عباس ڪوريجو
“ابيات سنڌي” خواجه محمد زمان لواريءَ واري جي بيتن تي مشتمل ڪلام جو مجموعو آهي، جيڪو شمس العلماء ڊاڪٽر علامه عمر بن محمد دائودپوٽي، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي لکيل عربي شرح جو ترجمو ڪري 1939ع ۾ ڇپرايو. هيءُ ڪتاب ڪلهوڙا دؤر جي اساسي ادب جو شاهڪار نمونو آهي، جنهن جا هن وقت تائين 4 سنڌي، 3 اردو ۽ هڪ فارسي ڇاپو ڇپجي چڪو آهي. “ابيات سنڌي” ۾ ڪُل 84 بيت آهن، پر نياز هاموني فارسي ترجمي ۾ 90 بيت شامل ڪيا آهن ۽ جڏهن ته هاڻي انهن جوتعداد 92 آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي همعصر شاعرن منجهان حضرت سلطان الاولياء خواجه محمد زمان لواريءَ واري جي شاعريءَ ۾ تصوف جي باريڪين جو بيان، اعليٰ پايي جو اختصار، فن ۽ فڪر ڪوٽان ڪوٽ نظر اچي ٿو.
لواريءَ جو هي لعل، جيڪو سنڌ ۾ نقشبندي مسلڪ جي بانين مان هڪ هو، جنهن جو روحاني فيض سنڌ ۽ هند جون سرحدون پار ڪري ولايت تائين پهتو. اهو پنهنجي وقت جو وڏو عارف، اهل الله ۽ روحاني پيشوا رهيو آهي.
خواجه محمد زمان جي شاعري ڇند وديا جي لباس ۾ دوهي، سورٺي ۽ بيت جي گهاڙيٽي ۾ موجود آهي. سندس بيت قديم ۽ جديد سنڌي اساسي شاعريءَ جو املهه خزانو آهي.
ڪريم بخش خالد پنهنجي مضمون “ابيات سنڌيءَ جي ادبي اهميت” ۾ لکي ٿو ته، “ادبي لحاظ کان خواجه صاحب جو ڪلام، شاهه لطيف جي مقابلي ۾ آڻي نٿو سگهجي، پر ان ۾ تصوف جا جيڪي ڳوڙها راز ۽ رمزون سمايل آهن، ان لحاظ کان خواجه صاحب شاهه لطيف کان گهڻو اڳڀرو ۽ مٿڀرو آهي ۽ اهوئي سبب آهي جو ڀٽائي بزرگ پيرسنيءَ ۾ اڻانگي سفر جون صعوبتون سهندي خواجه صاحب سان ملاقاتي ٿيو.”
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ پنهنجي مضمون، “حضرت سلطان الاولياء جو صوفياڻو فڪر” ۾ لکي ٿو، “هي اهو معرفت جو صاحب آهي، جنهن پنهنجي فيض سان سنڌ جي سرزمين جي ڪُنڊ ڪڙڇ کي تصوف جي رنگ ۾ رنڱي ريٽو ڪري ڇڏيو. ايتري قدر جو حضرت مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي جهڙو بي نظير ۽ غير مقلد عالم به پنهنجي علمي عظمت وساري، سندس علمي ۽ روحاني فيض جو طالب ٿيو.”
آزاد قاضي پنهنجي ڪتاب، “سلطان الاولياء خواجه محمد زمان (هڪ مطالعو)” جي پيش لفظ ۾ لکيو آهي، “خواجه صاحب مختلف وقتن تي نثر توڙي نظم ۾ جيڪو درس ڏنو، اهو مختلف ماڻهو جمع ڪندا رهيا. اهڙي ريت سندن نظم وارو حصو، جيڪو ملفوظات سان گڏجي ويو هو، ان کي سندس وڏي خليفي شيخ عبدالرحيم گرهوڙي وڏي محنت سان ميڙي چونڊي گڏ ڪيو ۽ انهن جو عربيءَ ۾ ترجمو ڪري شرح لکي، عربيءَ جي عالمن لاءِ هڪ بيمثال ڪتاب تيار ڪيو هو. جيڪو ڪيتري عرصي تائين قلمي صورت ۾ هيو. ان قلمي نسطي کي سنڌ جي هڪ ٻئي عربيءَ جي عالم علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي، پير جهنڊي وارن جي علمي خزاني منجهان ڳولي لڌو ۽ 1939ع ۾ ان کي سنڌيءَ ۾ تيار ڪري “ابيات سنڌي” جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرايو.”
“ابيات سنڌي” جي ترتيب ۽ تاليف جو ذڪر ڪندي ڊاڪٽر علامه عمر بن محمد دائودپوٽي ڪتاب جي مهاڳ (افتتاح) ۾ لکيو آهي، “سال 1934ع جي مئي مهيني جو پهريون پک آهي، جو پير جهنڊي جي ڳوٺ وڃڻ جو موقعو مليو. سندس ڪتب خاني جي هر هنڌ هاڪار هئي. . . ڳوليندي ڦوليندي “ابيات سنڌي” جا ٻه جهونا نسخا، شيخ عبدالرحيم گرهوڙيرح جي عربي شرح سان هٿ چڙهيا. مون لاءِ ته غنيمت هئي، جو موتيءَ داڻا ملي ويم. ميان احسان الله شاهه منهنجو ذوق ڏسي اجازت ڏني ته ڀل اهي نسخا پاڻ وٽ تيتر رکو، جيتر اوهان کي ڪم اچن.”
ڊاڪٽر دائودپوٽي ابيات سنڌيءَ جي افتتاح واري حصي ۾ لکيو آهي ته جن عالمن، محققن ۽ احبابن کيس “ابيات سنڌي” جي تاليف لاءِ مواد مهيا ڪري ڏنو، تن ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي، سيد عطا حسين شاهه موسوي، پير سعيد حسن لورائي ۽ دين محمد سومرو شامل آهن.
پروفيسر ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي هڪ وڏو عالم، مفڪر، شاهه جو شارح ۽ “لواريءَ جا لال” ڪتاب جو مؤلف پڻ آهي. ان لواريءَ وارو نسخو ۽ هڪ چؤپڙي دائودپوٽي حوالي ڪئي. ان ۾ ابيات سنڌي سان گڏ “مقاني الحب” جو قصدو اردو نظم سان شامل آهي.
خواجه محمد زمان جي سوانح ۽ ملفوظات جو ماخذ “فتح الفضل” عطا حسين شاهه موسوي پاران ڊاڪٽر دائودپوٽي کي ڏنو ويو.
درگاهه لواري شريف سان وابسته جناب پير سعيد حسن “فردوس العارفين” ۽ “مرغوب الاحباب” ڪتاب ڊاڪٽر صاحب حوالي ڪيا.
ترتيب جي لحاظ کان ابيات سنڌي جي سهيڙ سنڌ جي غير مقلد عالم شهيد عبدالرحيم گروهوڙي عربي شرح سان گڏ ڪئي. ابيات سنڌي جي افتتاح ۾ ڊاڪٽر دائودپوٽو لکي ٿو، “شهيد گرهوڙيرح هڪ باعمل عالم ۽ سچو صوفي هو، جو رياضت جي باهه ۾ پچي پڪو ٿيو هو ۽ جنهن جي رڳ رڳ عشقِ الاهي جي نشي ۾ تار۽ مخمور هئي. اهڙو شخص جيڪڏهن تصوف جا اسرار ظاهر ڪري ته ان جو سُخن ضرور سچ تي ٻڌل هوندو. تنهنڪري شهيد گروهوڙيرح جو پنهنجي ڪامل شيخ خواجه محمد الزمانرح جي بيتن تي شرح لکڻ هڪ وڏي اهميت رکي ٿو.”
هي بيت معنيٰ جا موقتي آهن. هرهڪ ۾ تصوف جا باريڪ نقطا سمايل آهن.
ڇڏيان هي جَهانُ، هُو پڻ گهوري گهوريان،
پَلڪُ پِريان ساڻ، جي مون سَري جيڏيون.
(جيڪڏهن پرينءَ سان منهنجو هڪ پَلُ گڏ گذري ته ان جي بدلي ٻئي جهان گهوري ڇڏيان.)
چئي سگهجي ٿو ته ڪتاب “ابيات سنڌي” خواجه محمد الزمان لواريءَ واري جو تصوف جي رنگ ۾ ريٽيل روحاني رمزن سان ٽمٽار ڪلام آهي، جنهن جو شارح پنهنجي دؤر جو بي نظير عالم، مجتهد ۽ شاعر شيد عبدالرحيم گروهوڙي آهي. جنهن جو مترجم ۽ مؤلف شمس العلماء عمر بن محمد دائودپوٽو آهي. اهو ڪتاب پنهنجي جوهر ۾ ترتيب ۽ تاليف جي لحاظ کان به سنڌي اساسي ادب جو سرمايو ۽ اڻلڀ موتي ئي آهي، جيڪو ترتيب ۽ تاليف جون سموريون ادبي ۽ فني خوبيون سموهي پيش ٿيل آهي.
- لواريءَ جا لال، هوتچند مولچند گربخشاڻي.
- ابيات سنڌي، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو.
- سلطان الاولياء خواجه محمد زمان (هڪ مطالعو)، آزاد قاضي.
- ابيات سنڌي جي ادبي اهميت، مضمون: ڪريم بخش خالد.
- حضرت سلطان الاولياء جو صوفياڻو فڪر، مضمون: ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي.
***