ادب ڇا آهي؟
دنيا جي مڙني علمن ۽ فنن جو سرچشمو يونان ئي آهي، ادب جا جيڪي اصول افلاطون ۽ ارسطوءَ جوڙيا، صديون گذرڻ باوجود به اڄ جو شارح انهن جي چوگرد ئي ڦري ٿو. افلاطون پنهنجي ڪتاب Republic ۾ لکي ٿو، ” علم ادب هڪ ڌوڪو آهي، شاعري سڀني ڪوڙن جي ماءُ آهي ۽ شاعر اخلاق جو دشمن آهي.“ ارسطوءَ پنهنجي استاد افلاطون جي مٿين اعتراضن جا دل کولي جواب ڏنا ۽ چيو ته تخليقي ادب نقالي ۽ محاڪات آهي، جنهن جو مقصد دل جي تفريح آهي.
خليفي مامون رشيد جي دور ۾ يوناني علمي خزانو عربيءَ ۾ ترجمو ٿيو ۽ ائين اهو فڪر عربن تائين پهتو، عربن ادب جا ٻه قسم بيان ڪيا، هڪ الهامي ۽ ٻيو مدرسن مان حاصل ڪيل ۽ تشريح هن طرح ڪئي،” اهو علم ، جو انسان جي دل ۽ ذهن کي وڌائي ، خيالن ۾ بلندي، نزاڪت ۽ قلب ۾ خوشي ۽ سرور جي ڪيفيت پيدا ڪري ، ان کي ادب چئبو آهي.“
يورپ جي نظر وري مختلف آهي، يورپي عالمن جي راين ۾ تضاد ضرور آهن پر ادب جي حقيقي وضاحت ضرور ملي ٿي. ”ادب انساني زندگيءَ جي تنقيد ۽ ان جو تفسير آهي.“ ميٿيو آرنولڊ
” قدرت انسان ۾ جن سرمدي شين کي امانت رکيو آهي، تن جي اظهار کي ادب چئجي ٿو.“ ميلڪن
” ادب به هڪ تاريخ آهي.“ هيگل
” اها تمام معلومات جيڪا ڪتابن مان حاصل ٿئي، اها ادب آهي.“ آرنولڊ سڪورسس
” لائق مردن ۽ عورتن جي لکيل احساسن ۽ خيالن کي اهڙي نموني سان ترتيب ڏيڻ ، جو پڙهندڙ کي خوشي حاصل ٿئي، ادب آهي.“ بروڪ
علامه آءِ آءِ قاضي مطابق ”ادب“ لفظ دب ماب ورتل آهي، جو مطلب آهي ” پٽ تي ريڙهيون پائڻ“ لغت جي لحاظ کان معنى ، ” ريڙهيون پائيندڙ ٻار کي پنڌ سيکارڻ.“ سنڌي اصطلاحي معنى ۾ ” اڻ گهڙيل ڪاٺ کي رندو هڻڻ.“ ۽ ماضي ۾ اهو فن سيکاريندڙ استاد کي اديب چئبو هو.
نتيجي طور اسان چئي سگهون ٿا ته ادب انهي علم جو نالو آهي، جنهن مان اسان کي روحاني آرام ۽ خوشي حاصل ٿئي.
بنيادي طور ادب جا ٻه قسم آهن. 1. نثر 2. نظم
نثر ۾ هر قسم جو مضمون لکي سگهجي ٿو. نظم جي مقابلي ۾ وڌيڪ آساني سان لکيو وڃي ٿو ڇو جو نثر ۾ علم العروض ، ڇند وديا، وزن بحر ۽ ماترائن جي پابندي بلڪل به ناهي. نثري صنفن ۾ تاريخ، ڪهاڻي، مضمون، ڊراما، قصا، ناول، آکاڻِي، لغت، خط، دستاويز، ڪورٽن جا فيصلا، بيان ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه شامل آهي.
نظم جي لغوي معنى آهي پوئڻ. مصرعه ۾ مقرر ڪيل وزن جي ڌاڳي ۾ لفظن کي پوئڻ جو نالو نظم آهي. نظم جون صنفون، غزل، گيت، بيت، وائي، ڪافي، سانيٽ، نظم، ڇتارو، مولود، حمد، نعت، مدح، مناجات وغيرهه آهن.
شاعري ڇا آهي؟
دنيا جون سڀ قومون قبولن ٿيون ته شاعري تڏهن کان آهي، جڏهن کان انساني جذبات جي شروعات ٿي. شعر جي تاريخ جا پيرا به يونان طرف وڃن ٿا. يوناني فيلسوفن جو چوڻ آهي ته شعر خيالي ڳالهيون آهن.
هندن جو رايو: ويد قديم آهن ۽ اهي شاعري يا نظم آهن.
يهودين جو رايو: حضرت دائود جو زبور دعائن ۽ گيتن جو نظم ٿيل مجموعو آهي.
مسلمانن جو رايو: ڪجهه مسلمان پڻ ان خيال جا آهن ته قران ۾ پڻ نظم موجود آهي. ٻيو خيال اهو آهي ته حضرت آدم عه هابيل جي قتل تي ڏک ۾ شعر پڙهيو، جيڪو سرياني ٻوليءَ ۾ هيو ۽ بعد ۾ عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو، ان کي دنيا جو پهريون شعر چيو وڃي ٿو.
شاعري شعر جو جمع آهي ۽ شعور مان ورتل آهي. شعور، شاعر ۽ شاعري ٽئي عربي ٻوليءَ جا لفظ آهن. اهو شعور الهام جي صورت ۾ خالق پنهنجي بندي ڏي موڪلي ٿو. ان الهام جي سرمستيءَ ۾ ئي مولانا رومي بي اختيار فرمائي ٿو، ” شاعري جزويست از پيغمبري“ يعنى شاعري به نبوت جو هڪڙو جزو آهي.
ارسطو جي مذهب ۾ شعر کي هڪ قسم جي مصوري يا نقالي سڏيو ويو آهي. ڀلي افلاطون شاعريءَ ۽ شاعر جو مخالف هجي، ڀلي اهو پنهنجي خيالي رياست ۾ شاعرن کي نيڪالي ڏي پر شعر جي اثر کان ڪوبه شخص انڪار ڪري نٿو سگهي. شعر پاڻ ۾ سمايل ڏک يا خوشي، جوش جذبي يا بيدليءَ جو اثر ضرور ٻڌندڙ تي ڇڏي ٿو. تاريخ اهڙن مثالن سان ڀري پئي آهي.
شاعريءَ جو سماج تي اثر؛
شاعر پنهنجي شعر ۾ لفظن جو اهڙو ته جادو ٿو پوئي ڇڏي جو اهو تاريخ جو رخ ئي بدلي ٿو وجهي، يورپ ۾ سياسي مشڪلات جي وقت، آڳاٽي وقت کان شعر کي، قوم جي ترغيب ۽ جوش ڏيارڻ جو هڪ زبردست اوزار سمجهيو ويندو آهي.
هڪ زماني ۾ ايٿنز ۽ مگارا وارن جي وچ ۾ سيلمس ٻيٽ تان لڙائي لڳي، ان ۾ ايٿنز وارن شڪستون پئي کاڌيون، نيٺ جنگ تان هٿ کڻي اهو قاعدو پاس ڪيو ويو ته جيڪو به ٻيهر وڙهڻ لاءِ چوندو يا ان ڳالهه جو ذڪر به ڇيڙيندو ان کي قتل ڪيو ويندو. ان وقت ان ڏرتيءَ ڄائو مشهور شاعر سولن جيئرو هو، ان کي غيرت آئي، هو بناوٽي چريو ٿي پيو ۽ شعر لکي شهر جي ماڻهن کي پڙهي ٻڌائڻ لڳو، ماڻهن ۾ ايترو جوش پيدا ٿيو جو وري گڏ ٿيا، دشمن سان وڙهيا ۽ سيلمس فتح ڪيائون.
لارڊ بائرن جو هڪ مشهور نظم ” چائلڊ هيرلڊ پلگرميج“ آهي، جنهن جي هڪ ڀاڱي ۾ فرانس، انگلينڊ ۽ روس کي غيرت ڏياري اٿس ۽ يونانين کي ترڪن جي غلامي مان آزاد ٿيڻ لاءِ ڀڙڪايو اٿس، بائرن جي نظم جي سڄي يورپ ۾ ڌوم مچي وئي ۽ يونين بغاوت ڪري ترڪن کان آزادي ورتي.
ايراني شاعر رودڪي جو قصو مشهور آهي ته امير نصر بن احمد ساساني خراسان فتح ڪرڻ بعد هرات ۾ رهي پيو ۽ بخارا موٽڻ جو خيال ئي دل تان لاهي ڇڏيو هئائين، امير امرا تنگ ٿي پيا. نيٺ رودڪي هڪ قصيدو لکيو، شاهه کي راڳ روپ جي وقت پڙهي ٻڌايائين، ان جو اهڙو اثر ٿيس جو ان مهل ئي گهوڙي تي چڙهي لشڪر سان گڏ روانو ٿيو.
جنگ جي ميدان ۾ پڻ ملڪي حب سان سرشار شاعري پڙهي جنگ وڙهندڙ سپاهين جي دلين ۾ وطن لاءِ قربان ٿيڻ جو جذبو پيدا ڪيو ويندو آهي.
شيڪسپيئر جي نظمي ناٽڪن کي پڻ بائيبل جي برابر سمجهيو ويندو آهي. مختصر ته شعر پنهنجي جوهر ۾ سماج تي ڀرپور اثر ڇڏي ٿو ۽ ان جي سببان سماج ۾ تبديليون پڻ اچن ٿيون.
شعر کي پرکڻ جو علم:
سرود ۽ راڳ شاعري جي جان آهي، جيڪو شعر ترنم کان خالي آهي سو حقيقت ۾ شعر ناهي، شعر جي موزون هجڻ جي پرک ڪرڻ لاءِ جيڪي علم اسان وٽ موجود آهن، اهي هندي ڇند وديا ۽ علم العروض آهن. شاعريءَ جون سڀيئي صنفون يا ته هندي ڇند تي آڌاريل هونديون آهن يا علم العروض جي ارڪانن تي. هتي اسان ٻنهي تي هڪ نظر وجهون ٿا.
هندي ڇند وديا: هندي مان مراد هي علم هندستان جي پيداوار آهي، ڇند آواز کي چئبو آهي ۽ وديا جو مطلب آهي علم، مڪمل معنى هن طرح ٿيندي ته آوازن جو هندي علم. هن علم کي هندي پنگل به سڏبو آهي. هن فن جو باقاعدهه آغاز پنگل رشي جي تصنيف ” پنگل، ڇند شاستر“ سان ٿئي ٿي. علم العروض ۾ اصول ۽ ارڪان آهن، اهڙي طرح ڇند وديا ۾ به آهن، فرق اهو آهي علم العروض ۾ اصول ثلاثي (ٽن حرفن وارا) رباعي(چئن حرفن وارا) ۽ خماسي( پنجن حرفن وارا) ٿيندا آهن، پر ڇند جا اصول هڪ حرفي۽ ٻه حرفي ٿيندا آهن. حرف جي اڪائي کي ڇند وديا ۾ ماترا چئبو آهي.، مثال: ”ا“ ۾ هڪ ماترا آهي ۽”آ“ ۾ ٻه ماترائون آهن. ماترا کي مت، متا، ڪل، ڪلا به چئبو آهي. ڇند ٻن قسمن جا هوندا آهن. 1. ماترائي ڇند 2. ورنڪ ڇند