غلام محمد لاکو
سيد حسام الدين راشدي، لڪياري ساداتن ۾، پير حامد شاهه جي گهر بروز اربع 20 سيپٽمبر 1911ع برابر 26 رمضان 1329هه تي ڳوٺ بهمڻ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. پير محمد راشد (سندن جدامجد) سان، سائين جن جو سلسلو هن ريت ملي ٿو. سيد حسام الدين بن پير حامد شاه بن پير پير شاه، بن پير علي محمد شاه، بن پير صبغت الله شاهه، بن پير محمد راشد. مختصر عربي، فارسي، سنڌي ۽ انگريزي تعليم بعد، پاڻ ويهن سالن جي ڄمار ۾ عملي ۽ علمي زندگيءَ جي ابتدا ڪيائون. شروعات ۾ صحافت ۽ ادب، گڏوگڏ سندن مشغولين ۾ شامل رهيا. ڪراچيءَ ۾ مستقل رهائش اختيار ڪندي، ورهاڱي کان پوءِ باقاعدي علمي، ادبي ۽ تحقيقي ڪم ڏي راغب ٿيا. ان سان گڏ ادبي جريدن جا ايڊيٽر، ادبي ادارن جا ميمبر ۽ عهديدار توڙي متعدد علمي ۽ تعليمي ادارن جا صلاحڪار ۽ رڪن هيا. لاتعداد علمي ۽ ادبي خدمتن عيوض کين پاڪستان ۽ ايران سرڪار وٽان ڪيترائي اعزاز ۽ ايوارڊ پڻ ڏنا ويا. سندن شايع ٿيل ڪتابن جو انگ اکر چاليهن کان مٿي آهي. پاڻ ايليٽ وانگر با وسائل محقق ۽ عالم هئا. راشدي صاحب طويل علالت بعد پهرين اپريل 1982ع برابر ڇهين جمادي الثاني بروز خميس تي فوت ٿيا. کين شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي ڀر ۾، مڪليءَ جي تاريخي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.
(1) علمي مان مرتبو
سنڌ ۾ فارسي تاريخ ۽ تذڪره نويسي تڏهن شروع ٿي، جڏهن ٿوري دير لاءِ سومرا مات ٿي لاڙ تائين محدود ٿي ويا ۽ اتر سنڌ جي هڪ اهم علمي ۽ ثقافتي مرڪز اُچ ۾ ناصرالدين قباچه حڪومت سان گڏ علمي ۽ ادبي محفلون پڻ مچايون. ان دور ۾ علي بن حامد ڪوفي 613هه/1216ع ۾ تاريخ سنڌ جو هڪ عربي ڪتاب چچ نامھ فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو ۽ محمد ڪوفي 625هه/ 1227ع ۾ فارسي گو شاعرن جو تذڪرو لُب الالباب لکيو، جيڪو ان موضوع تي هڪ اوائلي ڪتاب شمار ٿئي ٿو. ان کان پوءِ سمن جي زوال تائين (927هه/1520ع)، سنڌ ۾ فارسي تصنيف ۽ تاليف متعلق ڪابه خبر ڪانهي؛ سواءِ ان جي ته چند فارسي گو شاعر هتي ٻين ملڪن کان پهتا ۽ هتي ئي فوت ٿيا، ان ڪري کين هاڻي پنهنجي ئي ادبي تاريخ ۾ جاءِ ڏيڻي پوي ٿي.
سمن جو زوال 927هه/1520ع ۾ ٿيو. ان بعد سنڌ تي ارغونن جو راڄ شروع ٿيو. هن خطي ۾ فارسي ٻولي، تعليم ۽ ادب جو سرڪاري دور هتان شروع ٿئي ٿو. فخري هروي فارسي گو شاعرن جو تذڪرو روضة السلاطين ۽ محمد بن بايزيد پوراني تاريخ تي ’نصرت نامه ترخان‘ نالي ڪتاب لکي، قباچه جي دور ۾ ٿيل فارسي تصنيف ۽ تاليف کي باقاعدي هڪ تسلسل ڏنو. هن زبان ۾، پوءِ ته سنڌ اندر لاتعداد ڪتاب لکيا ويا. مخدوم ابراهيم ٺٽويءَ جي تڪمله مقالات الشعراءِ (ت—1308هه) ۽ مولوي عبدالرحيم سومري جي تاريخ گلزار سنڌ (ت—- 1341هه) تائين سنڌ ۾، فارسي ٻوليءَ ۾ هنن ٻن موضوعن تي ڪيئي ڪتاب لکيا ويا. ليڪن اها حقيقت آهي ته مير علي شير قانع تي هتي مذڪوره زبان ۾ تاريخ توڙي تذڪره نويسيءَ کي عروج حاصل ٿيو. کانئس پوءِ، جهڙي ريت ڪو ٻيو شاهه عبداللطيف پيدا نه ٿيو. ٺيڪ ان ريت سنڌ ۾ وري ڪو ٻيو قانع پيدا ٿي نه سگهيو!
هونئن ته انگريز ڪافي وقت کان ننڍي کنڊ جي مختلف حصن تي قابض ٿي چڪا هئا، ليڪن 7 مارچ 1835ع جي ٺهراءَ موجب هند سرڪار هتي جي ماڻهن کي يورپي ادب ۽ علوم سيکارڻ لاءِ ٻڌل هئي. ان کان به اڳ مختلف علائقن ۾ عيسائي تبليغي اسڪول کلي چڪا هئا، جتي انگريزي ٻوليءَ ذريعي مذهبي ڪم ڪيو ويندو هو. راجا رام موهن راءِ هندستان جو پهريون ديسي عالم آهي، جنهن نه رڳو انگريزي ٻولي سکڻ تي زور ڏنو بلڪ هن ئي سڀ کان اول هند جو پهريون انگريزي ڪتاب پڻ پڌرو ڪيو. ست بنگال توڙي بمبئي پريزيڊنسيءَ ۾، مٿينءَ قرارداد جي پوئواريءَ ۾ ڪيئي اسڪول ۽ ڪاليج کوليا ويا. اهڙيءَ ريت صدين کان رائج فارسي ٻولي ۽ تعليم کي ڪاپاري ڌڪ لڳو نتيجو اهو نڪتو جو آهستي آهستي فارسي علم ادب توڙي ٻوليءَ جا ڄاڻو گهٽجندا ويا، تاهم ڪجهه وقت بعد ئي انگريز حاڪمن نه رڳو فارسي ٻوليءَ جي افاديت ۽ اهميت محسوس ڪئي، بلڪ کين ئي هن ٻوليءَ جي ضرورت پڻ محسوس ٿي ستت ئي مختلف يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ اورينٽل ٻولين جا شعبا کوليا ويا، هتي خود انگريز عالمن پڻ فارسيءَ جي تدوين ۽ ترويج لاءِ ڪم ڪيو ان سان گڏوگڏ فارسي علم ادب، تاريخ ۽ تذڪري جا ڪيئي ڪتاب گڏ ڪيا ويا، انهن جي ايڊيٽنگ جو ڪم شروع ڪيو ويو ۽ سڀ کان اهم ڳالهه ته رايل ايشياٽڪ سوسائٽي بنگال جهڙا علمي ادارا وجود ۾ آندا ويا. نتيجي طور اتي جا ماڻهو جديد تعليم حاصل ڪري باقي دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ڏيئي هلڻ جهڙا ٿيا، تحقيق ۽ تنقيد جي جديد اصولن اچڻ ڪري مقامي اديب ۽ عالم نئين طرز جي ريسرچ ڪم ڪرڻ ۾ ڀڙ ٿيا ۽ وڏي ڳالهه ته اهڙن ادارن ۾ لائبريريون ۽ ڪتبخانه ٺهڻ ڪري، پراڻو ۽ ڪلاسيڪل ادبي ورثو هميشه لاءِ محفوظ ٿي. تباهه ٿيڻ کان بچي ويو. اسين هت مثال طور لاهور يونيورسٽيءَ جو نالو کڻنداسين. هڪ طرف اتي مشرقي ٻولين جي ڪتابن جو تمام گهڻو قلمي ذخيرو محفوظ ڪيو ويو آهي؛ ته ٻئي طرف هاڻي اتي اورينٽل ٻولين تي ريسرچ، ترتيب ۽ تدوين جو ڪم زورن تي آهي. ان ڏس ۾ اورينٽل ڪاليج لاهور جي علمي ۽ ادبي خدمتن کي مٿاهون درجو حاصل آهي.
جيتوڻيڪ سنڌ گهڻو پوءِ انگريزي اثر ۽ حڪم هيٺ آئي، تاهم بمبئي پريزيڊنسيءَ ۾ هجڻ ڪري اهل سنڌ مٿين علمي ۽ ادبي سهوليتن کان محروم رهجي ويا.هڪ طرف فريئر صاحب جي سيعي ۽ ڪوشش سان سندس دؤر ۾ ڪي فارسي ڪتاب سنڌ تي لکيا ويا، ته ٻئي طرف جديد سنڌي ادب ۽ لکت جي سرواڻي ڪرڻ جو تاج به سندس ئي سر تي رکيل ڏسجي ٿو. سنڌي ٻوليءَ کي جڏهن سرڪاري سرپرستي (تاريخ ۾ پهريون ڀيرو) ملي، تڏهن ارغوني دؤر کان سنڌ ۾ رائج فارسي ٻوليءَ کي ڪاپاري ڌڪ لڳو ۽ چوڻي مشهور ٿي ته:
فارسي پڙهسي، تيل وڪڻسي!!
سنڌ ۾ فارسي ٻولي، علم ۽ ادب جي زوال جو ذڪر ڪندي، اسين وري به شڪر گذار آهيون ديوان ننديرام، مرزا قليچ بيگ مرحوم ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جا، جن ان دور ۾ اسان جي اوائلي تاريخن کي سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو، ۽ پنهنجي تاريخ (سنڌ) تي ڪتاب لکيا ۽ هتي جديد تحقيق، ترتيب، ايڊيٽنگ ۽ تنقيد جي فن کي متعارف ڪرايو. اگر اسان جا هي عالم ان ڏس ۾ علمي ۽ عملي قدم نه کڻن ها، ته پوءِ پڪ سان سنڌ ۾ تحقيق ۽ تنقيد جي نشاة ثانيه ڪڏهن به اچي نه سگهي ها.
سنڌ کان ٻاهر علامه شبلي نعماني. سيد سليمان ندوي، مولانا غلام رسول مهر، مولوي محمد شفيع، حافظ محمود شيراني ۽ ڊاڪٽر عبدالله چغتائي پارن عالمن، اديبن ۽ محققن، فارسي زبان ۽ ادب جي انحطاط واري زماني ۾ همٿ ڪري نه رڳو ان ٻولي ۽ ادب جي گرانقدر خدمت ڪئي، بلڪ مختلف ڪتابن جي ترتيب، ايڊيٽنگ ۽ مقدمه نگاري ڪندي هڪ طرف پنهنجي علمي ڌاڪ جو خود ايرانين کان داد حاصل ڪيو، ته ٻئي طرف پنهنجي تهذيب ۽ تاريخ کي پڻ هميشه لاءِ زندهه ڪري ڇڏيو. اڌ مني صدي اڳ انهن عالمن جي ڪيل ڪاوش جو فائدو وٺندي، اڄ ڪيئي ڪتاب آسانيءَ سان اردو زبان ۾ ترجما ڪري مارڪيٽ ۾ مهيا ڪيا پيا وڃن.
گهڻو پوءِ خود سنڌ ۾ به، سڀ کان اول ان ڳالهه جو احساس مولانا دين محمد وفائي رح کي ٿيو. اسان جي هن محسن عالم ۽ تاريخدان نه رڳو ان ڏس ۾ صحتمند قلم کنيو، نوجوانن کي تاريخ تي معياري ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو، پر ساڳئي وقت مولانا صاحب فارسي ڪتابن جي افاديت (سنڌ متعلق) ۽ اهميت کي پڻ اجاگر ڪيو.ڪلاسيڪل مواد جي تلاش ۾ پاڻ ورهين جا ورهيه مدرسن ۽ مڪتبن جا چڪر ڪاٽيندو قلمي ڪتاب، اڏوهي کاڌل پنا ۽ ورق توڙي بياض هٿ ڪندو ۽ محفوظ ڪندو رهيو. مولانا جي حياتي مختصر ٿي، ٻيءَ صورت ۾ پاڻ به مٿين بزرگن وانگر سنڌ کي گهڻو ڪجهه ڏئي ها. علامه وفائي واري علمي جوڙ ۾ ٻيا جيڪي نالا اچن ٿا، سي هي آهن: ڊاڪٽر دائود پوٽو مرحوم، سيد حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، پروفيسر لطف الله بدوي ۽ مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي. کانئن پوءِ سنڌ ۾ فارسيدان عالمن ۽ محققن جو سڄاڻ دور ختم آهي. ان بعد اسان جي حالت خود راشدي صاحب چواڻي اهائي ٿيندي ته___ ”نه هي وري ايندا، نه جهڙو وري ڪو پيدا ٿيندو، اهو دور ئي گذري ويو، جنهن ۾ ان پايي جا ماڻهو پيدا ٿيندا هئا“.
اهو برابر سچ آهي ته علامه وفائي رح سڀ کان اول اورينٽل اڀياس ذريعي سنڌ جي تاريخ جي مطالعي لاءِ ڌيان ڇڪايو. ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم ورهاڱي کان اڳ ڪجهه فارسي ڪتاب (سنڌ تي) ايڊٽ ڪيا، ليڪن ائين چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته سندن ئي سڄاڻ همعصر پوئلڳ جناب سيد حسام الدين راشدي، جنهن پايي جو علمي، ادبي، تحقيقي ۽ تاريخي ڪم ڪيو ۽ اثاثو ڇڏيو، ايڏو وڏو ڪم خود مير علي شير قانع جهڙو بي مثل مورخ به نه ڪري سگهيو. موجوده دور ۾ سنڌ اندر، راشدي صاحب نه رڳو بين الاقوامي پايي جو فارسيدان، عالم ۽ نقاد هو، پر ساڳئي وقت کين اردو ٻوليءَ تي دسترس هجڻ سان گڏ، پنهنجي مادري ٻولي سنڌيءَ تي پڻ مڪمل اختيار حاصل هو لهاذا، سنڌي ادبي تاريخ ۾ کين رهندي دنيا تائين لازوال ۽ لافاني حيثيت حاصل آهي. سندن علمي ۽ ادبي مان مرتبي، بحيثيت هڪ محقق ۽ مورخ جي ڇڏيل ڪار گذاري، اسان جي حوالي ڪيل ادبي اثاثي، تاريخ نويسيءَ لاءِ ڏنل نظريي، هڪ دانشور، ڏاهي، پر خلوص، پروقار، محب وطن ۽ همٿ ڀرئي بزرگ توڙي همٿائيندڙ انسان جي حيثيت، ادبي لاڳاپن ۽ ايليٽ وانگر سندن ادبي ۽ علمي وسيلن جي صحيح پروڙ ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته جلد کان جلد سندن صحيح ۽ مڪمل سوانح مرتب ڪجي. بيشڪ هي هڪ اهم ۽ ضروري ڪم آهي، جيڪو ڪرڻ به گهرجي، ٻيءَ صورت ۾ اسان وٽ هاڻي ته فخر لائق ٻي ڪابه ڳالهه باقي نه بچي آهي
(2) ادبي اثاثو
سيد حسام الدين راشديءَ جي ڇڏيل ادبي اثاثي جي مڪمل اڀياس لاءِ هيءَ راهه وٺڻي پوندي:
1. صحافتي زندگي
2. مختلف ادبي رسالن جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾
3. علمي ۽ ادبي ادران سان لاڳاپو
4. مليل اعزاز ۽ ايوارڊ
5. تصنيف ۽ تاليف
(الف) تصنيف، تاليف، ترتيب ۽ ايڊيٽنگ
(ب) مختلف ڪتابن جي ترتيب لاءِ ساٿي ايڊيٽر جي روپ ۾.
هن مقالي اندر اسين آخري اسم جي پهرئين حصي جي قدري تفصيلي اپٽار ڪنداسين. آخري حصي متعلق اسان جي ڄاڻ بلڪل گهٽ آهي.
(الف) سنڌي ڪتاب
(1) انار ڪلي ۽ ڪي ٻيا افسانه ۽ ڪهاڻيون:
هونءَ ته اسان جي هن لاثاني عالم ۽ مورخ، دانشور ۽ اديب ابتدا ۾ ڪجهه شعر به چيا، ليڪن ستت ئي ان ميدان تان هٿ کڻي ويا. بهرحال سندن ڪجهه افسانه سنڌ زميندار اخبار ۽ ڪجهه ٻين اخبارن يا رسالن ۾ ڇپيا. هڪ انٽريو دوران راشدي صاحب چيو هو ته ” آءٌ بنيادي طرح هڪ افسانه نويس آهيان.“ افسوس جو سندس افسانه ترتيب هيٺ اچي نه سگهيا.
(2) اسلامي ڪتبخانا
هيءَ ڪتاب سال 1939ع ۾ ڇپيو. ڪتاب جي عنوان مان ظاهر آهي ته ليکڪ جي ذهن تي ان دور جو سياسي ماحول پوري ريت ڇانيل هو. تفصيل معلوم ٿي نه سگهيو آهي.هيءَ ڪتاب سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد پاران شايع ٿيو.
(3) مهراڻ جون موجون
هي ڪتاب 1956ع پاڪستان پبليڪيشن پاران نروار ٿيو، جنهن جا مکيه ٽي ڀاڱا آهن: مضمون ۽ مقالا، افسانه ۽ شاعري. مضمونن ۽ مقالن ۾ تمام قيمتي مواد ڏنل آهي. هن ڀاڱي ۾ مرحوم گل حسن ” احسن“ ڪربلائي جو ”ٽالپور حاڪمن جا علمي ڪارناما“ نهايت اهميت رکي ٿو. فاضل مرتب جناب راشدي صاحب ڪتاب جي افاديت هن ريت محسوس ڪرائي آهي ”اسان جي ٻوليءَ ۽ ادب جي بقا لاءِ ضرورت آهي ته وقت به وقت اهڙا مجموعا شايع ٿيندا رهن، جن ۾ اسان جو بهترين ادب محفوظ ٿيندو رهي. اهو صحيح آهي ته پراڻن رسالن مان چونڊڻ چپوٽڻ ۽ صحيح سهڻيون چيزون ڳولي ڪڍڻ آسان چيز نه آهي، پر پنهنجي ٻولي ۽ ادب جي حفاظت ۽ بقا لاءِ اسان کي اورچ ۽ اڻ ٿڪ ٿي ئي ڪم ڪرڻو پوندو.“ اسان جي ادب ۾ هن ڪتاب جي اهم حيثيت آهي.
(4) تذڪره امير خاني
امير خاني ساداتن لڳ ڀڳ ٽن صدين لاءِ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾، سنڌ تي پنهنجو حڪم ۽ اثر رسوخ هلايو. سياست کان علاوه، هن گهراڻي جي اسان جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ ۾ پڻ واضح اهميت آهي. ان خاندان جي حالات تي هي مفصل ڪتاب راشدي صاحب تاليف ڪيو سنڌي ادبي بورڊ ان کي 1961ع ۾ شايع ڪيو. فاضل محقق کي هن ڪتاب لکڻ جو خيال تڏهن آيو، جڏهن پاڻ 1932ع ۾ بکر، سکر ۽ روهڙيءَ جا ڊٺل ۽ ڦٽل مقبرا ۽ مزارون، زبون ٿيل در ۽ ديوارون ۽ ويران ٿيل مسجدون ۽ درگاهون ڏسندو، روهڙيءَ ۾ مهراڻ جي ڪناري سان ستين جي ٿان واري خوبصورت ۽ بناوٽ جي لحاظ سان غير معمولي حسين عمارت تي پهتو. ڪتاب جي آخر ۾ هن خاندان جي آثارن، دفينن ۽ مقبرن جي فوٽن جو پڻ چڱو تعداد ڏنو ويو آهي، جيڪي گهڻو ڪري راشدي صاحب پاڻ ڇڪيا آهن سنڌيءَ ۾ تذڪره نويسيءَ جو هي بهترين نمونو آهي.
(5) ماڪ ڀنا رابيل
هن ڪتاب ۾ ماهنامه نئين زندگيءَ ۾ ڇپيل مضمونن ۽ مقالن جو انتخاب ڏنو ويو آهي؛ جنهن ۾ سوانح، سنڌي ٻولي ۽ ادب متعلق نهايت مفيد مواد سهيڙيل ڏسجي ٿو، ڪتاب جي پڄاڻيءَ تي مذڪوره رسالي ۾ ڇپيل مضمونن جي انڊيڪس پڻ ڏني ويئي آهي. تعارفي نوٽ فاضل مرتب جي ايران وڃڻ ڪري، اداري پاران ڏنو ويو آهي. پاڪستان پبليڪشن وارن هي ڪتاب 1965ع ۾ شايع ڪيو.
(6) مڪلي نامه
مير علي شير قانع ڪلهوڙن جي دور جو مشهور شاعر، اديب، محقق ۽ تاريخدان ٿي گذريو آهي. هن صاحب مڪليءَ تي نثر ۽ نظم ۾ سن 1174هه/1760ع ۾ هڪ مختصر ڪتاب لکيو. ٻن سئو سالن بعد، هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ خريد ڪيو ۽ راشدي صاحب ان کي ايڊٽ ڪري، اول ٽه ماهي مهراڻ ذريعي ڇاپيو ڪتاب جي افاديت ۽ اهميت جي پيش نظر، بورڊ ان جو جامع سنڌي ڇاپو آڻڻ جو فيصلو ڪيو. سنڌي ادبي بورڊ مڪلي نامه جو هي مفصل ايڊيشن سال 1967ع ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو. فاضل محقق ۽ مرتب سيد حسام الدين راشدي صاحب جي محنت ۽ ڪاوش هن ريت آهي:
متن (اصل فارسي) 96 صفحا
تعارف ۽ مقدمو 40 صفحا
حاشيه ۽ ضميما 743 صفحا
شجرا 20
مڪليءَ جا نقشا 2
تصويرون 136
قانع هن ڪتاب ۾ مڪليءَ جي ڪل 33 تاريخي ۽ ثقافتي آثارن جو ذڪر ڪيو آهي. راشدي صاحب انهن مان 6 آثارن جو تعين ڪري نه سگهيو ۽ اهو ڪم ٻئي ايڊيشن لاءِ رکيو ويو. ان کان علاوه 5 آثارن جي تعين ڪرڻ کان سواءِ، ان بابت سمورو مواد ڪتاب ۾ ڏنو ويو آهي. مٿي ڏنل وچور مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته فاضل محقق هن ايڊيشن آڻڻ لاءِ ڪيڏي نه جاکوڙ ڪئي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي تاريخ جي سمن، ارغونن ۽ ترخانن متعلق وافر مواد موجود ڪيو ويو آهي. سنڌ جي تاريخ تي سنڌيءَ ۾ ڇپيل ڪتابن ۾ هي هڪ بيش بها اضافو آهي. ڪتاب جي آخر ۾ ڏنل تصويرون. سموريون راشدي صاحب پاڻ ڪڍيون آهن. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو سال 1994ع ۾ ڇپيو آهي.
(7) مرزا عيسيٰ ترخان:
هي مواد اصل ۾ ’مڪلي نامه‘ ۾ آيل مرزا عيسيٰ ترخان دوم جي مطالعي تي مبني آهي. هي ڪتاب سنڌ جي سپوت ’دولهه دريا خان‘ جي نالي منسوب ٿيل آهي. ڪتال سال 1967ع ۾ نروار ٿيو.
(8) تذڪره مشاهير سنڌ (جلد اول)
مولانا دين محمد وفائي، سنڌي مشاهيرن جي تاريخ تي، هي ڪتاب پنجن جلدن ۾ تيار ڪيو، مگر موت کيس ان تي آخري نظرثاني ڪرڻ جي مهلت نه ڏني. هن ڪتاب جو پهريون جلد راشدي صاحب جي ترتيب، مقدمي ۽ حاشين سان 1974ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڇاپي پڌرو ڪيو. هن جلد ۾ ڪل 124 سوانح ڏنل آهن. فاضل مرتب لکي ٿو: ”هنن صفحن ۾ مسودي جي پهرين ڪاپي، پهرين جلد جي نالي سان شايع ڪئي وڃي ٿي. اڃا چار ڪاپيون باقي آهن، جن ۾ 348 سوانح موجود آهن. اها خبر فقط خاوند کي آهي ته انهيءَ ۾ رهيل مواد جي شايع ڪرڻ جي سعادت منهنجي زندگي، منهنجو نصيب، ڪندي يا نه!“
هن ڪتاب جو اردو ترجمو 1991ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڇپيو، جو ڊاڪٽر عزيز انصاري ۽ عبدالله ورياهه ڪيو آهي.
(9) هو ڏوٿي هو ڏينهن
راشدي صاحب تي سال 1958ع ۾ هارٽ اٽيڪ ٿيو ۽ آخرڪار ڊاڪٽرن جي هدايت تي، پاڻ هي ملڪ ڇڏي، پنهنجي وڏي ڀاءُ جناب پير علي محمد راشدي صاحب ڏي، فلپائين هليا ويا، جتي ڀاڻس پاڪستان جو سفير هو. ورندي سال جي پڄاڻيءَ تي جڏهن روبصحت ٿيا، تڏهن پاڻ پنهنجي دوست ۽ شاعر نواز علي نياز تي هڪ مضمون لکڻ جو ارادو ڪيائون. جڏهن قلم وهيو، تڏهن مضمون کان ڪم ٽپي ويو. آخر ڪار هتي رهندي ڇهن مهينن ۾ (8 فيبروري—28 آگسٽ 1960ع) هي ڪتاب لکي پورو ڪيائون هي ضخيم ڪتاب ليکڪ جي يادگيرين تي مبني هڪ مطالعو آهي، جنهن ذريعي ورهاڱي کان اڳ واري سنڌ جي سياست، سماج، ادبي لاڙن ۽ مذهبي رجحانن جو سٺو پروپاند ملي ٿو. منجهس ڪي ڪي موضوع ته اهڙا تلخ آهن، جو جيڪر ڪو ٻيو ليکڪ ان بابت ڏهه ڄمارون لکڻ بعد به قلم ڪاهي نه سگهي ها. راشدي صاحب پنهنجي ڪتاب بابت لکي ٿو: ”هي تاريخ نه آهي، سنڌ جي هڪ دﺆر جي معاشرتي تاريخ جو هن کي مقدمو سمجهي سگهجي ٿو. هن ۾ گهڻيءَ حد تائين انهن سڀني ناسورن جو مذڪور ڪيو ويو آهي، جيڪي سنڌ جي تنزل ۽ سنڌين جي شڪسته دليءَ جو سبب بڻيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ جيڪو گهر کان رسي ٿو، سو سنڌين تي سستيءَ، ڪاهليءَ، بيڪاريءَ ۽ نااهليت جا طرحين طرحين طعنا رکي، کين جيئڻ ۽ جيئدان ڏيڻ جو مستحق نه ٿو سمجهي.“
ٺيٺ سنڌي ٻولي، سليس نثر، وڻندڙ زبان، معلومات جو ڀنڊار، قومي جوابدارين ۽ سوچ طرف رغبت ڏياريندڙ ۽ سنڌي قوم ۾ موجود ڪيئي ناسور ۽ گهٽتايون هن ڪتاب جون اهم خوبيون ۽ خاصيتون آهن. ان کان علاوه، هن ڪتاب ذريعي اسين راشدي صاحب جي سوانح تي پڻ قيمتي مواد هٿ ڪري سگهون ٿا. سنڌي سوانحي ادب ۾، هن ڪتاب کي تمام گهڻي اهميت حاصل آهي. ڪتاب جي ترتيب، سٽاءُ توڙي نالو مشهور دانشور محمد ابراهيم جويي جو رکيل آهي.
هو ڏوٿي هو ڏينهن، هو ڏونگر هو لڪيون،
ڪنهن جنهن لڌا نينهن، جيئن پيا لهسن لُڪَ ۾!
هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ 1977ع ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو. سنڌي ادبي بورڊ جي پريس مئنيجر مسٽر الله بچائي يوسف زئي جنهن محنت ۽ سهڻائيءَ سان اهو ڪتاب ڇاپيو آهي، ان بابت فاضل مصنف، عمدو اعتراف ڪيو آهي.
(10) مير محمد معصوم بکري
سنڌ ۾ مير معصوم کي ڪير نه سڃاڻي؟ عام ماڻهو کيس ’سکر واري مناري‘ جي نسبت سان سڃاڻن، ته پڙهيا لکيا وري ”تاريخ معصومي“ جي حوالي سان. مير صاحب اڪبري دؤر جو مؤرخ، شاعر، امير سپاهي ۽ ڊپلوميٽ هو، انڪري چئبو ته سندس شخصيت همه گير ۽ گوناگون هئي. محترم پير علي محمد راشدي سڀ کان اول، مير موصوف جي سوانح سنڌيءَ ۾ لکي. ان زماني کان (1928ع) سيد حسام الدين راشدي، مذڪوره عنوان تي تلاش، کوجنا، تحقيق ۽ مواد جي ڳولا جاري رکي. هي ڪم برابر اڌ صدي جاري رهيو. فاضل محقق ان ڏس ۾ لکي ٿو: ”اڌ صدي انهيءَ جاکوڙ ۾ گذري چڪي هئي. علمي اوساٽ ۽ تلاش نه کٽڻ جي هئي، نه تڪميل ٿيندي نظر آئي. ذوق برابر قائم رهيو، پر حياتيءَ جي بي وفائيءَ کي نظر ۾ رکندي ڪم کي نيٺ اڪلائڻ جي رٿا ڪرڻي پيئي. اهڙيءَ طرح 19 ورهين جي ڄمار ۾ شروع ڪيل ڪم، عمر جي 68 ورهين واريءَ منزل تي پهچڻ بعد بالآخر پورو ڪرڻ ضروري ٿيو.“
جيتوڻيڪ هي ڪتاب تاريخ معصوميءَ جي مصنف جي سوانح تي لکيو ويو آهي، تاهم پس منظر ۾ ارغوني ۽ ترخاني حاڪمن جي سنڌ جي سياست، سماج ۽ اقتصادي ڦر لٽ کي پڻ چٽي طرح پڌرو ڪيو ويو آهي. هن ئي دؤر ۾ مير موصوف جا وڏا، سنڌ ۾ داخل ٿيا هئا. سوانح نگاري توڙي تاريخ نويسيءَ جو اهو بهترين نمونو، صرف راشدي صاحب جهڙو بي باڪ عالم ۽ تاريخدان ئي سنڌ ۾ متعارف ڪرائي سگهيو ٿي. هن ڪتاب ذريعي، تاريخ ڏي فاضل محقق جو نظريو پڻ معلوم ڪري سگهجي ٿو، هونئن ته سڄو ڪتاب علمي ۽ تاريخي آهي، تاهم مير معصوم متعلق ڪي نيون حقيقتون پڻ پهريون ڀيرو ميدان تي آيون آهن.
- مناري جي ٺهڻ جو زمانو 1003هه کان 1026هه ٻڌايو وڃي ٿو. راشدي صاحب ان زماني جو تعين 1002هه کان 1013هه ڪيو آهي. ان ڏس ۾ قانع جي روايت کي به ريٽيو ويو آهي.
- مير صاحب جي علمي ۽ ادبي اثاثي متعلق حقيقت ڀريا انگ اکر ڏنا ويا آهن.
- مير صاحب جو سن وفات 1019هه چيو وڃي ٿو، ليڪن راشدي صاحب ٺوس حقيقتن سان، سن 1014هه ڏئي ٿو.
بهرڪيف، راشدي صاحب جي اوريجنل ڪتاب ۾، هن ڪتاب کي مٿاهين حيثيت حاصل آهي. ساهه سان سانڍڻ جهڙي هن ڪتاب ۾ سئو کان به وڌيڪ تصويرن جو البم ڏنل آهي، جيڪي آهن ته مير صاحب جي سوانح متعلق، تاهم راشدي صاحب جي ذوق ۽ محنت جو پڻ داد ڏيڻ گهرجي. تاريخ سنڌ جي مؤلف کي مختلف نالن سان يادڪيو وڃي ٿو، ليڪن صحيح نالو ”مير محمد معصوم بکري“ آهي، جيئن فاضل محقق ڄاڻايو آهي. غالباَ نالي جي صحت لاءِ، ”ذخيرة الخوانين“ (تاليف 1060هه) جي مدد ورتي وئي آهي.[1] فطري طور تي به هن ڪتاب جو مٿانهون مقام ۽ مان مرتبو آهي. هن ڪتاب جو انتساب، پير صاحب، پنهنجي برادر بزرگوار محترم پير علي محمد راشديءَ جي نالي هن ريت ڪيو آهي.
فرو نيايدم اين سر بجز، بدر گھ دوست،
که آنچه درکف ماهست، فيض صحبت اوست
سال 1979ع ۾ هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو.
هن ڪتاب جي آخر ۾، ماڻهن، ڳوٺن، شهرن وغيره جي جا نهايت قيمتي ڏسڻي آيل آهي، سا پير صاحب جي هڪ عقيدتمند ۽ مداح، مسٽر ناشاد، ايڊيٽر انچارج ’مهراڻ‘ جي تيار ڪيل آهي.
(11) ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون
راشدي صاحب پنجاهه سالن جي ادبي سفر ۾ لڳ ڀڳ 300 مضمون ۽ مقالا سنڌيءَ ۾ لکيا. هن ڪتاب ۾ چونڊ 43 مضمون ۽ مقالا ڏنا ويا آهن. ليکڪ جي حياتيءَ ۾، سندن هي آخري ڪتاب شايع ٿيو آهي، جنهن ۾ هن ريت مواد ڏنل آهي.
مضمون ۽ مقالا ٽوٽل 43
ترڪي متن 25 صفحا
هڪ نقشو ٺٽو ٽائون
تصويرون ٽوٽل 171 (ٺٽي متعلق)
گهڻو ڪري سڀئي مضمون اهميت وارا آهن، جيڪي ٽه ماهي مهراڻ تان (اڪثر ڪري) ورتل آهن. ڪتاب جو پيش لفظ محمد ابراهيم جويي لکيو آهي، جنہن ۾ سندس تاريخ متعلق ڏنل نظريو قابل غور آهي. ڪتاب جو نالو شاهه عبداللطيف رح جي هن بيت تان کنيل آهي.
اڄ پڻ آنديون اوٺيئين ڪتابتون ڪي،
ڳالھيون ڳوٺ وڻن جون، سڻ تون عمر سي.
غالباً سنڌيءَ ۾، مقالن ۽ مضمونن جو هي پنهنجي نوعيت جو پهريون ضخيم ڪتاب شايع ٿيو آهي. هن ڪتاب ڇاپڻ لاءِ، ’انجمن تاريخ سنڌ‘ کي ڊئريڪٽر ڪلچر سنڌ جناب حميد آخوند جو ڀرپور سهڪار حاصل رهيو. هي ڪتاب 1981ع ۾ نروار ٿيو.
راشدي صاحب جي ٻن ڪتابن- ’ڏهين صدي هجريءَ جي سنڌ‘ ۽ ’ٺٽي جو تاريخي جغرافيه‘ جو نالو به کنيو وڃي ٿو. اسان ليکڪ کان آخري ملاقات (28 ڊسمبر 1981ع) ۾، ان بابت معلومات ورتي.. راشدي صاحب ٻڌايو ته، اصل ۾ هي مقالا ’مهراڻ‘ ۾ سال 1971ع ۽ سال 1972ع ۾ ڇپيا هئا، انڪري انهن کي جدا ڪتاب سڏڻ درست نه ٿيندو.
(ب) اردو ڪتاب
(12) سنڌي ادب
هي ڪتاب پاڪستان سرڪار جي طلب تي اردو زبان ۾ لکيو ويو. جيتوڻيڪ ڪتاب سرسري ۽ مختصر آهي، تاهم ان کي سنڌي ادب جي پهرين مڪمل تاريخ سڏيندي، ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو. ڪتاب جي ترتيب هن ريت آهي.
باب پهريون: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ
باب ٻيو: سنڌي ٻوليءَ جو ادب (عربن کان سومرن ۽ سمن تائين)
باب ٽيون: ارغون، ترخان ۽ مغل دؤر جو سنڌي ادب
باب چوٿون: ڪلهوڙن جي دؤر جو سنڌي ادب
باب پنجون: ٽالپوري دؤر جو ادب
باب ڇهون: برطانوي دؤر جو ادب
باب ستون: موجوده پاڪستاني دؤر
باب اٺون: سنڌي شاعريءَ جون صنفون
مختصر ۽ سرسري هوندي به هن ڪتاب جي بي حد افاديت ۽ اهميت آهي. نه رڳو اردودان حلقي لاءِ پر ساڳئي وقت يورپ ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب تي ڪم ڪندي پڻ هن ڪتاب کان ئي مدد ورتي وئي. پوين ادبي مؤرخن لاءِ پڻ هن ڪتاب گائيڊ جو ڪم ڏنو. ان ڏس ۾ ميڊم شمل جي ڪتاب ”سنڌي ادب جي ارتقا“ ۽ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جي ڪتاب ”سنڌي ادب جو تاريخي جائزو“ جو احوال ڏيڻ مناسب لڳي ٿو.[2] ڪتاب جا مختلف ايڊيشن هن ريت نڪتا آهن:
(1) اردو ايڊيشن: هيءَ ڇاپو ڪرائون سائيز جي 112 صفحن تي پکڙيل آهي ۽ پاڪستان پبليڪيشنز ڪراچي پاران سن 1950ع ڌاري شايع ٿيو.
(2) روسي ايڊيشن: هن ايڊيشن جو اطلاع راقم الحروف کي راشدي صاحب هڪ خط ذريعي تاريخ (9 جولاءِ 1981ع) ڏنو. ناشر، مترجم ۽ سن اشاعت متعلق ڪو به پتو نه آهي.
(3) سنڌي ايڊيشن: مؤلف جي اجازت سان، راقم الحروف هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو ڪيو. پوءِ جي ادبي اوسر تي، پنجاهه صفحن جو مقدمو پڻ ان ۾ شامل ڪيو ويو. جاءِ بجاءِ حاشين کان علاوه، هن ايڊيشن ۾ راشدي صاحب جي ڪتابن بابت، هڪ ضميمو پڻ ان ۾ ڏنو ويو آهي. سنڌي ڇاپي جي ڇپيل ڪاپي، راشدي صاحب کي علاج لاءِ لنڊن وڃڻ کان اڳ (28 ڊسمبر 1981ع) روبرو پيش ڪئي ويئي، جنهن کي پاڻ بيحد پسند ڪيائون. هيءَ ايڊيشن گرامي پبليڪيشن دولت پور صفن پاران سال 1981ع ۾ منظر عام تي آندو ويو. سنڌي ڇاپي جو ٻيو ايڊيشن سنڌي تحقيقي بورڊ سال 1996ع ۾ پڌرو ڪيو آهي.
(13) هفت مقاله
هن ڪتاب ۾، سه ماهي ”اردو“ ۾، فارسي زبان ۽ ادب متعلق ڇپيل ستن اهم مقالن جو انتخاب ڏنو ويو آهي. مواد جي ڪيفيت هن ريت آهي.
تصنيفات شيخ فريد الدين عطار حافظ محمود شيراني مرحوم
شاهه نامه کا ديباچھ قديم حڪيم سيد شمس الله قادري
فردوسي کان مذهب پروفيسر شيخ محمد اقبال مرحوم
رباعيات عمر خيام عبدالباري آسي لکنوي مرحوم
خيام (مؤلفه سيد سليمان ندوي سيد معشوق حسين اطهر
پر ايک عروضي نظر) هاپوڙي مرحوم
فارسي زبان کي زير سايه اردو کي ڊاڪٽر سيد عبدالله
تدريجي ترقي
نواب صمصام الدولہ شاهنواز خان محمد حسين محوي صديقي
(صاحب ماثرالاامر)
راشدي صاحب، جنهن هن ڪتاب کي مرتب ڪيو آهي، دلچسپ پيش لفظ جي شروعات هن بيت سان ڪئي آهي:
چو اهل دل ز عشق افسانه گويند
حديث بلبل ور پروانه گويند
انجمن ترقي اردو ڪراچي پاران 1967ع ۾ شهنشاهه ايران جي جشن تا جپوشيءَ جي موقعي تي هيءُ ڪتاب نروار ٿيو.
(14) دود چراغ محفل
هن ڪتاب ۾ انهن پنج فارسي گو شاعرن جو احوال ڏنو ويو آهي، جن جو تعلق مرزا غالب سان هو. هيءَ ڪتاب 1969ع ۾ مرزا غالب جي سئو ساله جشن جي موقعي تي شايع ٿيو.
(15) مرزا غازي بيگ ترخان اور اس ڪي بزم ادب
مرزا غازي بيگ جي سوانح ۽ ادبي خدمتن تي لکيل هيءُ ڪتاب ٻن حصن ۾ ورهايل آهي__ پهرئين حصي ۾ مرزا غازيءَ جي سوانح ڏنل آهي. سنڌ جي سياسي تاريخ جي مطالعي ڪندڙ لاءِ هيءُ حصو بيحد قيمتي آهي.
ٻئي حصي ۾ ڪل 35 فارسي گو شاعرن جي سوانح ۽ سندن ڪلام جو انتخاب ڏنو ويو آهي؛ جيڪي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ غازي بيگ سان وابسته هئا. هي حصو سنڌ جي فارسي ادب جي اڀياس لاءِ نمايان اهيمت رکي ٿو.
مؤلف ڪافي وقت اڳ اردو زبان ۾، مرزا غازي بيگ تي هڪ آرٽيڪل لکيو هو. ان بعد پاڻ 20—22 سال هن موضوع تي ڪم ڪندو رهيو جڏهن ڪم تڪميل کي پهتو ته سال 1970ع ۾ ان کي ڪتابي شڪل ۾ انجمن ترقي اردو ڪراچي شايع ڪيو.
راشدي صاحب انتهائي دلچسپ پيرايي ۾ مرزا غازيءَ تي لکندي ٻڌائي ٿو ته: ”مرزا کي نظر کائي وئي ۽ جوانيءَ ۾ سندس انتقال ٿيو. اگر طبعي عمر نه سهي، زندگي کيس ٿوري به مهلت ڏئي ها ته اسان جي ادبي تاريخ ۾ سندس شمار اڪبر ۽ جهانگير جهڙن بادشاهن جو نه تڏهن به، خانخانان جهڙي علم دوست ۽ ادب پرور امير کان ته پڪ سان مٿانهون مان هجي ها… “
مؤلف جو چوڻ هو ته هن ايڊيشن ۾ لاتعداد ڇاپي جون چڪون رهجي ويون آهن. ڪتاب جو صحيح ايڊيشن تهران مان فارسي زبان ۾ نروار ٿيڻو هو، ليڪن گمان غالب آهي. ايران ۽ بعد جي حالتن سبب اهو اچي نه سگهيو. آخري ملاقات ۾ (28 ڊسمبر 1981ع) راشدي صاحب، راقم الحروف کي هن ڪتاب جي سنڌي ترجمي لاءِ پڻ حڪم ڪيو. افسوس جو سندن اوچتي وفات سبب، هي ڪم پڻ التوا ۾ رهجي ويو.[3]
(ج) فارسي ڪتاب
(16) مثنوي چنيسر نامه
ادراڪي بيگلاري ترخانن جي دؤر جو مشهور شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن هي مثنوي مير ابوالقاسم سلطان جي فرمائش تي سن 1010هه 1601ع ۾ لکي پوري ڪئي. ابتدا ۾ هي مثنوي ادراڪي نه، پر سندس ممدوح جي نالي تي مشهور ٿي.
هي ڪتاب راشدي صاحب جي ايڊيٽنگ ۽ مقدمه نگاريءَ جو اوائلي نمونو آهي. ابتدا ۾ فاضل ايڊيٽر، سنڌيءَ ۾ 67 صفحن تي ڀرپور مقدمو لکيو آهي: جنهن ذريعي ان دؤر جي ادبي، معاشرتي ۽ سياسي جهلڪ به اکين آڏو اچيو وڃي ادبي طور مثنويءَ جو ڪيترو مقام آهي، ان تي به نهايت قيمتي راءِ ڏني وئي آهي. گڏوگڏ بيگلارن جو شجرو ۽ سندن مقبرن جا عڪس (تورڪي مقام) پڻ، ڪتاب ۾ شامل ڪيا ويا آهن. پنجن نسخن جي آڌار تي، تيار ڪيل هي ايڊيشن راشدي صاحب، 1956ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ذريعي نروار ڪيو.
(17) مقالات الشعراء
سنڌ ۾ باقي ننڍي کنڊ کان گهڻو اڳ فارسي تذڪره ۽ تاريخون، لکجڻ شروع ٿيا. فارسي گو شاعرن تي، جيڪي اوائلي تذڪرا هتي لکيا ويا، تن جا ليکڪ گهڻو ڪري ٻاهريان هئا. سرڪاري ڪم سان يا گهمڻ ڦرڻ ۽ واءُ سواءُ لهڻ جي خيال سان سنڌ پهتا، قصيدا چيائون يا وري مختلف موضوعن تي ڪتاب لکي. حاڪمن، وزيرن ۽ اميرن جي نالي منسوب ڪري، پنهنجا مطلب پورا ڪري، واپس ويندا رهيا. بهرحال جيئن ته هي ڪتاب پنهنجي سنڌ ملڪ ۾ لکيا ويا، لهٰذا، انهن کي اسين نه ته پنهنجي ادبي تاريخ مان ڪڍنداسين ۽ نه وري اهڙن ڪتابن تان پنهنجي دستبرداريءَ جو اعلان ڪنداسين. ان ڏس ۾ هي اهم تذڪره ذهن ۾ رکڻ گهرجن:
(1) تذکره لب الالباب 625هه/1227ع،
تصنيف نورالدين محمد عوفي بمقام ”اچ“.
(2) روضة السلاطين 958هه/ 1551ع،
مؤلف فخري هروي بمقام ”ٺٽو“.
(3) جواهر العجائب 962هه / 1555ع،
مؤلف فخري هروي بمقام ”ٺٽو“.
(4) يدبيضا 1145هه/ 1732ع،
تاليف غلام علي آزاد بمقام ’سيوهڻ‘.[4]
سنڌ اندر فارسي گو شاعرن تي مير علي شير قانع جو ’مقالات الشعرا‘ ان سلسلي جي پنجين ڪڙي آهي، جيڪو هن صاحب 75—1174هه/61— 1760ع ۾ لکي پورو ڪيو. خاص سنڌ جي فارسي گوشاعرن متعلق ان کي پهريون تذڪره چئي سگهجي ٿو جنهن ۾ ڪل 719 شاعرن جو ذڪر ڪيل آهي. ’يدبيضا‘ کان علاوه مير قانع هي ڪتاب لکندي، محمد افضل سرخوش جي ڪتاب ”ڪلمات الشعرا“ کي پڻ ماخذ طور ڪتب آندو آهي. قانع جي تذڪري ۾ ڏنل مواد کي ٽن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.
- اهي شاعر، جيڪي سنڌي هئا يا وري سير سفر، نوڪري، واپار ۽ ٻين ڪمن سان سنڌ ۾ آيا ۽ هتي رهندي فوت ٿي ويا. ان قسم جا شاعر هاڻي سنڌ جي ادبي تاريخ جو اثاثو آهن.
- اهي شاعر، جيڪي مختلف ڪمن سان سنڌ ۾ آيا ۽ وري واپس وطن پهتا يا روانا ٿي ويا.
- اهي شاعر، جن جو زمانو معلوم نه آهي.
راشدي صاحب اوائل ۾ 34 تصويرن جي ناياب سيٽ سان گڏ، قانع جي سوانح ۽ ادبي اثاثي متعلق فارسيءَ ۾ مقدمو پڻ ڏنو آهي. ان کان علاوه جا بجاءِ حاشيه ۽ اضافي مواد ڏيندي هڪ ته راشدي صاحب پنهنجي وسيع معلومات، علمي استد لال ۽ فارسي دانيءَ جو اڻ مٽ ثبوت ڇڏيو آهي، ته ٻئي طرف ڪتاب جي افاديت پڻ ڪافي وڌيڪ ڏسجي ٿي. ادبي تاريخ سان گڏ، اسان جي سياسي تاريخ لاءِ پڻ هن ڪتاب کي، بنيادي ماخذ جي حيثيت حاصل آهي. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ سال 1957ع ۾ شايع ڪيو.
(18) مثنوي مظهر الآثار
ارغوني دور ۾، سنڌ اندر پيدا ٿيل فارسي ادب ۾ هي مثنويءَ جو اوائلي نمونو آهي. هي مثنوي سيد جهانگير هاشمي سال 940هه/ 1533ع ۾ لکي ۽ شاهه حسن ارغون جي نالي منسوب ڪئي. بعد ۾ هي شاعر حج تي ويندي مڪران ۾ 946هه/ 1539ع ۾ شهيد ٿي ويو. راشدي صاحب ٽن نسخن جي آڌار تي متن تيار ڪيو. شاعر جي ناياب تصوير پڻ ڪتاب ۾ ڏني وئي آهي. فاضل مرتب فارسيءَ ۾، 62 صفحن جو نهايت ئي قيمتي مقدمو پڻ اوائل ۾ ڏنو آهي. سال 1957ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ هي ڪتاب ڇاپي پڌرو ڪيو.
(19) تڪمله مقالات الشعراءِ
فارسي گو شاعرن جو سنڌ ۾ هي آخري تذڪرو، مخدوم ابراهيم خليل ٺٽوي 8—7 130هه/1890ع ۾ لکيو مير قانع جي تذڪري (جنهن جو مٿي ذڪر ٿيو آهي) ۽ هن تذڪري جي وچ ۾ جيڪي ڪتاب لکيا ويا، بهتر آهي ته سڀ کان اول ان سلسلي کي ملائجي.
(1) مجمع البلغاءِ 1218هه/1803ع
تاليف مير غلام علي ”مائل“ ٺٽو.
(2) تذڪره زبدة المعاصرين 1240هه/ 1824ع
تصنيف مير حسن الحسيني شيرازي حيدرآباد سنڌ.
(3) محڪ شعراءِ 1252هه/ 1836ع
تاليف محدم صالح شاملوي خراساني حيدرآباد سنڌ.[5]
آخري نمبر تذڪرو مخدوم خليل جو آهي، جنهن جو مختصر ذڪر هت ڪرڻو آهي. فاضل مرتب جناب حسام الدين راشدي صاحب مٿس فارسيءَ ۾ مختصر مقدمو لکيو آهي. ڪتاب ۾ تصويرن، مختلف تحريرن ۽ فرمانن جا ڪل 43 فوٽا پڻ ڏنا ويا آهن، جنهنڪري ان جي زيب ۽ زينت ۾ اضافو ٿيو آهي. ليکڪ هن تذڪري ۾ 82 شاعرن جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن تي فاضل مرتب قيمتي حاشيا هنيا آهن. ان کان علاوه تعليقات جي صورت ۾ پڻ بيحد قيمتي مواد جو اضافو ڪيو ويو آهي. ايران جي هاڪاري عالم علامه آقاي سعيد نفيسي ان ڪتاب تي مختصر تقريظ لکي آهي، جيڪا خاص هن ايڊيشن لاءِ ڏسجي ٿي. هي تذڪره جنهن کي سنڌي ادبي بورڊ 1958ع ۾ ڇپيو، سو ٽالپوري ۽ انگريزي دور جي ادبي تاريخ لاءِ نهايت مفيد آهي.
(20) مثنوي قضا و قدر
مير علي شير قانع جي هيءَ ٽين ذهني ڪاوش آهي، جيڪا راشدي صاحب جي توسط سان ڇپجي نروار ٿي. فاضل محقق، مير قانع جي سوانح ۾ هن مثنويءَ جو ذڪر، تصنيف نمبر (3) تحت ڪيو آهي. مير صاحب جڏهن والي سنڌ ميان نور محمد جي درٻار ۾ ”محمد آباد“ ۾ هو، تڏهن هن هيءُ مثنوي نگهت شاعر جي تحريڪ تي سن 1127هه/1753ع ۾ لکي پوري ڪئي.[6]
(21) مثنوي محبت نامھ
هن تصنيف جو ذڪر راشدي صاحب، مير قانع جي سوانح ۾ نه ڪيو آهي (ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون)، البت ’مقالات الشعراء‘ ۾ هن مثنويءَ جو ذڪر نمبر (41) تي موجود آهي (صفحو بيست ودو). راشدي صاحب مثنوپيءَ جو تعارف هن ريت ڪرايو آهي: ”هن مثنويءَ ۾، مير قانع ٻه بيان ڏنا آهن، هڪ ”شمع ۽ پرواني“ جو مطالعو، ٻيو ”گل بلبل“ جو مباحثو منڍ جي چند شعرن ۾ محبت جي معاملن ۽ عشق جي نتيجن ۾ عاشق سان گڏ معشوق کي به مظلوم ثابت ڪيوويو آهي.“ قانع جي هيءَ چوٿين تحرير آهي، جيڪا راشدي صاحب ذريعي منظر عام تي آئي.
(22) مثنوي قصاب نامھ
هيءَ مثنوي پڻ مير قانع جي آهي، جيڪا راشدي صاحب جي سعيي سان ڇپجي نروار ٿي. مثنوي ڪهڙي سال ۾ لکي وئي، ان متعلق ڪابه ڄاڻ ڪونهي. مٿي ذڪر ڪيل مقالي ۾، محترم حسام الدين راشدي ان جو ذڪر نمبر (28) تي ڪيو آهي (ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، ص 560). شاعر هن ذريعي ٺٽي جي هڪ ڪاسائي نوجوان جي اوچتي موت کان متاثر ٿي، قلم ڪاهي پنهنجي شاعراني پختگيءَ جو ثبوت ڏنو آهي. هي نوجوان شاديءَ کان پوءِ ٻئي صبح تي، اهڙيءَ حالت ۾ گذاري ويو. جو گهوٽ ۽ ڪنوار جي وصل جي نوبت به اڃا ڪانه آئي هئي.
(23) قصيدا ۽ منقبت
هيءَ تصنيف پڻ مير قانع جي آهي، جنهن جو ذڪر راشدي صاحب، مير قانع تي لکيل مقالي ۾ نمبر (39) تي ڪيو آهي (ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، ص 561). فاضل محقق ان ڏس ۾ لکي ٿو ته ”جنهن بياض ۾ ”مڪلي نامو“ آهي، انهيءَ بياض جي شروع ۽ آخر ۾ مير صاحب پنهنجا قصيدا، منقبت وغيره لکيا آهن، جن جو تعداد 26 کن ٿيندو. ان ۾ وڏا قصيدا ۽ طويل منقبت آهن. هڪ قصيدو ”لاميه“
265 شعرن جو آهي. چند رباعيون به آهن ۽ هڪ نامڪمل مثنوي به منجهس موجود آهي.“ شايع ڪرايل مواد ۾ 27 مڪمل ۽ هڪ اڌو گابرو قصيدو آهي. هنن مان ڪجهه قصيدا مير فتح علي خان، ميان غلام نبي ۽ميان سرفراز جي لاءِ چيل آهن.
نمبر 20 کان 23 تائين، جملي مواد هڪ ڪتاب ۾، ”مثنويات وقصائد قانع“ جي عنوان سان سال 1961ع ۾ سنڌي ادبي بورد ڇاپي پڌرو ڪيو. راشدي صاحب مٿس 40 صفحن جو تفصيلي مقدمو سنڌيءَ ۾ لکيو آهي. آخر ۾ مير قانع ۽ ڪلهوڙن حاڪمن جا شجرا به ڏنا ويا آهن. آخر ۾ راشدي صاحب مير قانع جي مفصل سوانح لکڻ جو پڻ اشارو ڏنو آهي. افسوس جو هيءُ ڪم پڻ وقت جي وهڪري ۾ لڙهي ويو ۽ منظر تي نه اچي سگهيو!
(24) تاريخ مظهر شاهجهاني
مغل دور ۾ (ارغون، ترخان ۽ مغل) سنڌ جي تاريخ تي هيءَ پنجون ڪتاب، ميرڪ يوسف 1044هه/1634ع ۾ لکي پورو ڪيو.هيءُ تاريخي ڪتاب لکجڻ واري وقت کان وٺي، گمناميءَ جي حوالي ٿي ويو، ايتري تائين جو ايليٽ جهڙو باوسائل عالم به ان کي ڳولي نه سگهيو هن ڪتاب کي سنڌ جي سورهين ۽ سترهين صديءَ جو گزيٽير سڏيو ويو آهي. محترم راشدي صاحب ايڊيٽنگ سان گڏ مٿس 100 صفحن جو، اردو زبان ۾ قيمتي مقدمو پڻ تحرير ڪيو آهي. هي ڪتاب، جنهن کي سنڌي ادبي بورڊ 1962ع ۾ ڇپيو، تنهن جو سنڌي ترجمو پڻ ساڳئي اداري ڇاپيو آهي، جيڪو محترم نياز همايونيءَ ڪيو آهي.
(25) هشت بهشت
عطا ٺٽوي مغل دؤر ۾، سنڌ جو فارسي گو شاعر ٿي گذريو آهي. هن ڪتاب ۾ عطا جون ڪل اٺ مثنويون ڏنل آهن. عطا جي هن ذهني ڪاوش مان. مغل دؤر جي سنڌ جي سماج متعلق چڱي معلومات ملي ٿي. راشدي صاحب، جنهن هي ڪتاب ايڊٽ ڪيو، 157صفحن تي، سنڌيءَ ۾ مفصل مقدمو لکندي، ان دور جي سنڌ جي حالتن کي زنده جاويد ڪري ڇڏيو آهي. خود مغلن جي باهمي ڄنڊا پٽ جو پڻ مجمل ذڪر، مقدمي ذريعي ڏنو ويو آهي. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ سال 1963ع ۾ شايع ڪيو.
(26) منشورالوصيت ودستورالحڪومت
هي ڪتاب واليء سنڌ ميان نور محمد ڪلهوڙي سن 1163هه/1749ع ۾ لکي پورو ڪيو. ميان صاحب هن وصيت نامي ذريعي، پٽن لاءِ فڪري مواد ڇڏيو آهي، جيئن هو مستقبل ۾ سنڌ ۽ خود پنهنجي حاڪميت کي تباهه ٿيڻ کان بچائين. ڪتاب جي آئيني ۾، ميان نور محمد حاڪم سان گڏ مفڪر ۽ عالم پڻ ڏسجي ٿو. راشدي صاحب ڪتاب ايڊٽ ڪندي، ٻٽيهه صفحن جو سنڌي مقدمو ڏيڻ سان گڏ، ان ۾ ڇهه تصويرون پڻ شامل ڪيون آهن. ڪتاب کي مڪمل ڪرڻ لاءِ فاضل ايڊيٽر، 8 ضميما پڻ ان ۾ ڏنا آهن. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ سال 1964ع ۾ شايع ڪيو. هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو عبدالرسول قادري ڪيو ۽ ان کي ڪلهوڙا سيمينار ڪميٽي 1996ع ۾ پڌرو ڪيو.
(27) ترخان نامه
مغل دور اندر سنڌ تي لکيل تاريخي ڪتابن جي سلسلي جي هي آخري ڪڙي آهي. سيد مير محمد بن سيد جلال ٺٽوي هي ڪتاب سن 1065هه/1654ع ۾ لکي پورو ڪيو، جنهن ۾ ارغونن ۽ ترخانن تي مفصل مواد ڏنو ويو آهي. راشدي صاحب مقدمو (پيش گفتار)، فارسي زبان ۾ لکيو آهي، جنهن ۾ ان دور جي تاريخي ماخذن، ڪتاب جي افاديت ۽ اهميت سان گڏ، مٿس تنقيدي نگاهه وجهڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي وئي آهي. ان کان علاوه فاضل مرتب ارغونن، ترخانن ۽ مغلن تي 14 مفصل نسب نامه پڻ ترتيب ڏنا آهن، جنهن ڪري ڪتاب جي افاديت گهڻو وڌي ويل آهي. ڪتاب سال 1964ع ۾، سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو. هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو مرزا عباس علي بيگ ڪيو ۽ بورڊ اهو سال 1994ع ۾ ڇاپيو آهي.
(28) حديقة الاولياء
سنڌي اوليائن بابت هي تذڪرو سن 1016هه/1607ع ۾ سيد عبدالقادر ٺٽويءَ لکيو ۽ ان کي مرزا خسرو چرڪس جي نالي معنون ڪيو، راشدي صاحب سنڌيءَ ۾ 102 صفحن تي مشتمل، هڪ مقدمو منجهس شامل ڪيو آهي، جنهن ذريعي سنڌ اندر هن موضوع تي فارسيءَ ۾ لکيل ڪل 82 ڪتابن جو پتو لڳايوي ويو آهي. سوانح جي موضوع تي ڪم ڪندڙن لاءِ هي مقدمو مشعل راهه آهي. ان سان گڏ سيد عبدالقادر ۽ سندس ڪتاب متعلق تنقيدي جائزو پڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪيل ڏسجي ٿي. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ 1967ع ۾ ڇپي پڌرو ڪيو.
(29) تذڪره الشعراءِ ڪشمير
هي تذڪرو ميرزا اصلح 1161هه/1747ع ۾ تاليف ڪيو، جنهن ۾ اورنگزيب کان محمد شاهه جي زماني تائين، ڪل 305 فارسي گو شاعرن جو احوال ڏنو ويو آهي. هي شاعر ڪنهن نه ڪنهن ريت ڪشمير سان لاڳاپيل رهيا. هي ڪتاب اقبال اڪيڊمي ڪراچي (هاڻي لاهور) طرفان سال 1967ع ۾، راشدي صاحب جي تصحيح ۽ حاشين سان ڇپجي پڌرو ڪيو. هن جو ٻيو ڇاپو سال 1983ع ۾ نڪتو آهي.[7]
(30) تذڪره شعراءِ ڪشمير (تڪمله)جلد اول
سيد حسام الدين راشدي هي ڪتاب تاليف ڪندي، ان متعلق لکي ٿو ته ”هي جو چوڻ آهي ته ڏيئي مان ڏيئو روشن ٿئي ٿو! بزرگن جو هي مثل ڪهاوت نه، پر حقيقت آهي محمد اصلح جو، تذڪره شعراءِ ڪشمير مرتب ڪرڻ ويٺس ته ان سان گڏ هڪ ٻيو مستقل ڪتاب وجود ۾ اچي ويو، جنهن جو نه گمان هو ۽ نه وري ڪنهن قسم جو ڪو ارادو. اصلح تي (تذڪره) ڪم ڪندي، ڪيئي اهڙا فارسي گو شاعر نظر آيا، جن جو ذڪر ليکڪ نه ڪيو هو. خيال ٿيو ته اهڙي مواد کي آخر ۾ ضميمي طور ڏيئي ڇڏيان، ليڪن جڏهن شاعرن جو تعداد ٽن سون کان به وڌيڪ ٿي ويو. تڏهن ضميمي جو خيال ڦٽو ڪري، مستقل ڪتاب جي تياريءَ جو ارادو ڪيم. چنانچه هن وقت پڙهندڙن جي خدمت ۾ جيڪو ڪتاب حاضر آهي، ان کي هاڻي محمد اصلح جي تذڪري جو تڪمله تصور ڪرڻ گهرجي.“
ميرزا اصلح جو ڪتاب ايڊٽ ڪندي، فاضل مرتب تڪمله (هي ڪتاب) پڻ ترتيب ڏيندو ويو، چنانچه ان جو پهريون جلد سال 1967ع ۾، ساڳئي اداري پاران ڇپجي پڌرو ڪيو ويو. هن جلد ۾ الف تائين، ڪل 120 شاعرن جو ذڪر ٿيو آهي. سال 1983ع ۾ هن جو ٻيو ايڊيشن آيو.
(31) تذڪره شعراءِ ڪشمير (تڪمله)جلد ٻيو
راشدي صاحب جي تاليف ڪيل تذڪره شعراء ڪشمير جو هيءُ ٻيو جلد آهي، جنهن ۾ ڪل 54 شاعرن (121—174) جو احوال حرف (ص) کان حرف (غ) ڏنو ويو آهي. هن جلد ۾ مرزا صائب جي ڪل 37 خطي ديوانن جو پتو ڏنو ويو آهي، جيڪي يا ته شاعر جي هٿ جا لکيل آهن يا وري سندس شاگرد عارف تبريزي انهن کي ترتيب ڏنو آهي. راشدي صاحب جي دعوا آهي ته صائب جو شايد ئي ڪو خطي ديوان، هتي ذڪر ٿيڻ کان اوجهل رهيو هجي. ٻن شاعرن ، محمد علي صائب (نمبر 124) ۽ عرفي جمال الدين شيرازي (نمبر 149) متعلق آخر ۾ تعليقات پڻ ڏنا ويا آهن. ڪتاب جي آخر ۾ صائب جي ديوان، مزار ۽ آرام گاه سان گڏ، ڪي ٻيون اهم تصويرون، جن جو تعدا 38 آهي، پڻ شامل ڪيل آهن. انهن مان ڪجهه فوٽا راشدي صاحب پاڻ ڪڍيا آهن. هي جلد ساڳئي اداري 1968ع ۾ شايع ڪيو، جنهن جو ٻيو ڇاپو سال 1982ع منظر عام تي آندو ويو آهي.
(32) تذڪره شعراءِ ڪشمير (تڪمله)جلد ٽيون:
راشدي صاحب هن جلد تي پيش لفظ لکندي ٻڌائي ٿو ته ”منهنجي تاليف ڪيل تذڪره شعراء ڪشمير جو ٽيون جلد پڙهندڙن جي خدمت ۾ پهچي رهيو آهي. هي جلد حرف (ف) کان وٺي حرف (م) تائين ڪل 69 شاعرن جي ڪيفيت ۽ حالات تي آهي. فاني، فيضي، قدسي، ڪليم، گويا، ماهر ۽ منير جهڙن اهم شاعرن جي زندگي هن جلد جي زينت آهي… هن ڪتاب ۾ ٻن شاعرن… نمبر 120 (ملا شيداء تڪلو) ۽ نمبر 192 (ملڪ الشعراء فيضي) تي تعليقات پڻ ڏنا ويا آهن. ان کان علاوه آخر ۾، 3 نسب نامه ۽ 35 تصويرون پڻ ڏنيون ويون آهن، جنهن سبب ڪتاب جي زينت ۾ اضافو آيو آهي. ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1968ع ۾، ۽ ٻيو ڇاپو 1982ع ۾ منظر عام تي آيو.
(33) احوال و آثار ملڪ الشعراءِ ابوالفيض فيضي
راشدي صاحب شعراءِ ڪشمير جي ٽئين جلد ۾ فيضيءَ بابت نهايت مفصل معلومات ڏني آهي. اهو سمورو مواد جداگانه ڪتابي صورت ۾ ترتيب ڏيئي، پاڻ سال 1967ع ۾ مٿئين عنوان سان شايع ڪيائون.
(34) تذڪره روضة السلاطين
عوفيءَ جي تذڪري کان پوءِ، سنڌ اندر فارسي گو شاعرن متعلق هي ٻيو تذڪرو، ننگر ٺٽي ۾ سن 958هه/1551ع ۾ فخري هروي نالي هڪ بسيار نويس لکيو. ابتدا ۾ هي تذڪرو شاهه حسن تڪدريءَ جي نالي منسوب ٿيو، جڏهن ساڍن چئن سئو سالن بعد هي ڪتاب دستياب ٿيو، تڏهن ان جي اصلي ليکڪ متعلق وڃي حقيقت معلوم ٿي. اهي حڪمران، وزير ۽ بادشاهه، جيڪي شاعر ٿي گذريا، تن متعلق هي تذڪرو لکيو ويو. اوائل ۾ قاضي احمد ميان اختر جهونا ڳڙهي مرحوم کي ڪتاب ايڊٽ ڪرڻ لاءِ ڏنو ويو، ليڪن موت کيس هي ڪم پوري ڪرڻ جي مهلت نه ڏني. راشدي صاحب چئن نسخن جي آڌار تي هي تذڪرو ايڊٽ ڪيو. ان کان علاوه پاڻ پنجين نسخي جو ڏس به ڏنو اٿن.[8] هي ڪتاب 1968ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڇپيو، جنهن جي آخر ۾ قيمتي مواد، تعليقات جي صورت ۾ ڏنو ويو آهي.
(35) جواهر العجائب
سنڌ اندر فارسي گو شاعرن تي لکيل هي ٽيون تذڪرو پڻ فخري هروي، ٺٽي ۾ 962هه/1554ع ۾ لکيو ۽ ان کي شاهه حسن جي بيوه ۽ مرزا عيسيٰ جي زال حاجي ماه بيگم جي نالي منسوب ڪيو. راشدي صاحب جڏهن هن تذڪري جي اصليت ۽ ان جي انتساب جو ذڪر ڪيو آهي، تڏهن پاڻ فخري هرويءَ جي خوب کل لاٿي اٿس. هي ڪتاب عورت شاعرات تي لکيل آهي. سال 1968ع ۾، قيمتي تعليقات سان. سنڌي ادبي بورڊ ان کي ڇاپي پڌرو ڪيو. ياد رهي ته ان کان اڳ ۾ نولڪشور مطبع مان اهو تذڪرو ٻه ڀيرا ڇپجي چڪو هو ۽ ان کان پوءِ شمس الله قادري پڻ سھ ماهي اردو رسالي ۾ ان کي وري شايع ڪيو هو.
(36) ديوان فخري
ساڳئي سال ۾ راشدي صاحب، فخري هرويءَ جو ديوان به ڇاپي پڌرو ڪيو.
مٿيان ٽئي ڪتاب، هڪ ئي مجمل ڪتاب ۾ گڏ شايع ڪيا ويا آهن. مهڙ ۾ 80 صفحن جو تفصيلي ’مقدمو‘ اردو زبان ۾ لکيو ويو اهي. ساڳئي وقت ڪجهه نسب نامه پڻ، هن ڪتاب ۾ ڏنا ويا آهن، مقدمو پڙهندي، راشدي صاحب جي علمي وسيلن، ادبي لاڳاپن ۽ تحقيقي ڪاوش جو داد ڏيڻو پوي ٿو.
(37) تذڪره شعراءِ ڪشمير (تڪمله) جلد چوٿون
سال 1968ع تائين اسان جي عالم، ڏاهي ۽ محقق جناب سيد حسام الدين راشدي صاحب، پنهنجي تاليف ڪيل ”تڪمله“ جا ٽي جلد نروار ڪري چڪو هو. رٿا هيٺ چوٿون ۽ آخري جلد پڻ اچڻو هو. ليڪن ان جي لاءِ علمي دنيا کي هڪ سال جو انتظار ڪرڻو پيو. ٽن جلدن جي اشاعت (مارچ 1968ع) کان پوءِ، فاضل محقق ايران ويو ٿو ڏسجي. اتان واپس ٿيندي، پاڻ هڪدم فخري هرويءَ جي مٿي ڏنل ڪتابن کي ترتيب ڏئي ان سال ۾ ئي شايع ڪيائون، جنهن بعد ”تڪمله“ جي چوٿين جلد تي ڪم شروع ٿيو هن جلد ۾ ڪل 130 شاعرن متعلق (ن — ي)، احوال ۽ مواد سهيڙيو ويو آهي. هي ايڊيشن 1969ع ۾، اقبال اڪيڊمي شايع ڪيو. هن جلد جي سٽا هن ريت آهي:
-130 شاعرن جو احوال (اهي به جن جو ذڪر، اولائلي جلدن ۾ اچڻ کان رهجي ويو)، تڪمله ۽ تتمه تڪمله جي صورت ۾ ڏنو ويو آهي.
- جلد پهرئين ۽ ٻين ۾ آيل شاعرن جي احوال ۾ تعليقات جي صورت ۾ اضافو ڪيو ويو آهي.
- کشمير در شعر فارسي، هي مواد پنجن ڀاڱن ۾ ڏنو ويو آهي. ڪشمير جي سماج ۽ تاريخ لاءِ هي مواد انتهائي قيمتي آهي.
- فهرست مصادر (ڪتب آندل مواد)، ڪشمير جي متعلق ڪتابن، 27 تصويرن ۽ انڊيڪس شامل ڪرڻ سان، هن تاريخي ڪم جي تڪميل جو اعلان ڪيو ويو آهي. راشدي صاحب جي ”تڪمله“ ۾ ڪل 2000 (ٻه هزار) صفحا ڏنل آهن، جنهن ۾ هيٺين ريت مواد ملي ٿو:
جلد I، 120 شاعر
جلد II، 54 شاعر
جلد III، 69 شاعر
جلد IV، 130 شاعر (ڪل = 373 شاعر)
راشدي صاحب گهڻو ڪري فارسي زبان جا ڪتاب ايڊٽ ڪيا، ليڪن هي ڪتاب سندن اصلي ورڪ چئي سگهجي ٿو، تاهم ان کي تصنيف بجاءِ تاليف ۽ ترتيب سڏڻ بهتر ٿيندو. ڪتاب اٿلائڻ سان خبر پوي ٿي ته، فاضل محقق ۽ مؤرخ، هن تذڪري جي تاليف ڪندي، ڪيڏي نه جاکوڙ ڪئي آهي! ڀارت جي هاڪاري عالم مولانا سيد صباح الدين عبدالرحمان ”بزم تيموريه“ (ڇاپو ٻيو) ۾ هن ڪتاب جي افاديت ۽ اهميت، انتهائي ايمانداريءَ سان چٽي ڪئي آهي. بلاشبه جڏهن ننڍي کنڊ ۾ فارسي زبان تيزيءَ سان زوال پزير آهي، تڏهن هي ڪتاب ۽ ان جو مؤلف بجا طور تي فارسي ادبي تاريخ ۾ هڪ اهم جڳهه والاريندا.
(38) ديوان بيرم خان
هيءُ صاحب (بيرم خان) مشهور سپه سالار عبدالرحيم خانخانان جو والد ۽ همايون توڙي اڪبري دور جو سپه سالار ٿي گذريو آهي. بيرم خان کي حج تي ويندي گجرات ۾ 968هه/1561ع ۾ قتل ڪيو ويو. هيءُ صاحب فارسي ۽ ترڪي ٻولين جو شاعر پڻ هو. جيتوڻيڪ E. Denison Ross ، 1910ع ۾ ڪلڪتي مان بيرم خان جو ديوان ڇاپيو هو، تاهم وڌيڪ مواد دستياب ٿيڻ ڪري، ان جو نئون ايڊيشن اڻ ٽر ٿي پيو. راشدي صاحب فارسي ديوان جي ايڊيٽنگ ڪئي آهي. ان سان گڏ ڊاڪٽر محمد صابر ترڪي شعر ترتيب ڏنو ۽ انگريزي مقدمو ايم ايڇ صديقي صاحب تحرير ڪيو، هيءُ گڏيل ايڊيشن ڪراچي يونيورسٽي پاران انسٽيٽيوٽ آف سينٽرل ائنڊ ويسٽ ايشين اسٽڊيز سال 1971ع ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو.
(39) تحفة الڪرام (جلد ٽيون، حصو پهريون)
مير علي شير قانع، ٽن جلدن ۾، هيءُ ڪتاب 1181هه/1767ع ڌاري لکڻ شروع ڪيو ۽ ان کي 1188هه/1774ع ۾ مڪمل ڪري ورتو: آخري جلد ”سنڌ“ متعلق آهي، جنهن جا پڻ ٽي ڀاڱا آهن:
1. سنڌ جي تاريخ (سرفراز تائين)،
2. سنڌ جي شهرن ۽ اتي جي مشاهيرن جو احوال ۽
3. ننگر ٺٽو، تاريخ ۽ مشاهير.
ڪتاب جا سنڌي، اردو توڙي فارسي ايڊيشن ظاهر ٿي چڪا هئا، ليڪن سنڌي ادبي بورڊ ان جي بين الاقوامي معيار تي مبني جديد تنقيدي ايڊيشن آڻڻ لاءِ، اوائل ۾ هيءُ ڪم ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم کي سونپيو. افسوس جو ڊاڪٽر صاحب زندگيءَ جي بيوفائيءَ جي ڪري هيءُ ڪم پورو نه ڪري سگهيو. ان بعد راشدي صاحب تحفة الڪرام جي ايڊيٽنگ شروع ڪئي، ليڪن ارمان اهو آهي ته پاڻ به ان جو صرف پهريون ڀاڱو ڇاپي سگهيو. هونءَ ته فاضل ايڊيٽر جي محنت قابل ديد آهي، ليڪن هن ايڊيشن جون ڪي اهم خوبيون به آهن:
- سومرن ۽ سمن تي نئون مواد سهيڙيو ويو آهي.
- سنڌ جي مغليه فتح تي سمورو مواد يڪجاءِ ڪيو ويو آهي.
- شاهه بيگ جي موت جو سال 930هه ڏنو ويو آهي.
- – ٺٽي جي مغليه صوبيدارن جي مڪمل لسٽ ڏني وئي آهي.
- ڪلهوڙن جي تاريخ بابت، ادبي مواد ذريعي تصديق ڪئي ويئي آهي.
- نسب نامن ۽ ڪتبن ذريعي حاڪمن جي تاريخ جي ڳولا پڻ نظر اچي ٿي.
- عرب گورنرن جي مڪمل فهرست پڻ آخر ۾ ڏنل آهي (جيڪا ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ واري لسٽ کان وڌيڪ جامع آهي).
ڪتاب جي آخر ۾ 124 تصويرن جو سيٽ پڻ ڏنو ويو آهي. جڏهن هن ايڊيشن ۽ سنڌي ڇاپي کي ڀيٽجي ٿو، تڏهن پوئين جي ناقص ۽ اڻ پوري هجڻ جي خبر پوي ٿي سال 1971ع ۾، هيءَ ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو، جنهن جي مهڙ ۾ دارا اعظم جو هي قول ڏنل آهي:
”خداوندا اين کشور را از دشمن، از خشکسالي، از دروغ محفوظ دارد.“
(40) تذڪره مشايخ سيوستان
ٻين شهرن سان گڏ، سيوهڻ به مغل دور ۾ هڪ اهم سياسي، سماجي ۽ علمي مرڪز هو هتي ان دور ۾ پيدا ٿيل فارسي ادب جو اهم مثال، هيءُ تذڪره پڻ آهي، جيڪو عبدالغفور بن حيدر سيوهاڻي نواب ديندار خان لاءِ سن 1039هه/1629ع ۾ لکيو هي مختصر ڪتاب سيوهڻ جي بزرگن تي لکيل آهي. راشدي صاحب ان کي هن ريت شايع ڪرڻ گهريو ٿي.
1- فارسي متن
2- سنڌي ترجمو
3- حاشيا، مقبرن جو احوال، نقشا ۽ تصويرون.
فاضل محقق ڪتاب جو فارسي متن، ٽه ماهي مهراڻ ذريعي (نمبر 3-4 /1974ع) ۾ شايع ڪيو . بعد ۾ محترم نياز همايوني، ساڳئي رسالي ۾، ان جو سنڌي ترجمو پڻ نروار ڪيو.[9] افسوس جو هن تذڪري جو ڪتابي ايڊيشن منظر تي اچي نه سگهيو.[10]
(41) مثنوي مهر و ماهه
هيءَ مثنوي سلاطين دور جي مشهور شاعر حامد بن فضل الله جمالي دهلوي (وفات 942هه/1535ع) جي آهي. سندس ٻيا ڪتاب هن ريت آهن: سير العارفين (تذڪره)، مثنوي مراة المعاني ۽ ديوان جمالي. هن گهڻو سير سفر ڪيو، جڏهن تبريز پهتو تڏهن کيس گهر، مرشد ۽ وطن جي ياد ڏاڍو ستايو. اهل تبريز جي چوڻ تي هن سن 905/1499ع ۾ عصار تبريزيءَ جي ”مثنوي مهرو مشتري“ جي طرز تي، ”مثنوي مهرو ماهه“ لکي پوري ڪئي. راشدي صاحب جي ايڊيٽنگ ۽ مقدمي سان، هيءَ مثنوي سال 1974ع ۾ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پرشين اسٽڊيز سينٽر اسلام آباد پاران شايع ٿي.
(42) رياض العارفين (جلد اول)
هي تذڪره آفتاب راِ لکنوي جو آهي. ليکڪ ۽ ڪتاب متعلق اسان جي ڄاڻ محدود آهي. تذڪره مجمع الشعراء جهانگير شاهي، (ملاقاطعي وفات 1024هه) جي فاضل مرتب جناب ڊاڪٽر سليم اختر، رياض العارفين جي راشدي واري ڇاپي کي رفر ڪيو آهي. سال 1976ع ۾، پاڪستان ايران انسٽيٽيوٽ آف پرشن اسٽڊيز اسلام آباد پاران هي ڪتاب ڇاپيو ويو.[11]
(43) رياض العارفين (جلد دوم)
راشدي صاحب هڪ ملاقات ۾ ٻڌايو ته ٻيو جلد ڇاپي هيٺ هو، جو مذڪوره ادارو ايران جي نئين سرڪار بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو، پوءِ ڪٿي هي تذڪرو شايع ٿيو يا نه، ان جي خبر خاوند کي.[12]
ڪن لکندڙن ’محمد صادق مينا‘ نالي سندن هڪ فارسي ڪتاب جو به نالو کنيو آهي. اصل ۾ هي هڪ طويل مقالو آهي. ان کي ڪتاب سڏڻ درست نه ٿيندو.
مٿي ذڪر ڪيل ڇاپي ذخيري کان علاوه هي ڪتاب پڻ، عمر جي آخري حصي ۾ محترم راشدي صاحب جي نگرانيءَ هيٺ تيارٿي رهيا هئا يا وري ترتيب هيٺ هئا.
- مثنوي مختيار نامه از مير قانع، تصنيف 1194هه/1780ع.
- ختم السلوڪ (مثنوي)، از مير قانع، تصنيف 1199هه/1785ع.
- تاريخي قطعات از مير قانع.
- معيار سالڪان طريقت، تذڪرو، از مير قانع، تصنيف 1202هه/1787ع.
- تحفة الڪرام (جلد سوم، بخش دوم).
- تحفة الڪرام (جلد سوم، بخش سوم).
- تاريخ رشيدي، از ميرزا حيدر دوغلات، 953هه/1546ع.
- مثنوي مهروماهه، عطا ٺٽوي، تصنيف 1117هه/1705ع.
- گلدسته نؤرس بهار، تاريخي دستاويز، از منشي عبدالرؤف.
- انشائي عطارد، تاريخي خط ۽ دستاويز، از شيوڪ رام ’عطارد‘.
- مثنوي زيبا نگار، مُلاضيائي ٺٽوي، سن 1053هه/1643ع.
- ٽالپورن جي تاريخ.
- راشدي خاندان جون علمي ۽ ادبي خدمتون.
- پير علي گوهر شاهه ’اصغر‘ جو ڪلام.
- تذڪره پوراني سادات (ڪم پورو ٿيل ٻڌجي ٿو).
- تاريخ سنڌ، مغل دور، ادبي بورڊ جي رٿا جو جلد ڇهون.
- تاريخ ادبيات سنڌ (ادبيات جي تاريخ برائون جي طرز تي).
- مڪليءَ جي مقبرن تي تاريخي فارسي شعر.
- واقعات ڪشمير (حوالو تڪمله ڪشمير، جلد 4، ص 10).
- تعليقات مقالات (غالباَ ان طرز تي، پوءِ ڪشمير جو تڪمله تيار ٿيو.)
(3) اسان جون جوابداريون
سنڌ جو مايهء ناز اديب، محقق، دانشور، مؤرخ عالم محترم پير حسام الدين راشدي صاحب جيتوڻيڪ هاڻي هن دنيا ۾ نه رهيو آهي، ليڪن سندن ڇڏيل ادبي اثاثو، علم ۽ ادب لاءِ ڪيل خدمتون ۽ تازو توانو فن ۽ فڪر اسان وٽ رهندي دنيا تائين موجود رهندا. اسان سڀ جيڪي سندن عقيدتمند، پوئلڳ ۽ شاگرد سڏايون ٿا ۽ سندن لاڳاپي تي فخر محسوس ڪريون ٿا تن جو ۽ انهن سڀني ادارن جو، جيڪي سندن سرپرستيءَ ۾ وڌيا ۽ ويجهيا، مڙني جو فرض آهي ته پاڻ جيڪي ڪم اڌورا ڇڏي ويا آهن، تن جو پورائو ڪريون. ان ڏس ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ڪنهن حد تائين هيٺيون ڳالهيون آڏو رکڻ ضروري آهن.
- راشدي صاحب سنڌ جي ادبي تاريخ جي اها قابل فخر هستي آهي، جنهن جون علمي ۽ ادبي خدمتون لافاني، يادگار ۽ اڻ مٽ آهن. مناسب آهي ته سندن جامع ۽ مڪمل سوانح جلدي لکجي ۽ ڇپجي، ته جيئن آئينده نسلن جي رهبري ٿئي. سردست ان ڏس ۾، سندن ”مختصر سوانح“ ئي ترتيب ڏجي تڏهن به بهتر ٿيندو. افسوس جو هيل تائين سنڌ جي ڪنهن به عالم يا اديب جي ڪا سوانح نه لکي ويئي آهي.
- راشدي صاحب جي ذاتي ڪتبخاني ۾، سنڌ تي جيڪي فارسي مخطوطا هئا، تن جو مفصل ڪيٽالاگ تيار ڪري شايع ڪجي، ته جيئن ريسرچ ڪندڙن جي رهبري ٿي سگهي. سندن حياتيءَ ۾ اهڙو ڪيٽالاگ ڊاڪٽر روشن آرا بيگم تيار ڪيو هو، جيڪو غالباَ ڇپجي نه سگهيو آهي. هي ڪم ڪرڻ لاءِ اسان کي پنجاب يونيورسٽيءَ پاران، مختلف عالمن جي مخطوطن تي تيار ڪيل فهرستن تان پڻ رهنمائي وٺڻ گهرجي.
- راشدي صاحب جا جيڪي تيار ۽ اڻ ڇپيل ڪتاب باقي آهن، تن جي ڇپائيءَ جو جلد از جلد بندوبست ڪرڻ گهرجي.
- اهي ڪتاب، جيڪي اسان جي هن عالم وٽ ترتيب ۽ تياريءَ هيٺ هئا، ليڪن زندگيءَ جي بيوفائي ڪري انهن جو ڪم اڌورو رهجي ويو، جلد از جلد مختلف عالمن جي حوالي ڪري قابل اشاعت بنايا وڃن، ته جيئن سندن رهيل ادبي مشن جو پورائو ٿي سگهي.
- مناسب ته ائين آهي ته هنن سڀني ڪمن جي پورائي لاءِ ”راشدي اڪيڊمي“ ٺاهجي، جتي نه رڳو سندن لائبريري محفوظ ڪجي بلڪ سندن ذاتي استعمال جي شين کي پڻ محفوظ ڪيو وڃي.
- هنن سڀني ڳالهين جي پورائيءَ لاءِ راشدي صاحب جي ڀائٽي محترم حسين شاهه راشدي کي پڻ سرگرم ٿيڻ گهرجي.
راشدي صاحب سان راقم الحروف جو ويجهو لاڳاپو صرف هڪ سال جو رهيو. ان مختصر مدت ۾ وٽانئن محبت ۽ پيار به مليو، ته خلوص ۽ صداقت به ساڳئي وقت ان ٿوري عرصي ۾ جيڪو ادبي، علمي ۽ تاريخي ذوق، ڏانءُ ۽ فيض هتان حاصل ٿيو، سو ڪنهن ٻئي در تان شايد سڄي ڄمار نصيب نه ٿئي ها. مٿي جيڪي ڪجهه لکيو اٿم، سو هن لاثاني عالم جي محبت، من ۾ پائي لکيواٿم، ٻيءَ صورت ۾ منهنجي ڇا مجال آهي، جو ايڏي وڏي عالم، محقق ۽ دانشور تي آءٌ ڪجهه لکڻ جي دعوا ڪريان! بهرحال جيڪي رنڍا روڙيا اٿم، اهي ان لاءِ ته:
ڏٺي جادم جکري، چت نه ٻيا چڙهن،
ته ڪي کوهه کن، جه سر لڀي سڀرو؟
(شاهه)
(سھ ماهي ’مهراڻ‘ نمبر 1، سال 1983ع جي ’راشدي نمبر‘ تان کنيل)
[1] جلد 1، ص 200، ناشر پاڪستان هسٽاريڪل سوسائٽي، 1961ع.
[2] اينمري شمل جي ڪتاب جو سنڌي ترجمو، ڊاڪٽر غلام حيدر ٻرڙي ڪيو ۽ ان کي شهيد عبدالرزاق اڪيڊمي موري سال 1981ع ۾ ڇپيو. ’لاکو‘
[3] اردو ۾ ’ملا محب علي سنڌي‘ پڻ سندن ڪتاب چيو وڃي ٿو. حقيقت ۾ هي آرٽيڪل هو، جيڪو سه ماهي اردو، ۾ ڇپيو هو (ڏسو ’اشاريه اردو‘ ص 42، ڪراچي 1976ع).
[4] مير غلام علي آزاد سيوهڻ ۾ وقايع نويس جي حيثيت ۾، پنهنجي مامي جي نيابت ڪرڻ لاءِ ٽي سال (1145هه __ 1147هه) رهيو. هتي رهندي هن فارسي گو شاعرن جو تذڪره ’يدبيضا‘ نالي لکيو. ساڳئي موضوع تي هن ٻه ٻيا ڪتاب ’سرو آزاد‘ (1166هه/ 1752ع) ۽ ’خزانئه عامره‘ (1176هه/ 1762ع) لکيا، جيڪي ترتيبوار ’کتابخانه آصفيه‘ مان 1913ع ۾ ۽ ڪانپور مان 1871ع توڙي نولڪشور مان 1900ع ۾ ڇپجي نروار ٿيا. جيئن ته پهريون تذڪره ’سنڌ‘ ۾ لکيو ويو، لهٰذا، هندي محققن ان جي ڇپڻ جي ضرورت ئي نه سمجهي، ان ڪري اهو اڃا تائين ترتيب هيٺ نه آيو آهي.
[5] نمبر 1 ۽ 2 لاءِ ڏسو، راشدي صاحب جو مقالو ”سنڌ جي تاريخ جا بنيادي ماخذ“ ۽ نمبر 3 لاءِ ڏسو، ”تاريخ ادبيات“ جلد پنجون ص 10-209، ناشر پنجاب يونيورسٽي سال 1972ع.
[6] ڪلهوڙن جا متعدد تخت گاهه رهيا آهن. مختلف محققن ان ڏس ۾ پنهنجي پنهنجي راءِ ڏني آهي. ”محمد آباد“ موري تعلقي ۾ کنڊرن جي صورت ۾ اڄ به موجود آهي، جتي ميان نور محمد پاڻ به دفن ٿيل آهي. هيءَ شهر 1164هه کان 1167هه تائين، ميان صاحب جو تخت گاهه رهيو. راقم الحروف پنهنجي مقالي ”ڪلهوڙن جا تخت گاهه“ ۾ ان بابت تفصيل ڏنا آهن. اهو مقالو، ”مهراڻ“ رسالي ۾ ڇپجڻ جي لاءِ اداري کي پيش ڪيل آهي. ’لاکو‘
[7] مِرزا اصلح بابت راشدي صاحب جي تحقيق تي سيد عارف نوشاهي صاحب علمي تنقيد ڪئي آهي (مجله: تحقيق، شعبو اردو، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو، نمبر 6، سال 1992ع).
[8] راشدي صاحب ان کي ناقص سڏي ٿو. ياد رهي ته هن نسخي کي اساس بنائي، ڊاڪٽر ع. خيام پور ”روضة السلاطين“ جو تبريز مان، سال 1345 شمسي/ 1966هه ۾ هڪ ايڊيشن شايع ڪيو هو. ’لاکو‘
[9] ڪجھه ليکڪن ’مھراڻ‘ ذريعي فارسي مخطوطن ۽ ڪتبن جي اشاعت تي ارهائي ڏيکاري آهي. ان ڏس ۾ کين سھ ماهي ’اردو‘ جو مثال پڻ آڏو رکڻ کپي. پڪ سان اردو وارا، اسان کان وڌيڪ ٻولي پرست آهن، تاهم هو پنھنجي علمي اثاثو (پوءِ اهو ڪھڙي به زبان ۾ هجي) کي هميشه ساهه سان سانڍيو اچن. ’لاکو‘
[10] هن مضمون جي ليکڪ تذڪره مشايخ سيوستان جو فارسي متن سنڌي ترجمو ۽ ڪجھه تصويرن تي مشتمل – 20 ۾ ڪتاب تيار ڪيو آهي، جنهن تي بھرحال ڪم جي ضرورت آهي. ’آزاد قاضي‘
[11] ’رياض العارفين‘ جو هڪ قلمي نسخو، انجمن ترقيء اردو ڪراچيءَ جي ذخيري ۾ (صفحا، 562) موجود آهي (ڏسو، مخطوطات انجمن فارسي و عربي ص 82، مرتب سيد سرفراز علي رضوي). ’لاکو‘
[12] تذڪري جو ٻيو جلد 1982ع ۾ سيد عارف نوشاهيءَ جي مقدمي سان، ساڳئي اداري شايع ڪيو آهي. ’لاکو‘