اربع , اپريل 2 2025
sd

آکيرو

  يسرا عباسي

ھوءَ نيري جھرڪي روز صبح ميرانجھڙي کان ئي ڪٿان ڪک، ڪٿان ڪاٺي ميڙي اچي  آڳر تي لٽن سڪائڻ لاءِ ٽنگيل تار تي اھڙيءَ ته مضبوطي سان جوڙيندي ھئي جو اھي ڪوشش سان به ٽٽي نه ٿي سگھيون. کيس ايئن  ڏسندي ڏسندي ڏينھن لنگھي ويندو ھو. ڪنھن ويل ڪم ڪار ڪندي سندس خيال ئي دل تان لھي ويندو ھو ته ڪيڏي مھل وري اچي سگھڙ جھرڪي اھڙي ته تيزئَ مان چين چين ڪندي جو کن پل لاءِ وري ڌيان ڏانھنس ڇڪجي ٿي ويو. اھا ھڪ ٻن ڏينھن جي ڳالھ نه ھئي پر سندس ڪرت ھئي ھر روز صبح سان ئي ڪک ڪانا ميڙي ايندي ۽ انھن کي تار تي جوڙي ڏاڍي سرھي ٿيندي ھئي ايئن کين ڏسي ڏسي خوشيءَ وچان پرڙا ڦھلائي وري وٺي تيزئَ سان چين چين ڪندي ته آڳر ۾ موجود ماڻھو سندس ڪارسازي ڏسيو پيا داد ڏيندا ۽ واھ واھ ڪندي نه ٿڪبا، مور جي کنڀن جھڙي ننڍڙي نيري جھرڪي شاباس وٺڻ کان پوءِ ويتر ڦرتي سان ويندي ڪم ڪندي. کيس نه ھوندي ھئي بک جي فڪر، نه اڃ جي، نه ڪاڙھي ۽ نه گرميءَ جي ڪاڻ. بس ڪک ميڙيندي جوڙيندي خوشي مان پرڙا ڦھلائي اڏامندي وري اچي سامھون آڳر جي ڪنڊ تي ٺھيل ڏاڪڻ جي مٿئين وڏي ٿلھي تي ويٺي انھن رنگ رنگ جي سڪل پنن ڪکن کي اھڙئَ ريت جاچيندي ڄڻ ته ڏاڍي ڏاھپ سان جائزو وٺندي ھجي ۽ وري وٺي  اک ڇنب ۾ اڏامندي ته نظرن کان ئي پري ويندي ھلي، الائي کيس ننڊ به آئي ٿي يا نه!

ٻئي ڏينھن صبح ساڻ وري ساڳي ڪاريگري شروع ڏاڍئَ محنت سان ڦٽل يا غلط لڳل ڪکن کي ڪڍي سولو ڪندي ۽ نوان ڪک لڳائيندي ڄڻ ڪو ماھر انجنيئر پنھنجو وڏي ۾ وڏو شاھڪار جوڙيندو ھجي.

وري جي سندس موجودگيءَ ۾ تار تي ڪير لٽو سڪائڻ يا لاھڻ ايندو ته اھڙي لاڏ مان وٺي چين چين ڪندي جو ڄڻ ته دڙڪا ڏيندي ھجي نيٺ ھن جي محنت رنگ لاتو پندرنھن ڏينھن جي لڳاتار جدوجھد کان پو۽ِ سندس ننڍڙو، ڀورو سگھارو آکيرو جڙي راس ٿيو

ننڍڙي جھرڪي ان سھڻي آکيري کي ڏسي ٽڙيو پئي ٽڙندي ء خوشيءَ م نه ماپندي ھوءَ روز ايندي ۽ ان آکيري ۾ ويھي ڏسندي ته منجهنس اڃان ڪنھن شيء جي کوٽ ته ناھي اھو انڪري جو ڏينھن بيٺي ته نيري جھرڪي ان ننڍڙي آکيري مان منھن ڪڍيو ويٺي سڀني کي نھارييندي پر جيئن سج لھندو ته پاڻ وري اڏامندي ويندي الاھي ته ڪاڏي.

ھڪ ڏينھن موسم ڦيرو کاڌو ۽ سج جي گرميءَ ۾ تتل ڏينھن جھڙ ۽ ھوا ۾ بدلجي ويو آھستي آھستي ھوا زور وٺندي وئي ۽ سج لھڻ جي وقت کان اڳ ئي گھاٽي جھڙ جي ڪري ھر پاسي ڪاراڻ ٿيندي وئي سنھي ڦڙ ڦڙ ھاڻ وڏ ڦڙي جيئان وسي رھي ھئي ۽ ھلڪي ھلڪي ٿڌ ٿي وئي اھو لقاءُ ڏسي ننڍو وڏڙو سڀڪو ويندو گھرن م ٿانيڪو ٿيندو ۽ ماٺ ٿي پئي نيٺ مائي جھرڪي به آکيرو ڇڏي اسھي ۽ اڏاڻي. ساري رات کنوڻ ۽ گجگوڙ سان تيز مينھن وسندو رھيو گھرن ۽ گھٽين ۾ پاڻي بيھي ويو بجلي جي ٿنبن ۽ تارن ۾ ڪرنٽ پيدا ٿيڻ ڪري انساني جانن ۽ مال متاع جو به نقصان ٿيو مينھن بيٺو ته ھرڪو اٿي پنھنجي ڪم سان لڳو نيري جھرڪي به پنھنجا پرڙا سڪائيندي اچي نڪتي ھيڏانھن ھوڏانھن جاچيندي ڄڻ ڪا شئ ڳولھيندي ھجي ھرڪو پنھنجي ڪمن ڪارين ۾ رڌل رھيو جو اچانڪ چين چين چين چين جي آواز تي سڀ اچرج ۾ پئجي ويا خوشي ۾ اڏامڻ واري جھرڪي اڄ حيراني ۽ پريشاني ۾ آڳر مٿان گول گول ڦيرا ڏيندي  رھي تڏھن سڀن جو ڌيان آڳر جي پٽ تي ڪريل تار تي ويو جنھن ۾ ٺاھيل ننڍڙو آکيرو راتوڪي طوفان جي شدت سان ڀڄي ڀري پيو سندس ڪک پٽ تي پکڙيل ھئا ۽ ڪجھ ڪانا تار ۾ ٽنگيل.

ان ڏينھن کان پوءِ ڪيترا ئي ڏيھن نيري جھرڪي روز آڳر جي مٿان ڦيرا ڏيندي ۽ رڙيون ڪندي ڄڻ پنھنجو ڏک اوريندي ھجي انھن ڏينھن کان پوءِ اھا جھرڪي ورلي ڏسبي ھئي پر ايندي ضرور ھئي.

نيٺ پنھنجو ڏک سنڀالي ھن ھڪ ٻئي گھر ۾ آکيرو جوڙڻ چاھيو ته ڪجھ ڏنگن ٻارڙن شرارت ڪندي کيس ٻٽي پٿر ھنيا جن مان ھڪ وڃي جھرڪيءَ کي لڳو، ڪجھ ڏينھن گذرڻ کان پوءِ ھن ڀيري نيري جھرڪي پنھنجي ڏاھپ جو استعمال ڪندي ھڪ آسودي گھر جي ڪنڊ ۾ ڇڄي ھيٺ اچي آکيرو جوڙيو ڏينھن ٻه رھڻ کان پوءِ ان گھر جي ڌڃاڻي ھن ننڍي نيري جھرڪي کي نه سٺو ۽ سندس گھر مان ڌڪاري ڪڍيائين گھر ۾ رونق ۽ سندس ڏيڍ سال جي ٻارڙي لائي جھرڪي ڄڻ ته دوست بڻجي وئي ھئي ھوءَ ڳالھائي ته نه ٿي سگھي پر جھرڪيءَ سان گڏ پاڻ به وتندي چين چين ڪندي، ان سان ھُنَ جي مٿي ۾ سور ٿي ٿيو.  

اھا ننڍڙي، نيري جھرڪي عمر جي آخري حصن ۾ شھر جي گھرن ۾ انسانن جي دنيا ۾ اڃان ھڪ اھڙو گھر پئي ڳولھي جنھن جي ڪنھن ڪنڊ ۾ کيس آکيرو جوڙي ڪجهه وقت سڪون سان گذارڻ ڏنو وڃي.                       .

ھي بہ ڏسو

اربع خطا..

(ڪھاڻي) يار محمد چانڊيو جَهار کي ھڪل ڪندي ھن کانڀاڻي کي زور سان اُڇل ڏني، …