خميس , نومبر 21 2024
sd

آخري پنج روپيه

سيف الحق سيف

هوٽل کان ٻاهر نڪتو ته باقاعدي هن جي اکين آڏو انڌاري ڇانئجڻ لڳي، هزار رپين جو هليو وڃڻ جو ڌڪ هن لاءِ وڏو ته نه هو پر مسئلو اهو هو ته هاڻي سکر واپس ڪيئن وڃي؟

هو دوستن کان موڪلائي بس ۾ چڙهيو هو ته هن جو موڊ هڪدم آف ٿي ويو، بس ۾ ڏاڍي رش هئي، سموريون سيٽون ڀريل هيون، جڏهن ته راهداري ۾ به ڪجھه پينسيجر بيٺل هئا، هي به بيٺو رهيو هن جي ڀلائي جو اڳلي اسٽاپ تي گاڏي بيٺي ته هن جي ڀرواري سيٽ تان هڪ همراھ اٿيو۽ لهي ويو، هي تڪڙ ۾ سيٽ تي قبضو ڄمائي ويهي رهيو۽ چڙ مان سوچيو، حالت ڏسو اهڙي بس به هيڏي ڊگھي روڊ تي هلائن ٿا، سيٽون سڄيون کڙڪن ٿيون ، شيشا به ٽٽل ۽ هي هيڏي رش، ويهڻ ته ٺهيو پر بيهڻ جي جڳهھ به ڪانه پوءِ به چڙهندا ٿا اچن هونهن…..

“تون ڇو چڙهين “ ذهن ڄڻ ته چرچو ڪيس.

مون کي ته چڙهڻو ئي هو، سکر مان ڪم جلد اڪلائي واپس به ورڻو آهي ائين سوچيندي ڄڻ هن پاڻ کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش  ڪئي هن جي ذهن ۾ ڪجهھ اڳ وارو منظر ڦري آيو، جو هن جا دوست ويچارا لاڙڪاڻي ايندڙ ۽ سکر ويندڙ ويگن ۽ بس کي بيهڻ لاءِ هٿ ڊگھيري رهيا هئا پر هن جي بدنصيبي جو هر گاڏي ڀريل هئڻ ڪري بيٺي ئي نه، آخر هي کٽارا لوڪل بس ئي هنن جي مقدر ۾ بيٺي، مجبورن کيس چڙهڻ ئي پيو، ڇو جو سکر جلد پهچڻو هيس.

         هو ميروخان تعلقي جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ کان دوستن جي دعوت تي ماهوٽن جي ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ٽن ڏينهن کان آيو هو ۽ دوستن کان موڪلائي سکر پئي ويو، جتي کيس هڪ ضروري ڪم هو.

اف گرمي ته ڪيڏي آهي ڀڻڪيو، پگھر وهي اچڻ سبب آلن ٿيندڙ ڪپڙن کي ڏسندي، افسوس منجھان سوچيائين، سفر ۾ نوان ڪپڙا پائجن ئي نه، سڄو ڪاٽن جو ڪم لهي ويو.

 بس هڪڙي موڙ تي بيٺي ته هڪ همراھ سامان جي ڳنڍ کڻي مٿي تي رکي لهي ويو، اتان ئي هڪ نقاب پوش ڇوڪري چڙهي، هن سان گڏ هڪ ننڍڙو ڇوڪرو به هو، ڇوڪري جا نقاب مان ظاهر ٿيندڙ قاتل نيڻ، گوراهٿ ۽ فيشن ايبل سينڊل مان ظاهر ٿيندڙ نرم ملائم پير ڏسي هن اندازو هنيو ته ڇوڪري ڪافي کان به گھڻي خوبصورت آهي، ڇوڪري جي ڪلهي ۾ شولڊر بينڪ لڙڪيو پئي، منشي ليڊيز سيٽن مان هڪ سيٽ تي ويٺل ننڍڙي ڇوڪري کي اٿاري ان نوجوان ۽ خوبصورت ڇوڪريءَ کي ويهاريوهو هاڻي هن جي ويجھو ئي هئي، جو وچ ۾ صرف راهداري هئي، هي ڇوڪري کي چتائي ڏسڻ لڳو ۽ مرڪندو به رهيو هاڻي هن جي ڪيفيت تبديل ٿي وئي چپن ۾ ڀڻڪڻ لڳوخير آهي گھڻين ئي گاڏين جون سيٽون ائين کڙڪنديون آهن، شيشا به لوھ جا ته ناهن آخر ٽٽي ٿا پون ته انهيءَ ۾ گاڏي وارن جو ڪهڙو ڏوھ، گرمي به اهڙي ناهي، فرحت پئي محسوس ٿئي ٿوري ٿڪي گرمي ته ظاهر آهي ضرور ٿيندي جو ڏينهن مٽيا آهن، سانوڻ اچي پيو، باقي ڪپڙا ته سفر  ۾ هونئن ئي وڃائبا آهن.

          ڇوڪريءَ به هڪڙو دفعو هن ڏي ڏٺوته هن پنهنجي جسم ۾ عجيب قسم جي ٿڌي ۽ وڻندڙ لهر ڊڪندي محسوس ڪئي ڇوڪري جو ڏسڻ هن کي هڪ قسم جي فتح جو احساس ڏياريو، هن کي پنهنجي شخصيت تي ناز ٿيڻ لڳوجو ڪنهن ڪنهن سمي ڇوڪري هن طرف نهاريو پئي، دل چاهيس جيڪر کيسي مان آئينو ڪڍي پنهنجي روپ  جوجائزو وٺي پر ڀريل بس ۾ آئينو ڪڍي پنهنجي روپ جو جائزو وٺڻ هن کي عجيب ۽ عيب ناڪ لڳو، چاهيندي به ائين ڪري نه سگھيو،  هوندي به سوچيندو پنهنجو پاڻ کي مطمعن ڪرڻ لڳو،  اهڙو ويل ٿورئي آهيان گھڻن هينڊسم ماڻهن کان ته هينڊسم آهيان وارن جو اسٽائيل به فلمي هيرن جھڙو آهي ۽ ها شيو به ته تازي ڪرائي اٿم، تنهن ڪري سهڻو ته لڳندو ئي هوندس.

             وارن کي هٿ سان ٺاهيندي سوچيائين باقي وارن ۽ چهري تي ته دز پئجي وئي هوندي ته اها به بري نه لڳندي هوندي، ٺهندي هوندي آخر دز به ڪنهن جي ڪشش آهي، جڏهن  اها وارن ۽ چهري تي پئي ٿي.

            ڇوڪري هڪ دفعو وري هن طرف ڏٺوهن کي وري هڪ خوشگوار احساس ٿيوان کان اڳ ۾ ئي جو ڪجهھ سوچي يا اندازو هڻي منشي ڪرايو وٺڻ آيو، کيسي مان ٻٽون ڪڍي هزار جو نوٽ منشي جي هٿ ۾ اهڙي نموني ڏنائين ڄڻ ڪنهن فقير کي خيرات ڏيندو هجي، سوچيائين ڇوڪري جو ڪرايو به ڀري ڇڏيان؟ نٿو ڀريان…. ڀريان ته ڪهڙي لحاظ کان؟ ٻيو ته ڇوڪري به لازم انڪار ته ڪندي پر ٿي سگھي ٿو ڇنڊ پٽي، عزت جو ڪٻاڙو ڪري ان لاءِ ڇڏينس، نه ٿو ڀريان…. “

”ڀائو هڪڙو؟“

”ڪاٿي؟“منشي جي آواز تي ڇرڪي مختصر وراڻيائين”ها، هڪڙو سکر. “

”ٺيڪ آهي، کليا ڪونهن، ٿيا ته پوءِ ڏيان ٿو بقايا  “ منشي ائين چوندي اڳتي وڌي ويو.

هو وري ڇوڪري کي چتائي ڏسڻ لڳو، دل ۾ عجيب خيال آيس. ”ڪاش سفر نه کٽي. گاڏي هلندي رهي ۽ مان ڇوڪريءَ کي ڏسندو رهان.“

       ڇوڪري به هن کي ڏسندي جھولي ۾ رکيل شولڊر بيگ کوليو ۽ پين پنو ڪڍي لکڻ لڳي، پين واپس بئگ ۾ رکي، پنو ويڙهي سيهڙي هن طرف اڇلي ڇڏيو، جيڪو هن جي پيرن وٽ ڪريو. هن پهرين پيرن وٽ ڪريل پني کي ڏٺو پوءِ ڇوڪري کي.

      هن کي ڇوڪري جي انهي حرڪت سان دلي خوشي پهتي. هن غير محسوس نموني ماڻهن جو جائزو ورتو، ڪي ڪي پنهنجي ڌن ۾ گم هيا ته ڪي ڪچهري ۾، جھڪي ويڙهيل سيڙهيل پنو کڻي ورتائين.

       بس بيهي رهي هئي” مدئجي… مدئجي وارا لهي وڃو “ منشي جي آواز تي مسافرن ۾ چرپر پيدا ٿي، ڪجھه مسافر لٿا، جن ۾ اها اجنبي خوبصورت مهربان ڇوڪري به ننڍي ڇوڪر سوڌو لهي وئي،  مهربان انهي ڪري جو  هن تازو پني تي ڪجھه لکي ڄڻ ته مٿس مهرباني ڪئي هئي “ هن تڪڙ ۾ پنو کولي ڏٺو ته هڪ نمبر لکيل هو جيڪو يقينن فون نمبر ئي هيو؟

”ڇا آهي ان جو مطلب؟“پاڻ کان سوال ڪيائين.

مطلب صاف آهي ڇوڪري رابطو چاهي ٿي ”پاڻ ئي جواب ڏنائين“ ته پوءِ ڇا ڪيان؟ “

”لهي ٿو پوان سکرکڻي پوءِ ئي وڃبوتڪڙ ۾ سيٽ تان اٿي گاڏي مان لهي پيو ۽ انهي اجنبي مهربان ڇوڪري جي تلاش ۾ نظرون ڊوڙايائين ته هو کيس هڪ چنگچي ۾ ننڍي ڇوڪر سميت نظر آئي انهي کان اڳ ۾ جو هي ڪو تڪڙو قدم کڻي چنگچي اسٽارٽ ٿي دونهون ڇڏيندين رش مان ٿيندي هڪ گھٽي ۾ غائب ٿي وئي.

”هلي وئي“ مايوسي مان ڀڻڪيو.

مٺ ۾ بند ٿيل ڪاغذ کي ڏسندي، پنهنجو پاڻ کان پڇيائين. ”هاڻي ڇا ڪيان؟“

”خير هاڻي لٿو آهيان ته ڏسندو ٿو هلان، ڇا ٿو ٿئي؟ اهڙا  ايڊوينچر ڀاڳ وارن کي ئي ملندا آهن؟“

”في الحال سامهون واري هوٽل تان چانهه ٿو پيئان، تيسين ڪلاڪ اڌ ٽائيم گذري به ويندو ۽ هوءَ به گھر پهچي ويندي. مون کي هونئن به لهندي ڏٺو هئائين سو فون جو انتظار ڪندي ئي ڪندي ، سوچيندي سامهون واري هوٽل ۾ گھڙي پيو. بينچ تي اڃا ويٺو ئي مس جو تڪڙو بيرو تڪڙ جا سمورا رڪاڊ ٽوڙيندي پاڻي جو پلاسٽڪ وارو جڳ ۽ گلاس کڻي اچي مٿان بيٺس، پاڻي پي،  بيري کي خالي گلاس واپس ڪيائين ته بيرو واپس هليو ويو ۽ ايتري تڪڙ ۾ چانهھ به کڻي آيو.

       چانھه جون سڪيون ڀرڻ سان سان گڏ ٽي وي تي فلم به ڏسندو رهيو، اتفاق سان فلم جي ڪهاڻي به اهڙي نوجوان ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي هئي، جيڪي پهرين رانگ نمبر ذريعي رابطي ۾ اچن ٿا ۽ پوءِ روبرو به ملن ٿا، ائين ٻنهي جي محبت ٿي وڃي ٿي. هن کي ائين محسوس ٿيو ته اها فلم نه هجي هن جي باقي زندگي جو نتيجو هجي.” واھ فون ۾ اهي مزا ۽ فائدا آهن“ هن خوش گوار انداز ۾ سوچيو ”فون زنده باد“.

مني ڪلاڪ کانپوءِ هن اٿڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اچي ڪائونٽر تي ويٺل هڪ سيٺ نما شخص کي پيسا ڏنا ته هن کي زبردست قسم جو ذهني جھٽڪو لڳو، ته کيسي ۾ سندس اهي ئي ڏھ رپيا آهن ، بقايا پيسا ته منشي کان وٺڻ ئي وسري ويا.“ هن پريشاني مان سوچيو.

منهن تي پگھر تري آيس جنهن کي تڪڙ ۾ هٿ واري رومال سان اگھيائين ته وري تيزي سان وري ٻيهر پگھر تري آيس.

”ڇاهي ڀائو خير ته آهي؟ ها هي وٺ بقايا پنج روپيا. سيٺ باقي پنج روپيا واپس ڪندي همدردي مان پڇيس ته هن پنج روپيا وٺي مئل اندازسان کيسي ۾ هٿ وڌا ۽ ڊنل لهجي ۾ چيو.”نه خير آ، بس گرمي رڳو شدت سان پئي محسوس ٿئي“.

هو هوٽل کان ٻاهر نڪتو ته باقاعدي  هن جي اکين آڏو انڌاري ڇائنجڻ لڳي، هزار روپين جي هليو وڃڻ جو وڏو ڌڪ نه هو هن لاءِ مسئلو اهو هو ته هاڻي سکر ڪيئن وڃي؟ يا واپس ڪيئن ٿي؟ جڏهن ته کيسي ۾ صرف اهي پنج روپيا هئس.

”اوڌرا پيسا وٺان، ڪنهن کان؟“پهريون خيال آيس.

”پنان؟“ٻيو خيال آيس.

پنان ته سهي پر ماڻهو ڪٿي ٿا پيسا خيرات ۾ ڏين. سو به مون جھڙي ڪاٽن پاتل شخص کي، دوکي باز سمجھي ڌڪا ته ڏيندا پر پيسا هرگز نه ڏيندا.

مايوسي ورائي ويس، پريشاني مان سوچيائين”واچ يا سوني منڊي ڪانهي  جو کپائي ڪم ڪڍان ها.“

”بس ائين ئي ٿو ڪنهن گاڏي ۾ چڙهي پوان؟“ نئون خيال آيس، خيال ايندي ئي هن کي بنا ڪرائي وارن سان ٿيل تعديون ياد آيون. منشي ڪيڏي تذليل ڪندا آهن، ڳلي کان وٺي ڌڪا ڏئي لاهي ڇڏيندا آهن، بنا ڪرائي وارن کي ماڻهو به ڪيئن نه ٽوڪ سان ڏسندا مرڪندا ۽ طنز ڪندا آهن. سوچيندي ڀڻڪيو.

”ڇڏينس، کڏ ۾ هڻينس، ائين نه ٿو چڙهان، خوامخواھ ٿيندي بي عزتي.“

”ڪاش جادو ٿي هجي ها ته ڪيولي ٿي ڪنهن بس يا ويگن ۾ چڙهان ها ۽ منشي جي نظر ۾ به نه اچان ها. خير نظر اچان ها ته به منشي ڇا ڪري ها؟ هڪ ڪيولي کان ڪرايو ته ڪو نه وٺي ها، پکي به نه ٿيان ها متان ڪو شڪاري ماري وجھي ها، ها باقي مان بيٺل ويگن ۾ دريءُ پاسي ويٺل مائي جي نڪ جو ڪوڪو ٿي مائي سان گڏ سفر ڪندو وڃي ماڳ پهچان ها.“

”اڙي، هي مان ڇا ٿو سوچيان، خوامخوهه جون سوچون، ڪهڙو فائدو ائين ٿو سوچيان، ڪٿي چريو ته ڪو نه پيو ٿيان؟“

”نه چريو ڇو ٿيندس“؟ سياڻو ته آهيان؟ اوچتو هن کي انهيءَ اجنبي ڇوڪري جو خيال اچي ٿو، جنهن کي هو پريشاني ۾ وساري چڪو هو.

”اڙي واھ، اها اجنبي مهربان ڇوڪري جو آهي، خوشيءَ مان هڪلي نڪري ويس، تڪڙ ۾ مٺ ۾ بند فون نمبر واري پني کي ڏٺائين، جيڪو ڪافي دير مٺ ۾ بند رهڻ سبب پگھرجي ويو هو، پر ڊٿو ڪو نه هو، جو فون نمبر مس واري پين بدران بال پوائنٽ پين سان لکيل هو، ٻئي لمحي هن جي  خوشي هلي وئي هن تي وري مايوسي طاري ٿيڻ لڳي، پر انهيءَ اجنبي ڇوڪريءَ کان پيسا گھران ڪيئن گھران، هن سان هي پهريون رابطو هوندو ۽ پهرين ئي رابطي ۾ اهڙي فرمائش عجيب ته آهي، پر خراب به آهي ته وري شرمساري به، ڇا سوچيندي لالچي ڪريل ذهنيت جو مالڪ يا احمق، هو ائين سوچيندي هن پنهنجو پاڻ کي دلجاءِ ڏني، يقين ڪري وٺندي خير يقين ڪري به وٺندي ته پيسا ڏيندي ڪيئن، ظاهر آهي فون ذريعي ڏئي ته ڪو نه سگھندي نه؟“

سوچيندي هن جي پريشاني وڌڻ لڳي، پگھر ته هونئن به جاري هيس نرڙ تان پگھر آڱر سان روڊ تي ڇاڻيندي ڀڻڪيو،” مري ويس اجايو عشق جي ايڊوينچر ۾ پيس عشق ويچاري مجنون ۽ رانجھي کي ته رلايو ئي رلايو پر ٻين گھڻن جا به لاھ پاڙئون ڪڍي ڇڏيائين، اجھو هي مونسان گھٽ حالت آهي ڇا، نه هيڏانهن جو رهيس نه هوڏانهن جو رهيو آهيان، نه سکر ٿو وڃي سگھان نه واپس ٿو موٽي سگھان.

     روڊ جي وٽ سان هلندي سوچيندي رهيو، ”رڳو ايترا ڏوڪڙ هجن جو دوستن تائين واپس پهچي پوان، بعد ۾ اهي ڪم کي کڻي وٺندا، پر ايترا پيسا ڏيندو به ڪير؟ آخر ڇا ڪيان؟“ مٿي کي هٿ ڏئي هڪ جاءِ ڇانو ۾ پيل هڪ پاڇي تي ويهي رهيو ۽ هيٺ ليڪا پائڻ لڳو.

  ”ڪيان ٿو فون ان اجنبي ڇوڪري کي، ڳالهائيندي ڪنهن هنڌ مناسب لفظن ۾ پنهنجي مجبوري ٻڌائيندو مانس، پوءِ هوءَ ضرور ڪو نه ڪو دڳ ڪڍي وجھندي، ٿي سگھي ٿو پنهنجي ان ننڍي ڇوڪري سان يا ان کان ٻي ڪنهن وڏي ڇوڪري سان ڏوڪڙ موڪلي، ائين به ته ٿي سگھي ٿو ته هوءَ پاڻ ئي ڪنهن اهڙي هنڌ ملڻ اچي، ضرور ايندي تڏهن ته فون نمبر ڏنو اٿائين“.

   هن جي مايوس مک تي خوشي تري آئي، مرڪي پيو، ان اجنبي ڇوڪريءَ سان ملاقات جو تصور ئي هن کي عجيب ۽ سحر انگيز محسوس ٿيو.

هو اٿي پيو ڪنهن پي سي او جي تلاش ۾، ٿورو اڳتي هلي هن کي هڪڙو پي سي او نظر اچي ويو، هلندو اچي پي سي او ۾ گھڙي، همراھ کي نمبر ملائڻ لاءِ چيائين نمبر ملي ويو ته رسيور وٺندي چيائين،”پليز توهان ٿورو ٻاهر وڃون..“

پي سي او وارو همراھ ٻاهر نڪري ويو ته هن رسيور ڪن سان لڳايو.

  ”هيلو“ پريان ڇوڪري جو نرم ملائم آواز آيو، يقينن هيءَ اها ئي بس واري ڇوڪري هئي، هن ڳيت ڏئي ڳلو آلو ڪندي چيو،”هيلو“.

”اوهان شايد بس…. “

جي جي مان اهو ئي آهيان“ هن ڇوڪري جو جملو ڪٽيندي چيو ته پريان ڇوڪري ڳالهايو.

”اوهان کي شرم ڪونهي ڇا؟“

”ڇا؟“ پهرين ته ڪجھه سمجھه ۾ نه آيس پر جڏهن سمجھيو ته ڪنن جون پاپڙيون گرم ٿيندي محسوس ڪيائين. ناسون به ڦڙڪڻ لڳس، ڇوڪري ڳالهائيندي رهي.”لڳي ٿو ته اوهان بي حيا قسم جا ماڻهو آهيو جو بس ۾ چڙهندڙ ڇوڪريءَ کي ائين پي گھوريو ڄڻ اها ڪنهن ٻي سِياري جي مخلوق هجي، مون اوهان کي ڇنڊ پٽڻ لاءِ هر هر ڏٺو پئي پر وري خاموش ٿي رهيس، اهو سوچي ته عزت منهنجي ئي ويندي، ڇوڪريون بس ۾ سفر ڪرڻ لاءِ چڙهنديون آهن نه ڪي عشق ڪرڻ لاءِ، ائين ڪو اوهان جي ڀيڻ کي. ڇوڪري جي ڳالھه جاري ئي رهي هئي جو هن خاموشي سان رسيور رکي ڇڏيو ۽ پگھر ۾ شل، پي سي او کان ٻاهر نڪري هلڻ لڳو ته پويان پي سي او مالڪ سڏ ڪيس.

”ڀائو پيسا ته ڏيو وڃو نه…. ؟“ هن کان آخري پنج روپيه به هليا ويا.

ھي بہ ڏسو

فقير جو پِڙُ

(ڪھاڻي) ضراب حيدر ورهاڱي کان ٽيھارو ورهيه پوءِ جي ڳالهه آهي، جڏهن شاهي بازار واري …