آتم ڪٿا جو هڪ باب
امر جليل
جنهن ڏينهن لڇمڻ گذاري ويو هو، تنهن ڏينهن منهنجي وجود جو هڪ حصو هيءُ جڳ ڇڏي هليو ويو هو. مون سان ايئن ٿيندو رهيو آهي. مڪمل طرح هيڪلي زندگي گذارڻ کان پوءِ به مان ماڻهن، مقامن، موجوده ۽ پراڻن آثارن، ماڳن، خوشبوءِ ۽ موسيقيءَ سان جڙيل رهندو آهيان. اهي منظر منهنجي وجود جا عنصر آهن. جنهن ڏينهن قمر شهباز هيءُ جڳ جهان ڇڏي هليو ويو هو، تنهن ڏينهن منهنجي اندر ۾ گهڻو ڪجهه مون کان ڌار ٿي هليو ويو هو. طارق اشرف کي هيءَ ڀونءِ ڀانءِ نه آئي، اڏري ويو. ان ڏينهن منهنجي زندگيءَ جو هڪ دور پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتو.
آتم ڪٿا جي مختلف بابن ۾ مون ڪڏهن سڌيءَ طرح ۽ ڪڏهن اڻ سڌيءَ طرح قمر شهباز ۽ طارق اشرف جو ذڪر ڪيو آهي، ۽ آئينده به ڪندو رهندس، پر مون پنهنجيءَ آتم ڪٿا ۾ اڄ تائين لڇمڻ ڪومل جو ذڪر نه ڪيو آهي. ان جي برعڪس لڇمڻ ڪومل پنهنجي آتم ڪٿا جي ٽن جلدن ۾ ڪٿي نه ڪٿي منهنجو ذڪر ڪندو رهيو آهي. مان سندس ٿورائتو آهيان. مان رُکو، هيڪلائين جو هيراڪ، سندس قرب ۽ گرمجوشيءَ جي موٽ ايڏي پاٻوهه سان ڏيئي نه سگهيو هوس. اسان ٻنهيءَ جي وچ ۾ واضح نموني محسوس ٿيندڙ، پر نظر نه ايندڙ وڇوٽي هئي. اهڙي ئي قسم جي وڇوٽي منهنجي ۽ قمر شهباز جي وچ ۾ عمر جي پوئين حصي ۾ پيدا ٿي پيئي هئي. لڇمڻ، عمر ۾ مون کان ست اٺ مهينا وڏو هو، پر منهنجي آڏو نه ڇڪيندو هو سگريٽ ۽ نه پيئندو هو شراب. ٻنهي عادتن جو محتاج هو. سگريٽ ۽ شراب کان گهڻو وقت پري رهي نه سگهندو هو، تنهن ڪري وقفن وقفن سان مون سان ملندو هو. ڊگهو وقت مون سان گذاري نه سگهندو هو، ٻنهي عادتن جي ٻاڙ ماري وجهندي هئس. انهن ٻنهي عادتن کان پنهنجي پتا آڏو به آر نه ڪندو هو، هن جي آمهون سامهون شراب پيئندو هو. مون کان ڇو حجاب ڪندو هو، اِها ڳالهه اڄ تائين مون کي سمجهه ۾ نه آئي آهي. حجاب ڪندو هو؟ احترام ڪندو هو؟ پر، ڇو ڪندو هو؟
سمجهائيندو هومانس، زور ڀريندو هومانس ته يار! تون منهنجي سامهون دل کولي پيءُ بلڪه انگريزي پهاڪي چواڻي مڇيءَ وانگر پيءُ. سگريٽ ڇِڪ، سُوٽا هڻ، بي معنيٰ احترام جي ڀت ڪيرائي ڇڏ. پر، هن ايئن ڪڏهن به نه ڪيو. اهو معمو، ڪنهن ڳجهارت وانگر مان سَلي نه سگهندس. اڌ رات تائين شراب پي، ٽُن ٿي، دهليءَ مان مون کي فون ڪندو هو. ڪڏهن فون کڻندو هومانس ۽ ڪڏهن نه. ڪنهن ڪنهن مهل رُکو ڳالهائيندو هومانس. سمجهندو هيم، لڇمڻ وري ٻيهر مون کي فون نه ڪندو، پر مون کي غلط ثابت ڪرڻ لاءِ هن ڪڏهن به فون تي رابطو رکڻ نه ڇڏيو. ايندي ويندي هٿان ڪونه ڪو ڪتاب موڪليندو هو. گهڻو ڪري انگريزي ڪتاب موڪليندو هو. ڪتاب جي اندرئين صفحي تي لکندو هو “پياري امر لاءِ” اڄ جڏهن لڇمڻ هن دنيا ۾ نه آهي، مان شدت سان محسوس ڪري سگهان ٿو ته لڇمڻ ۽ منهنجي وچ ۾ ڄڻ ڪو پراسرار تعلق هو، ڪو ٻنڌڻ هو، ڪو رشتو هو، ڪو ناتو هو، جنهن جي سمجهاڻي نه مون وٽ آهي، ۽ نه لڇمڻ ڪومل وٽ هئي. جڏهن به سنڌ ايندو هو، تڏهن وقت ڪڍي، ڪيئن به ڪري مون سان ڪلاڪ ڏيڍ کن لاءِ ضرور ملندو هو. ان دوران اڻ ٿانئيڪو ۽ بيچين رهندو هو. انهن سان ڏاڍو ٿانئيڪو ٿيندو هو، جن سان گڏ ويهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ پيئندو هو. مان نه ڪنهن جي ڳچيءَ ۾ پوندو آهيان ۽ نه ئي ڪنهن کي پنهنجي ڳچيءَ ۾ پوڻ ڏيندو آهيان. مان شخصي آزاديءَ جو احترام ڪندو آهيان ۽ مان اميد رکندو آهيان ته ٻيو شخص پڻ منهنجي شخصي آزاديءَ جو احترام ڪندو. لڇمڻ ۽ مون هڪٻئي جي شخصي آزاديءَ جو احترام ڪيو هو، سواءِ ميڊيا ۽ ادب سان وابسته هئڻ جي، اسان ٻنهي ۾ ڪجهه به هڪجهڙو نه هو. پر، تنهن هوندي به اسان ٻئي اڌ صديءَ کان مٿي، سٺ سالن تائين ڏاڍي پاٻوهه، ڏاڍي پيار، ڏاڍي عزت سان هڪٻئي کي ياد ڪندا رهندا هئاسون. اِهو سڀ ڪجهه ان ڪري ممڪن ٿي سگهيو هو جو اسان ٻئي هڪٻئي جي شخصي آزاديءَ جو احترام ڪندا هئاسين. زندگيءَ طرف هڪٻئي جي رجحانن کي سمجهي سگهندا هئاسين. ڪمال جو ماڻهو هو لڇمڻ. نفيس، ڏاڍو نفيس هو. ڪيترن ئي ماڻهن منهنجي نالي ۾ لڇمڻ سان ٺڳي ڪئي هئي. سنڌ مان سنڀري هندستان گهمڻ ويندا هئا، وڃي لڇمڻ کي منهنجا سلام ڏيندا هئا. ڪي ته وٽس گهر ۾ رهي پوندا هئا. ڪي ڄڻا ڪوڙ ڳالهائي ته سنڌ پهچڻ شرط توکي اوڌر موٽائي موڪلينداسين، کانئس ڪڏهن ڏهه هزار، ڪڏهن ويهه هزار، ڪڏهن ٽيهه هزار، ڪڏهن چاليهه هزار روپيا وٺي گم ٿي ويندا هئا. اشراف ورهين جا ورهيه ڪڏهن به مون سان ٺڳيءَ جي ڳالهه نه ڪئي. پوءِ جڏهن اتفاق سان ڳالهه کلي پيئي ته لڇمڻ ٺڳين جو سربستو احوال ڏنو، پر نالو ڪنهن جو ظاهر نه ڪيائين. ان کان پوءِ خبردار ٿي پيو، ڪنهن به ٺڳ کي ويجهو اچڻ نه ڏنائين.
باقي سنڌ جي مفت خور شرابين سان وچن ويڙهيچن وارو ڪري ڇڏيو هئائين. انهيءَ ۾ ڪي ته اهڙا به هئا جن جو ادب سان ڪنهن به قسم جو واسطو نه هو. انهن کي جٿن ۾ گهرائي سنڌي ساهت سڀا جي سرڪاري خرچ تي هندستان جو خوب سير ڪرايائين. سنڌ ايندو هو ته ازل جي اڃايلن لاءِ سوٽ ڪيسن ۾ ولايتي شراب جون بوتلون ڀري ايندو هو. پاڪستان ۾ ولايتي شراب فقط وي وي آءِ پي(VVIP) پي سگهندا آهن، دٻائي پيئندا آهن، ۽ اسان تي حڪومت ڪندا آهن. باقي موکيءَ جا متارا ٺري ۽ ڪچي شراب تي گذران ڪندا آهن. لڇمڻ جي اُسهڻ کان پوءِ هاڻي ڏسجي ته ڪير ٿو هندستان مان اچي ولايتي شراب سان سندن اُڃ اُجهائي! لڇمڻ جهڙو مولائي مڙس کين ورلي ملندو.
مون کي سن، سال، مهينو، ڏينهن ۽ تاريخ ياد ناهي، جڏهن لڇمڻ ۽ مان پهريون دفعو لهه وچڙ ۾ آيا هئاسين. اڻويهه سئو ٻاهٺ (1962) ۾ بمبئي مان شايع ٿيندڙ رسالي ڪونج طرفان سنڌ-هند ڪهاڻي چٽاڀيٽي ڪرائي ويئي هئي. ڪونج رسالي جو ايڊيٽر هوندو هو درويش صفت انسان هري موٽواڻي. چٽاڀيٽيءَ جو ڪُڻو فقير جي نالي نڪتو هو. ڪونج جي ڪُڻي پڙهندڙن جو ڌيان مون ڏانهن ڇڪايو. هندستان مان شايع ٿيندڙ ڪجهه رسالن جي ايڊيٽرن سان مون رابطو ڪيو. مون کين ڪهاڻيون موڪلڻ شروع ڪيون. ڪچيون، ڦڪيون، ابتيون سبتيون ڪهاڻيون جن ۾ نه هوندي هئي شروعات ۽ نه هوندي هئي پڄاڻي. ان قسم جو اسلوب ايڊيٽرن کي وڻي ويو. ويا شايع ڪندا ۽ پوءِ پڙهڻ وارن وٽان خطن اچڻ جو سلسلو شروع ٿيو. روزانو ٻه چار خط ايندا هئا. ٻن چئن مان وڌي ٿيا پنج ڇهه خط روزانو. سال کن کان پوءِ ڏهه پندرهن خط روزانو اچڻ لڳا. ان زماني ۾ نه هوندي ئي انٽرنيٽ، نه اِي ميل، نه ايس ايم ايس، فقط خط رابطي جو ذريعو هوندا هئا. هڪڙي ڏينهن دهليءَ مان موڪليل وڏو لفافو مليو. ٽائيمز آف انڊيا جو نمايان مونوگرام ۽ نالو ڏسي تعجب ٿيو. لفافو کوليم، ٻه تصويرون ۽ هڪ خط لفافي مان نڪتو. خط ۾ هٿ اکر تمام سهڻا ۽ لفظ روانيءَ وارا هئا. اهڙي نِج ۽ سليس سنڌيءَ ۾ لکيل خط مون کي پهريون ڀيرو مليو هو. خط لکڻ واري جو نالو ڏٺم – لڇمڻ ڪومل. خط شروع ڪيو هئائين، “پيارا امر”، سان. آخر تائين لڇمڻ اِهو اسلوب قائم رکيو هو. ڪجهه عرصو اڳ دهليءَ مان انگريزي ڪتاب موڪليو هئائين، “اي مونڪ هو سولڊ هِز فراري”. ڪتاب جي پهرئين پني تي سال اڳ وارو اسلوب قائم رکيو هئائين – “پياري امر لاءِ”. خط ۾ منهنجي ڪچين ڦڪين ڪهاڻين جي واکاڻ کان پوءِ پنهنجو تعارف ڪرايو هئائين – شاعري ڪندو آهيان – ڊراما لکندو آهيان، مضمون لکندو آهيان – ٽائيمز آف انڊيا جي ايڊيٽوريل اسٽاف ۾ سب ايڊيٽر آهيان – جرنلسٽ آهيان. هڪ تصوير سندس پورٽريٽ هئي، ٻي تصوير ۾ هو پنهنجي آفيس ۾ وڏيءَ ميز آڏو ويٺو هو. هڪ هٿ سان ڪن تي ٽيليفون جو رسيور رکيو هئائين ۽ ٻئي هٿ جي آڱرين ۾ سگريٽ هئس. اتان شروع ٿيو هو اڌ صديءَ کان ڏهاڪو کن سال مٿي اسان جي پُراسرار دوستيءَ جو سفر. ٻه شخص جن جو زندگي ۽ معاشري طرف رويو هڪ ٻئي کان بنهه ابتڙ هو، سٺ سال لاڳيتو رابطي ۾ رهيا. هڪٻئي جي پل پل کان واقف رهيا.
اڻويهه سئو اٺهٺ ڌاري هندستان ۾ لڇمڻ جو هڪ ڊرامو اسٽيج ٿيو هو. ڊرامي جو عنوان هو، “جڏهن مان نه هوندس”. انهن ئي ڏينهن ۾ مون انقلاب لاءِ سرگردان هڪ سرڪش باغيءَ جي باري ۾ ڪهاڻي لکي هئي. ڪهاڻيءَ لاءِ مناسب عنوان نه پئي مليو. مون لڇمڻ کي لکي موڪليو، اجازت ڏي ته تنهنجي اسٽيج ڊرامي جو نالو “جڏهن مان نه هوندس” کي پنهنجي ڪهاڻيءَ جي عنوان طور رکان. هڪدم لکي موڪليائين، منهنجي لاءِ خوشيءَ جي ڳالهه آهي. مون پنهنجي ڪهاڻيءَ جو نالو رکيو، “جڏهن مان نه هوندس”. مون کي چڱيءَ طرح ياد ناهي، پر سمجهان ٿو ته اُها ڪهاڻي سهڻي رسالي يا ڪتابي سلسلي ۾ شايع ٿي هئي. ٻن سالن کان پوءِ اڻويهه سئو ستر ۾ منهنجين ڪهاڻين جو ٻيو ڪتاب ساڳئي عنوان سان شايع ٿيو هو – “جڏهن مان نه هوندس”. انهن ڏينهن ۾ مان گهڻو ڪري هندستان جي سنڌي رسالن ۾ شايع ٿيندو هوس. جڏهن به ڪهاڻي شايع ٿيندي هئي، لڇمڻ هڪدم ڪهاڻيءَ تي پنهنجو رايو لکي موڪليندو هو. منهنجيون رواجي ۽ رد ڪرڻ جهڙيون تحريرون پڙهي الاءِ ڇو اچرج ۾ پئجي ويندو هو. مون کي ٻي ڪا مخلوق سمجهندو هو. مون سان ڏاڍو پيار ڪندو هو، پر ان کان وڌيڪ منهنجو احترام ڪندو هو، ۽ مانُ ڏيندو هو. ايئن ڪندي، مون کي حيران ڪري وجهندو هو. ڪنهن ڪنهن وقت مون کي محسوس ٿيندو هو ته لڇمڻ کي مون کان ڀؤ ٿيندو هو. ڀَوَ جو ٻيو ڪارڻ ته مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي، پر انومان آهي ته هُو منهنجو انت لهڻ جي ڪوشش ڪندو هو، پر لهي نه سگهندو هو. مون کي ڪا پُراسرار شيءِ سمجهندو هو – جِنُ، ڀوت ۽ Freak سمجهندو هو. شراب جو شيدائي هو. شروعاتي دور ۾ مون کي ڪٽر شرابي سمجهندو هو. مون کي عورتن ۽ سيڪس جو شوقين سمجهندو هو. جيئن ته جوانيءَ واري دور ۾ مان فلم، ٽيليويزن، ريڊيو، رسالن ۽ اخبارن لاءِ لکندو هوس، تنهن ڪري لڇمڻ مون کي ڌنوان ۽ دولتمند سمجهندو هو. پوءِ، وقت گذرڻ سان هو جيئن جيئن منهنجي ويجهو ايندو ويو، تيئن تيئن تجسس وڌندو ويو. انيڪ دفعا سڌيءَ طرح ۽ اڻ سڌيءَ طرح پنهنجي تجسس جو اظهار ڪندي پڇيو هئائين: نه پڙهين نمازون، نه رکين روزا، نه پين شراب، نه شباب! تون ڪير آهين؟ ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهين؟ ماڻهو آهين يا ٻيو ڪجهه آهين؟ پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لڇمڻ ان ڳالهه جو اظهار ڏاڍي شانائتي نموني ڪيو آهي – پاڻ کي بُرو ڀلو لکڻ کان پوءِ هن مون کي ڏاڍو پڏايو آهي. بنان ڪنهن مروت جي اعتراف ٿو ڪريان ته مان لڇمڻ جي واکاڻ لائق نه آهيان. مان شراب ان لاءِ نه پيئندو آهيان جو مان زندگيءَ جو هر پل پوري هوش حواس ۾ گذارڻ چاهيان ٿو. چوندا آهن ته ماڻهو شراب پيئڻ کان پوءِ سچ ڳالهائيندو آهي، اِها ناقص راءِ آهي. اُهو سچ ئي ڪهڙو جيڪو شراب پيئڻ کان پوءِ بيهوشيءَ ۾ ڳالهائجي. وٺ پڪڙ ٿئي ته نشي ۾ هئڻ جو بهانو بنائي جند ڇڏائجي. سچ اُهو، جيڪو پوري هوش حواس ۾ ڳالهائجي – سچ ڳالهائڻ جي نتيجي ۾ انجام جي پوريءَ ريت پروڙ هجي. لڇمڻ جو ڪمال اِهو هو، جو هو شراب پيئڻ کان اڳ ۽ شراب پيئڻ کان پوءِ به سچ ڳالهائيندو هو. پنهنجي سيڪس لائيف جو بنان ڪنهن حجاب جي ذڪر ڪندو هو. چوندو هو، تون هندستان اچ، مان توکي کاجوراءِ وٺي هلندس، جتي عورتون اهڙي مالش ڪنديون آهن جو صدين جا ٿَڪ لهي ويندا آهن، ۽ چارئي طبق روشن ٿي پوندا آهن. منهنجي هندستان وڃڻ کان اڳ ئي لڇمڻ کي پروڙ پئجي ويئي هئي ته گهڻو اڳ، جوانيءَ ۾ ئي مون سيڪس کان تياڳ وٺي ڇڏيو هو – جوڳ وٺي ڇڏيو هو. مان ٻه ڀيرا هندستان ويو آهيان. ٻنهي دفعي لڇمڻ ڪڏهن به مون کي مساج پارلر يا ان قسم جي ڪنهن هنڌ هلڻ جي آڇ نه ڪئي. مان هڪ دفعي روز پيٽل هوٽل مُمبئي ۾ رهيل هوس. خاص منهنجي ڪري دهليءَ مان مُمبئي هليو آيو هو. نند جويريءَ سان سندس فليٽ تي رهيل هو. هڪڙي ڀيري ملڻ آيو ته ٿورو ٿورو ٽُن هو. مون کي هن سان ڀڄنن جون سيڊيون ۽ ڪيسيٽ وٺڻ لاءِ شهر وڃڻو هو. چيائين، ڳالهه ٻڌ – توکي ڪيسيٽ ۽ سيڊيون مان وٺي ڏيندس. کيس سمجهائيندي چيم ته مون وٽ جام ڏوڪڙ آهن – تون فڪر نه ڪر – مان پنهنجا ڪيسيٽ ۽ سيڊيون پاڻ وٺندس – تون رڳو مون کي دڪان تي وٺي هل. جذباتي ٿي پيو، کيسي مان پرس ۽ پرس مان پنجن ڇهن بينڪن جا ڪريڊٽ ڪارڊ ڪڍي، منهنجي سامهون رکيائين. هڪ هڪ ڪريڊٽ ڪارڊ هٿ ۾ کڻي، مون کي ڏيکاريندي چوندو رهيو: هن بينڪ ۾ منهنجا هيترا لک آهن – هن بينڪ ۾ هيترا ڪروڙ آهن – تون فڪر نه ڪر – جيڪي وڻيئي خريد ڪر.
مون کي دڪان تي وٺي هليو. دڪان جو نالو ڪجهه پل اڳ ياد هو، هينئر ذهن تان ٿڙي ويو آهي. مون کي فقط ايترو ياد آهي ته هڪ گهٽيءَ طرف اشارو ڪندي لڇمڻ چيو هو ته، اِن گهٽيءَ ۾ هري موٽواڻي رهندو هو. هري موٽواڻي ورهين جا ورهيه ڪونج رسالي جو ايڊيٽر رهيو هو. منهنجي هر ڪا چٻي ٽنڊي تحرير ڇپي ڇڏيندو هو. گڏوگڏ پڙهندڙن جا رايا، تنقيدون، تعريفون ۽ ٽيڪاٽپڻيون پڻ شايع ڪندو هو. اهڙيءَ طرح شروعاتي دور ۾ ئي مون کي فيڊ بيڪ( Feed Back) جي خبر پئجي ويئي. ورنه ان کان اڳ ڪا ڪهاڻي لکڻ مهل ۽ لکڻ کان پوءِ منهنجي ذهن ۾ نامور سنڌي ليکڪن جا نالا ايندا رهندا هئا. فلاڻي عظيم ليکڪ کي منهنجي ڪهاڻي پسند ايندي! فلاڻو ناليوارو ليکڪ منهنجي ڪهاڻيءَ جي باري ۾ ڪهڙو رايو ڏيندو! ارشد آخوند، رشيد ڀٽي، ع. ق. شيخ، بشير مورياڻي، ثميرا زرين، غلام رباني آگري، اياز قادري، جمال ابڙي کي منهنجي ڪهاڻي وڻندي! منهنجي ذهن ۾ وسوسا ۽ سوداوَ هوندا هئا. هري موٽواڻي ڪونج ۾ فيڊبيڪ ذريعي مون کي وسوسن ۽ وهمن کان آزاد ڪرائي ڇڏيو. مان وڏن ليکڪن جي دٻدٻي کان آزاد ٿي ويس. مون کي پنهنجي مرضيءَ موجب لکڻ لاءِ واٽ ملي ويئي. اُن ڏينهن کان اڄ ڏينهن تائين نامور ليکڪن بدران منهنجي لاشعور ۾ عام پڙهندڙن جاءِ والاري ورتي آهي. مان هنن سان پنهنجين تحريرن ۾ ڳالهائيندو آهيان، هنن سان اندر جو حال اوريندو آهيان. پنجيتاليهه سال اڳ شايع ٿيل ڪتاب دل جي دنيا ۽ جڏهن مان نه هوندس کان وٺي تازو شايع ٿيل ڪتاب، زوال جو عڪس تائين، مهربان پڙهندڙ منهنجا ڪتاب خريد ڪري بسن، ريل گاڏين، هوٽلن، گهرن ۽ هاسٽلن ۾ پڙهندا آهن. پڙهندڙن جي قرب ڪري فقير جا ڪتاب پنجيتاليهه سالن کان شايع ٿي رهيا آهن. اِن ۾ مون مٽيءَ هاڻي جو ڪو ڪمال ڪونهي، سارو ڪمال هري موٽواڻي ۽ سندس رسالي ڪونج جو آهي. منهنجي لاءِ اهڙو ئي ڪمال طارق اشرف پنهنجي رسالي سهڻيءَ ۾ ڪري ڏيکاريو.
ڪونج جي ڪري لڇمڻ ڪومل مون سان مليو، بلڪه مون کي مليو. زندگي ۽ سوسائٽي ڏانهن روين ۾ هڪٻئي کان بنهه مختلف هئڻ جي باوجود لڇمڻ ۽ مان سٺ سالن کان هڪٻئي جي ساهه ۾ رهياسين. لڇمڻ ٽن W جو شيدائي ۽ مان ٽن W جو متفرق معنيٰ انڪاري. لڇمڻ کي ٽن W ۾ ڀرپور زندگي لڳندي هئي، مان ٽن W کي انسان لاءِ ذاتي غلاميءَ جا زنجير سمجهندو آهيان، جن کي ڳچيءَ ۾ وجهي انسان شخصي آزاديءَ کان محروم ٿي ويندو آهي. شخصي آزاديءَ کان اتاهون، مٿانهون منهنجي لاءِ ڪجهه به نه آهي. ٽن W مان مراد آهي Women, Wine & Wealth، انهن ٽن W ۾ مان چوٿون W به شامل ڪندو آهيان. چوٿون W لڇمڻ ۽ مون ۾ بلڪل هڪجهڙو آهي. چوٿين W مان منهنجي مراد آهي Worship(بندگي). مون وانگر لڇمڻ به بندگي نه ڪندو هو.
سٺ سالن جو ساٿ پڄاڻيءَ تي پهتو. منهنجي وجود جي هڪ حصي ساهه کڻڻ ڇڏي ڏنو.