻ لاءِ اچي ان بينچ تي ويهندا هئا. جيڪڏهن هن ڪهاڻي جي پڄاڻي ائين ٿئين ها … يا ڪهاڻيڪار ڪو ٻيو اهڙو رستو اختيار ڪري جنهن سان هڪ خراب ماڻهن سان گدجڻ بجاءِ خراب ماڻهو دڪندار جي سٺائي ۾ دڪاندار سان شامل ٿي وڃين ها ته… ڇا ته هي ڪهاڻي اسلامي ڪهاڻي هجي ها…..! !

            سعيد سومرو

            سعيد نئين ٽهي جو تمام سٺو شاعر آهي، ان ڪري نه ته هن جي شاعري جا ٻه ڪتاب آيل آهن. فقط ان ڪري جو ان جي ساعري واقعي به اعلى معيار جي  آهي. ڇو ته ادب ۾ مقدار کي نه معيار کي ڏسبو آهي. ان ڪري مان اهو ٿو چوان سعيد سٺي شاري سان گڏ، سٺو ڪهاڻيڪار به آهي منهنجي ان ڳالهه سان هر اهو دوست متفق ٿيندو جنهن هن ڪتاب کيرٿر تان اڏار ۾ سندس ڪهاڻي ليڙ ليڙ پڙهي هوندي.” ڀري ويل ڀرم جو وجود“ ۾ به سعيد ڪهاڻي سان ڀرپور نڀاءٌ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جنهن ۾ هڪ نوجوان محنت مزدوري ڪندي، معذور ٿي وڇن باوجود ڪنهن جي آڏو هٿ ٽنگڻ بجاءِ پنهنجو توڙي، پنهنجي ننڍي ڀاءٌ ، ڀيڻ جو پيٽ پالن لاءِ، روزگار ڪندو رهي ٿ. هڪ ڏينهن جڏهن هو طبيعت خراب ٿيڻ جي ڪري سوير گهر ڏانهن موٽي ٿو ته رستي ۾ هو پنهنجي جوان ڀيڻ بانت سوچي ٿو. چاچي وزير کي چئي ڀيڻ ي ڪنهن سٺي هنڌ پرڻائي ڇڏيان، ته هوند مون مٿان تمام وڏو بار لهي ويندو. چاچو وزير هن جي مرحو پيءَ جو سٺو دوست هو جيڪو هو ڏکي وقت ۾ ان کي ڪم ايندو هو ، نوجوان جڏهن اهو سوچيندو گهر اچي ٿو ته پنهنجي ڀيڻ ۽ چاچي وزير کي اعتراض جوڳي حالت ۾ ڏسي ٿو. جنهن سبب سندس تڪليف اڃان ٻيڻي  ٿي وڃي . ان جي اوچتي ۾ اچن تي چاچي وزير ۽ سندس ڀيڻ کان چرڪ نڪري ٿو وڃي. ڪهاڻي ختم. اهڙا واقعا ته ڇا ان کان بدتر واقعا به هن ظالم دنيا ۾ ٿي رهيا آهن. ان کان ڪو به انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته پوءِ ڇا ڳالهه اتي ئي ختم ڪرڻ گهرجي. منهنجي خيال موجب جيڪڏهن سعيد ڪجهه ڊائيلاگن جو اضافو ڪري ها هن ڪهاڻي جو فڪر ڏاڍو اڇو ۽ وسع ٿي وڃين ها. مثلن جڏهن نوجوان چاچي وزير جي شفقت ۾ پنهنجي ڀيڻ جو گهر ڳوليهندي گهر پهچي ها ته ٻني کي قعتراض جوڳي حالت م ڏسي سندس ذهني ۽ جسماني تڪليف جو احساس ته کيس ٿئي ها پر جڏهن چاچو وزير به چوڪي هن ڏانهن ڏسي ٿو ته هي پنهنجو سڀ وڃايل همتون ميڙي انتهائي بيوسي مان چاچي وزير کي چوي ها” چاچا… مان به هاڻي اهو سوچيندو ٿي آيس ته منهنجي ڀيڻ جوان ٿي وئي اهي. توهان کي چئي ان جو بلو ڪندس… پر وڏا ته وڏا اهن نه … انهن جي سوچ وڏي هوندي آهي … ڏسو نه توهان هر معاملي جيان هن معاملي جو به ڪيڏو نه خيال رکيو.. منهنجي ڀيڻ جو اوهان کي ڪيرو نه خيال آهي… چاچا جو .. جو… ! اهو ٻڌڻ کان پوءِ چاچي وزير جو ندامت ۽ شرمندگي کان ڪنڌ جهڪي وڃين ها.. جنهن مان پڙهندڙ ائين محسوس ڪري ها ته برو ڪم به آهي… ڪير به ڪري کيس شرمندگي ۽ ندامت کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ملندو.

سيف الحق سيف

نم جو وڻ. هن ڪهاني ڪتاب جي سڀ کان خوبصورت ترين ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ سيف الحق سيف حساسيت جي رومانس سان اهي رنگ ڀريا آهنجيڪي اسان پنهنجي دل ۾ طريون ته هن امن جي ڌرتي رت سان رڱڻ بجاءِ ان ۾ پيار محبت جا اهي ٻوٽا پوکيون جن جي خوشبو اسان جي ايندڙ نسل کي به معطر ڪري ڇڏي. هن ڪهاڻي جا ڪردار به منفرد هن هيرو 70 _ 80 جو پوڙهو ماڻهو رٽائر استاد علي نواز پناه وٺندو آهي. بلڪه ان هيٺان مسافر پنهنجا ٿڪ ڀڃندا آهن. هاري ناري واندڪائي ۾ نه صرف پنهنجا ڏک سور درد خوشيون بيان ڪندا آهن پر ان جي ڇان ۾ نوٽڻ راند به ڪندا آهن اهو نم جو وڻ رڳو انهن تي مهربان نه هوندو اهي. بلڪه هن شفيق ماءُ جيان ٻارن کي پينگه لاءِ پنهنجو ٻانهون به وقف ڪري ڇڏيون هيون… ان جي ايتري شفقت ڏسي پکين به سندس سينڌ ۾ پنهنجا گهر اڏيا هئا، اهو ئي سبب جو اهو نم جو وڻ پنهنجو ڳاٽ سدائين اوچوڪري بيٺل هوندو هو… پر هن مفادي دنيا ۾ چند ڏوڪڙن عيوض ان وڻ جي مالڪ استاد علي نواز جي پٽ حميد واڍن سان سودو طئه ڪري ڇڏيو هو. ان ڪهاڻي جو هڪ ڊائيلاگ آهي واڍو استاد علي نواز کي چئي ٿو. هاڻي ٿو پرتي ٿي بيهه … مان ڪهاڙي سان هڪا ڏار ۽ شاخون وڍيان ٿو. متان ڪجهه اچي لڳئي نه … ! سچ ايستائين پڙهڻ کان پو3 مون کي ائين لڳو ته اهو واڍو وڻ کي نه ڄڻ مون کي ڪٺڻ لاءِ آتو هجي. ڇو ته هر سٺ پڙهندڙ هر سٺي ڪهاڻي ۾ گم ٿي ويندو آهي، مان به نم جي وڻ ۾ گم ٿي ويو هئس، پر مان پاڻ کي استاد علي نواز ۾ نه ٿي ڳولهيو.. نه .ي حميد ۾ هئس… نه ڪو واڍن سان گڏ هئس… نه ئي مان نم جي ڇانو ۾ ساه پٽيندڙ ڪو مسافر هئس، مون کي ائين لڳو.. نم جو وڻ مان آهيان… ۽ هاڻي مون کي ڪٽيو ويندو… پر استاد علي نواز نم کي پڇائي صرف مون کي نه پر انهن سڀني حساس دل رکندڙ ماڻهن کي بچائي ورتو هو. جن جي دلين ۾ ڌرتي جي سونهن جا سڀ رنگ سمايل هوندا آهن. جن جا احساس  زنده اهن… جن جون نظرون آسمان جي بلندين ڏانهن ڏسندي پنهنجو پٽڪو ڪيرائڻ بجاءِ… پنهنجو هر قدم سنڀالي کڻڻ ۾ کتل هونديون آهن متان ڪٿي منهنجي پيرن هيٺان ڪول لتاڙجي نه پوي ڪا ڪول چيڀاٽجي نه وڃي… مطلب سيف الحق سيف ان ڪهاڻي سان مڪمل طور نڀاءَ ڪيو آهي… مان کيس ننڍي عمر ۾ ان وڏي ڪهاڻي لکن تي مبارک ٿو ڏيان ان اميد سان ته اسان جي هن مرده معاشري  ۾ اسا جا احساس جيئن رلندو ۽ جاڳائيندو رهندو….

ھي بہ ڏسو

” وڻ “ ناول جو جائزو

مشتاق جروار پوري دنيا ۾ ادب جا مختلف موضوع رھيا آھن دنيا جا اديب شاعر …