عباس ڪوريجو
چيائين، ‘ تون آڙيڪاپ اديب هوندي به ايترو حقيقت پسند ڇو آهين؟؟’
چيومانس، ‘ مان غريب جي اگهاڙي در تي لڳل ڦاٽل رلي آهيان.’
چيائين، ‘ڪائنات کي ڪيئن پرکيو ۽ لکيو اٿئي؟’
چيومانس، ‘ ڪائنات بي وڙي آهي، هڪ اک تنهن جو وڙ ڳولي ٻيءَ اک کي پسايو آهي.’
چيائين، ‘پيار ڇا آهي؟’
چيومانس، ‘ پيار هن دور جو مها ڪوڙ آهي پر جيئڻ لاءِ اهو ڍونگ ضرور آهي.’
چيائين، ‘ عورت جي باري ۾ تنهنجي ڪهڙي راءِ آهي؟’
چيومانس، ‘ عورت اڌڙ آهي سگريٽ جي ٽوٽي جو، عورت اڌڙ آهي چڪيل انبڙيءَ جو، عورت اڌڙ آهي ڀڳل گلاس جو….. يقين نه اچئي ته دنيا جا اڍائي قلندر ڏس.’
چيائين، ‘ انسانيت جي پوڄا ڇو ڪندو آهين؟’
چيومانس، ‘ جڏهن کان جانور ماڻهو ٿي مذهب پيا قبولين ته مون انسان ٿيڻ شروع ڪيو آهي.’
چيائين، ‘ تون اصل ۾ ڇا ٿو ڪرڻ چاهين؟’
چيومانس، ‘ مان ڪائنات جو اگهاڙو جسم ڏسڻ چاهيان ٿو.’
چيائين، ‘ تون وڏو حرامي آهين؟’
چيومانس،’ منهنجي ماءُ جو نالو مريم آهي.’